سر ڪوھياري

داستان پھريون

1
لَيلَ نہ جاڳِينءَ لِکَ سِيئَن، ڪُلِي نَومُ ڪَياءِ!
قُم ٿِي، پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نہ جُڳاءِ؛
مُٺِي! مھمانَنِ سين، ويھي راتِ وِھاءِ؛
جيلان نِنڊَ ڪياءِ، تي روزُ رَھين ٿِي راھ ۾.
2
اِجلِس ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ؛
نَومَ نَوازِينءَ؛ اُن جي، مَرحَبا موڏَنِ؛
رِڙھي رَسُ روڏَنِ، اَلۡيَوۡم سِيۡرُوۡا، سَسُئِي.
3
غافِلِ! غَفِلَتَ ڇوڙِ! تُون ڪِيئن، اَڻاسِي! اوجِهرين؟
چُپاتا چَڙھي ويا، وڃِي پَھتا توڙِ؛
نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرِين.
4
آلوڙو اکِينِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي!
ھاڻي ھنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪِن؟
اَديُون! اوٺِيَڙَنِ، ھنئين سان ھاڃو ڪَيو.
5
سُتِينءَ پَير ڊِگها ڪَري، وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ؛
دَرَ ڀَرِ اُڀِئين دوسِتَ جي، تہ سُرِ پُرِ ھوندَ سُياءِ؛
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نہ سِياءِ؛
پُنهونءَ سين پِياءِ؛ ٿِي، نِڀاڳِي! نِنڊُون ڪَرِين!
6
اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِئن سُمَهنِ پيرَ ڊِگها ڪَري؛
لوچِين ڇو نہ، لَطِيفُ چئي، ھارِي! لَءِ ھوتَنِ؛
نِنڊان نِڀاڳِينِ کي، اوڀالا اَچَنِ؛
سي پُنهون ڪوھ پُڇَنَ؟ جي سَنجهي رَھنِ سُمهي.
7
سُتِينءَ سَنجهيئِي، مُنھن ويڙھي مُئنِ جِئَن؛
اوجاڳو اکِيُنِ کي، ڄاتوءِ نہ ڏيئِي؛
ھٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيُنِ ڪَرِين!
داستان ٻيو
1
ڏُونگَرَ! تُون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايُون ڪَرِين؛
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَھين، جِئن وَڻُ وَڍي واڍو؛
اِي ڪَرَمَ جو ڪاڍو، ناتَ پَٿَرِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري؟
2
ڏُونگَرَ! ڏکَ سَنداءِ، پِرِين گَڏِجان تہ چوان؛
ڀِنِيءَ ٿِئين ڀَوارَئون، ٻِيا وِنگا وَرَ سَنداءِ؛
چڱِي ڪانَ ڪَياءِ، پَيرُ وِڃايُءِ پِرِينءَ جو.
3
ڏُونگَرَ! ڏوراپو، پَھريون چَوندِيَسِ پِرِينءَ کي:
”پَھڻَ پيرَ پِٿُون ڪَيا، تِريُون ڇِنيُون تو؛
رَحمُ نہ پِيُءِ رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنھنجو ڪو؛
واڪو ڪَندِيَسِ: ‘وو! مُون سان جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري“!
4
ڏُونگَرَ! ڏُکويُنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ؛
گهڻو پُڇِجي تِن کي، جِن وَٽان ھوتَ وَڃَنِ؛
تُون ڪِئن سَندا تن، پَھڻَ پيرَ ڏُکوئِيين؟
5
ڏُونگَرَ! ڏُکويُنِ کي، ڳَلِ نہ سُڪا ڳوڙھا؛
ھو جي پَھڻَ پَٻَ جا، سي ڀَڄِي ٿِيا ڀورا؛
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪَيو!
6
ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏکِيءَ ڏُونگَرَ پاڻَ ۾؛
سُڻِي سا تَنوار، مِرُون پِيا مامري.
7
ڏُونگَرَ ڀُونيِنِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين؛
ھھڙا سيڻ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَھندِينءَ ڪي ٻِيا.
8
ٻَئِي ويٺا رُوَنِ، ڏکِي ڏُونگَرَ پاڻَ ۾؛
ڪنھنکي ڪِينَ چُونِ، مَنجِهنِ جو پِرِيتَڻو.
9
تَپِي ڪَندين ڪوھ؟ ڏُونگَرَ! ڏُکويُنِ کي؛
تُون جي پَھڻَ پَٻَ جا، تہ لِڱَ مُنھنجا لوھ؛
ڪَنھنجو ڪونهي ڏوھ، اَمُرَ مُون سين اِئن ڪَيو.
10
ٻَڙِيَ! تہ ٻيلِي گهڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ؛
رَفاقَتَ رُڃُنِ ۾، ڏُونگَرَ ڪاري ڏُکُ؛
آرِيءَ جو اَھکُ، مُون رَھنُما راھ ٿِيو.

داستان ٽيون

1
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھت، ھوتاڻِي! ھاڻِ؛
اوڏِي مُنڌَ اُٺَنِ کي، الله ڪارَڻِ آڻِ؛
پورھيو ڪَندِيسِ پاڻِ، اَڳِيان آرِيچَنِ جي.
2
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، پوءِ رَھايَسِ ’پاڻِ‘؛
جي ڀُلايُون ڀاڻِ، تن کي رَسُ، رَسِيلا، راھ ۾.
3
سُتي پَوَنِ ڇِرِڪَ، آيَلِ! ٻاروچَنِ جا؛
وَمَ وِھاٽِي، وو! ڙي! ڪوھياري ڪِرِڪَ؛
ڌَڙُ ڌُوڻِيو تنھن ڌَڪَ، جَڏِيءَ جِئڻ نہ ٿِئي!
4
سُتي پَوَنِ ڇِرِڪَ، آيَلِ! ٻارَوچَنِ جا؛
پُنهونءَ جي پَيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ؛
ھنيَمِ ھوتَ ڪِرِڪَ، لوچان، لوھ نہ نِڪري.
5
جيھي جي تيھي، تہ بہ ٻانھي ٻاروچَنِ جِي؛
حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِي ڪيھي؟
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَلئ آءٌ پيئِي؛
ھوءَ جا پائِينِ پيرَ ۾، تنھن جُتِي نہ جيھي؛
وِساري ويھي، تن ڪيچِيُنِ کي ڪِيئن رَھان؟
6
ھئِي، جي نہ ھئِي؛ تہ بہ ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي؛
اِنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي؛
ھُنِ تان لَڄَ لُئِي، ھِنَ جو ھلَڻَ ھوتَ ڏي.

داستان چوٿون

1
ڳائِي نہ وائِي؛ اَدِيُون! آرِيچَن جِي؛
ڪنھن پَرِ ڪَھِي لَنگهيان، جَبَلَ جهاجهائِي؛
جيڪسِ واجهائِي، ھاڻي مَرَندِيَسِ ھوتَ لَءِ؟
2
ھلَڻُ سَھان نہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نہ وَسِ؛
اَللھ! آرِيچَن جِي، گولِي ميڙِئين گَسِ؛
پِرِين، پَنھوار! تو پُڇان، ڏُونگرِيا! مُون ڏَسِ؛
اکِينِ جِي آرَسِ، مُنڌَ جيھائِي جوڙَ ڪِي.
3
مُون کي جنِين مارِيو، آن ڪي گَڏِيا سي؟
تَنَ ۾ طاقَتَ ناھ ڪا، اَدا! اُنِين ري؛
سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلان ڳالهہ ڳَرِي ٿِي.
4
مُون کي جنِين مارِيو، سُڃاتِمَ سيئِي؛
پُنهون پَيڪانَ پَڇَنڊِيا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي؛
ويڄَنِئون ويئِي، ٿِي وَھيڻِي سَڄڻَين.
5
پَرتَوو پُنهونءَ جو، سَھائِي، سِياھَ؛
مُنھن ڏيئِي مُون آئِيو، رَنگارَنگِي راھَ؛
پَھرِين ڏِيندا پاھَ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
6
پَرتَوو پُنهونءَ جو، رُڳيائِي راحَتَ؛
ڀانئِيان ڏِينھن ڀَوارئون، ساڄَنَ لاءِ صِحَتَ؛
مِٺِي مُصِيبَتَ، آرِي ڄامَ جِي.

داستان پنجون

1
رِءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪَيو، ويٺِي وِرِھَ چَران؛
اِنَ عَذابان اَڳَهين، مادَرِ! ڇو نہ مَران؟
اَدِيُون! جو نہ اَوھان، سو مان سُر سَرَتِيُون!
2
اَدِيُون! اَگهي آھيان، پِرِيُنِ پُڄاڻا؛
سي ڪوھيارا ڪيڻِ وِيا، ساڄَنَ سِياڻا؟
جي سَسُئِي سيباڻ، سي وڃِي ڪيچِ قَرارِيا.
3
حَقِيقَتَ ھنَ حالَ جِي، جي ظاھرُ ڪَرِيان ذَرِي؛
لَڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، ڏُونگَرَ پُونِ ڏَرِي؛
وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَرِ اُڀِري ڪِينَ ڪِي.
4
حَقِيقَتَ ھنَ حالَ جِي، جي ظاھرُ ڪَرِيان زبانَ؛
لَڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، رسي سُورُ شَبانَ؛
ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، جَبَلُ سَڀِ جَلِي وَڃي.
5
سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي؛
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ!
وَرُ وِلَهنِ جا وَسِيلَ! رَسُ، رَھبَرَ! راھ ۾.
6
سرَتِيون سُوراتِنِ جي، ڪوھ ٿِيون پَٿَرِ پَوَنِ؟
گهاءُ نہ لَڳُنِ گهٽَ جو، رِيا مان ٿِيُون رُوَنِ؛
چيتارِيو نہ چَوَنِ، پارَ مُنھجي پِرِينءَ تان.

داستان ڇھون

1
ڪَنھن پَر رُئان پِرِينءَ کي؟ اَندَرِ ناھ اُساٽ؛
لوھوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ؛
ڇَپَر ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
2
ڪَنھن پَر رُئان پِرِينءَ کي؟ پَچَڻَ ناھ پَچارَ؛
اَندَرِ ٿِي آھون ڪَرِيان، کاڻِي مَنجهہ خُمارَ؛
گِريي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
3
سُڃَ وَسَندِي تن کي، جوشَ جَلايا جي؛
طالِبَ جي تحَقَيقَ جا، نِينھن تنِين وَٽِ ني؛
ٽيڏِي پَسي ٽي، ھو تان آھي ھيڪِڙو.
4
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، ھلِجِ پاسي ھيڪَ؛
وَرُ نہ سَھي ويڪَ، تُون، ٽيڏِي! ٽِئايُون ڪَرِين.
5
اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسِرِي؛
سُونھين ٿِي سُواٽَ، تہ مَنجهان دِلِ دَڳُ لَھين.
6
پانھين، پسِي پَٻُ؛ مَتان ڪا، مُنڌَ! ڏِئين؛
اَڳيان ڪَؤ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.

سر ڪوھياري پورو ٿيو