سر ڏھر

داستان پھريون

1
ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِيُنِ جُون؛
ڪِئَن سي راتَڙِيُون، ڪَنھن پَرِ ڏِينھن گُذارِئين؟
2
جان تو ھئَڙو سُورُ، ڪَنڊا! ڍور ڌَڻِيُنِ جو؛
مٿي لامُنِ ٻُورُ، مورِيءَ مَڃَرَ نہ ڪَرِئين.
3
ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏھن ڀَرِيو ڍورُ وَھي؟
جَسودَنِ جيڏو، تو ڪو گَڏِيو پَھيَڙو؟
4
سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِيا؛
جُنگنِ ڇَڏِيو زورُ، سَرُ سُڪو، سُونگي گَيا.
5
سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿِيو، ڪنڌِيءَ ڏِنو ڪائو؛
سو پاڻي پَٽِيھلَ ۾، اَڳِيون نہ آيو؛
ماڙُھنِ ميڙائو، ڪَنھين ڪَنھين ڀيڻئِين.
6
ڍورُ نہ اَڳينءَ ڍارَ، مھندِ مَلاحَنِ لَکِيو؛
موڙي ڇوڙِيا مَڪُڙا، پَسِي پاڻيءَ پارَ؛
جَسودَنِ جيھا يارَ، پِيَڙا وِيرَ وِماسَ ۾.
7
جان واھڙَ ۾ وَھ، تان تون، مَڇَ! نہ موٽِئين؛
ڪائي ۾ ڪوھ ڪَرِئين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ؟
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَھميزُون مَلاحَنِ جُون.
8
جان جَرُ ھئَڙو جالَ، تان تُون، مَڇَ! نہ موٽِئين؛
پَوَندِيَءِ اَڄ ڪِ ڪالَ، سانڀويُون سانگِنِ جُون.
9
جان جَرُ ھئڙو سِيرَ، تان تُون، مَڇَ! نہ موٽِئين؛
آڏا اَڏي ڪِيرَ، گَهٽَ بہ جَهلِيَءِ گهاتُئين.
10
مَتو آھين مَڇَ! ٿُلهو ٿو ٿُونا ھڻِين؛
جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تَنھن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھنڙا.
11
ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏھن ھنيائُون؛
موتِ نہ ماريائُون، ڏورِ ڏئي وِيا ڏکَ جِي.

وائي

لايَءِ جا وَرۡنَ کي، سا ڪانڌَ! مُنھنجي ڪورا.
ماءُ! مارِيندَمِ ڪَڏھين، ھنَ پِرِينءَ جي ھورا؛
اَچَنِ پِرِين پَٻَکِيا، ڪَرَ ٻاٻِيھو جِئن مورا؛
سيڻين سِرکَنڊُ سَپَجي، ٻِيو عَطُرَ پِرِين اَتورا؛
ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِيو، ٻِي تازِي ڦُلَنِ ڦورا؛
اَلا! عَبۡدُاللَطِيفُ کي، سانوَل ميڙِ سَنڀُوڙا.

داستان ٻيو

1
مَدِيني جا مِيرَ! سُڻُ مُنھنجا سَڏَڙا؛
سَرَڻِ تُنھنجي سِيرَ، تُون پارِ لَنگهائِيين پَيَڙا.
2
ڌَڻِي! سو وارِئين واءُ، جو ميڙائو سَڄَڻين؛
وَھيءَ واٽَ مَٿاءُ، ھنئَڙي آسَرَ مَ لَھي.
3
نيڻَ جي نِھارِينِ، سي اَڄُ نہ اوٺِي آئِيا؛
ھنجُون نہ ھارِينِ، پاڻِي پُنهونءَ ڄامَ ري.
4
نيڻَ نِھاري مُنھنجا، روئِي ٿِيا رَتُ؛
پُنهونءَ ھوءِ پَھتُ، تہ پارِي نِيَنِ پاڻَ سين.
5
اڄُ اَڱَڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيانِ؛
ڏُونگَرِ ڏِينھن لَڳانِ، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين.
6
اَللھ جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسِرو؛
خالِقَ! تُنھنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نہ ڪوءِ؛
نالو، ربَ! سَندوءِ، رَھيو آھمِ رُوحَ ۾.
7
صاحِبَ! تُنھنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِي سُون؛
پَنَ ٻوڙِين پاتالَ ۾، پَھڻَ تارِين تُون؛
جيڪَرَ اچِين مُون، تہ ميرِيائِي مانُ لَھان.
8
جيڏو تنُھنجو نانءُ، ٻاجَهہ بہ اوڏِيائي مَڱانءِ؛
رِءَ ٿَنڀين، رِءَ ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءَ؛
ڪُڄاڙو ڪَھانءِ؟ توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
9
سَتَرُ ڪرِ سَتارَ! آءٌ اگهاڙِي آھيان؛
ڍَڪِئين ڍَڪَڻَھارَ! ڏيئِي پاندُ پَناھ جو.

وائي

مُون کي نِنڊَ نہ نيڻين نيڻين، ڪالَهون پوءِ لَڪَن ۾.
موٽُ تُون آيَلَ! مُنھنجِي ماءُ! تان تو ڏُکُ نہ ڪيڻين ڪيڻين؛
ھوءِ نہ نينِمِ پاڻَ سين، جا ويندڙِي سيڻين سيڻين؛
ڪالهوڻِيان اَڄُ گَهڻِي، جهورَڙِي جهيڻين جهيڻين.
ٻِيُون سَڀُ واڳِيون وَرَنِ سين، آءٌ جا واڳَڙِي ويڻين ويڻين.
ھنئَڙو ڏاڙھونءَ گُلَ جِئن، روئي رَتڙو نيڻين نيڻين.
اَلا! عَبۡدَاللَطِيفُ چئي، مُحِبَ اسان تُون ميڙين ميڙين.

داستان ٽيون

1
ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ! مُون نِماڻِيءَ جي نِجهري؛
پِرِين! تُنھنجي پاندَ، ڍولا! ڍَڪِي آھيان.
2
جِئن تون قائِمُ، ڪانڌ! تِئَن آءٌ وَرَ! وِلهي نہ ٿِيان؛
پَکي ڇِنان پاندَ، ڳَنڍُ نہ ڄاڻي ڪو ٻِيو.
3
ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيتِرا، مُون وَرُ وڏِي کاندِ؛
پاڻا ڍَڪي پاندِ، جي ڏِسي ڏوھ اَکِيُنِ سين.
4
وَرَ سين وِجِهيو ڪاڻِ، کَرَ سين کِلَڻ پائِيين؛
ڀورِي! مُنڌَ اَڄاڻِ، ڪَڻَ ڇَڏِيو تُھَ ميڙِئين.
5
سُتا! اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نہ ڪَجي ايتِرِي؛
سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُنِ ڪندي نہ ٿِئي.
6
ڪِي سُمهہ، ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نہ ڪَجي ايتِرِي؛
اِيُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻيھُ ڀانئِيو.
7
جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آھي اَدا! جن کي؛
لاھي جو، لَطِيفُ چئي، مَٿان قَلۡبَ ڪَسُ؛
وَرنَھَ! ڪَجان وَسُ، صُبُحَ ساڻ، سَيَدَ چئي.
8
ھي تان ٿورَڙِيُون، جي تُون، ڀورا! پَسِي ڀُلِئين؛
راتِيُون ٻِيُون گَهڻِيُون، جي تو اِيندِيُون ھيڪِلي.
9
سُمَهڻان ساڙو، جيڏِيُون! جيڏو ئِي ٿِيو؛
پِرِين سين پاڙو، مُنھنجو نِنڊَ نِبيرِيو.
10
پِرَھ ڦُٽِي، راتِ گَئِي، جهيڻا ٿيا نَکَٽَ؛
ھارِي! وِيَءَ وَٽَ، گَهڻا ھڻندِينءَ ھٿَڙا.
11
پيئِي جا پِرِڀاتِ، سا ماڪَ مَ پَسو ماڙُھئا!
روئِي ڇُڙِي راتِ، ڏسي ڏُکويَنِ کي.
12
ڍولُ مَ کڻي ٻانھنڙِي، پِرِھ مَ کَڻي پاندُ؛
آءٌ پَنھنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪي رائِيان.
13
ڦِريا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِيَنِ کِيرُ نہ چَکِيو؛
دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلها ٿِيا.

داستان چوٿون

1
روھ راماڻا ڪَنِ، اَڄُ پڻ ھلَڻَ ھارِيُون؛
ڪَرڳَلُ ڪُونجَڙِيَن، رائي ۾ راتِ ڪَيو.
2
وَڳَرُ اُڪِيري سَرُ سارِيو، سُورَ چَري؛
جُهري جِهڄندي ڏِئي، سَنِيھا کي سَڄَڻين.
3
وَڳَرُ وِساري، ويٺينءَ ڪِئن ماٺِ ڪَري؟
ڪِ تو نہ ماري، رُڻُ جُهڻُ سَندِي سَڄَڻين؟
4
وَڳَرَ وِيا وَھي، ڪالَهہ تُنھنجا ڪُونجَڙِي!
ڪَندِينءَ ڪوھ رھي، سَر ۾ سُپيرِيُنِ ري؟
5
وَڳَرَ ڪَيو وَتَنِ، پِرِتِ نہ ڇِنَنَ پاڻَ ۾؛
پَسو پَکِيَڙَنِ، ماڙُھنِئان ميٺُ گَهڻو.
6
مَ لنئُن ڪُونجِي! ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ ھنئين چاڪَ؛
ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گَهرِ گهارِيندِيُون ڪيتِرو؟
7
ڪُونجَڙِيءَ ڪالَهہ لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌَمِ چِتِ؛
آءٌ جِنين رِءَ ھتِ، گَهنگَهرَ گهارِيان ڏِينھڙا.
8
اُتَرَ ڏي آلاپَ، ڪالَهونڪَرَ ڪُونجَ ڪَري؛
پِرِين پَسِي مَنجِهہ خوابَ، وِھاڻِيءَ وايُون ڪَري.
9
ڪُونجُون ٿِيُون ڪُڻِڪَنآِ، جيڪُسِ ھلَڻَ ھارِيُون؛
ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون.
10
آيُون ڍورَ ڍرِي، اصُلَ سَندي آسِري؛
کَنڀَڙَ ڀُونءِ کَرِي، پاڻان پير ڏُکويا پَکَڻين.
11
ڪُونجَ نہ لَکِيو ٻاڻُ، مارِيءَ سَندي مَنَ ۾؛
اوچِتي پَرياڻَ، وَڳَرَ ھڻِي ويڇُون ڪَيا.
12
ڪُونجَ! نہ پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنھن سين ڍَٻيو؛
مارِيءَ ماري لَکَ، وَڳَرَ ھڻِي ويڇُون ڪَيا.
13
مارِي! مَرِين شالَ! ڍَٻَ وَڃَنَئِي ڍَٻِيُون؛
جِئن تو اَچِي ڪالَ، وِڌو وِچُ وِرِھنِ کي.
14
ڪَيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ! سَنگهارَنِ سين؛
جنِين جي خَمِيسَ، وارِيُون واري ڇَڏِيُون.
15
جِيَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جنِين گهارِيان؛
مانَ لَھنِئُون سارَ، وِچِ وِلهين ڏِينھڙين.
16
جي ڀانئِين وَسَ چَران، تہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ؛
تہ ھاڃي سَندِي ھڏِ، ڪُوڪَ نہ سُڻِين ڪَڏَھين.
17
مَنڌِيُون مَٽِ گُڙَنِ، جهوڪَ بہ سُونھنِ پَھيَڙا؛
سَندِي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِئاري جَڏَڙين.
18
جاڳو، جاڙيجا! سما سُک مَ سُمهو؛
پَسو، آن پاريا، لاکو ٿو لوڙيُون ڪَري.
19
ٽاٽُونڪِينِ پَلاڻَ، سَدا ھڻَنِ کَرِکِرا؛
لاکي لوڙائِنُ جا، اَھڙا ئِي اُھڃاڻَ؛
ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇَڙي.
20
ريٻارَڻِ! رِيجهاءِ، لاکو لُولاٽِيُنِ سين؛
سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٺُ مَٽائي ٺاڪُرُو.
21
لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڀيرُ ٻِيو؛
جَنھن ڀَرِ راڻا، راڄِيا، ڪوٽَنِ مَنجهہ ڪُنبَنِ؛
جَنھن جو جاڙيجَنِ، سُتي سَنچو نہ لَھي.
22
لاکو لکِيءَ تي چَڙھي، لَکِي لاکي ھيٺِ؛
سونھرايُون سِرِ ڪَيو، ڀِيڙي ٻَڌي بيٺِ؛
ڪَندو ڏَمَرَ ڏيٺِ، صُباحَ ساڻُ سَڀَڪَنھِين.

سر ڏھر پورو ٿيو