سر مارئي

داستان پھريون

1
’اَلَستُ بِرَبِّکُم‘، جَڏھن ڪَنِ پِيومِ؛
’قَالُوا بَلىٰ‘ قَلبَ سِين، تَڏَھن تِتِ چَيومِ؛
تَنھِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙِھيچَن سِين.
2
جَڏھن ’کُن فَيَکُونُ‘، مَنُ تَڏھانڪُون مارُئين؛
تُون ڪِئَن وِجِهين تن کي، سُومِرا! شَڪُون؟
ھمِيرَنِ ھڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيُون!
3
نَڪا ’کُنۡ فَيَکُون‘ ھئي، نَڪا مُورَتَ ماھ؛
نَڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرضُ گُناھ؛
ھيڪائي ھيڪ ھئي، وَحۡدانِيتَ واھ؛
لَکِيائِين لَطِيفُ چَئي، اُتِ ڳُجهاندَرَ ڳاھ؛
اکيُن ۽ اَرۡواحَ، اِھا ساڃاءِ، سُپِرِين!
4
’قَيدُالۡماءِ‘ ٿِيومِ، ھتِ اَڙانگي گهارِيان؛
’ھناکَ جِسۡمِيۡ وَالۡفُؤَادُ لَدَيۡکُمۡ’، ھنئون ھتِ سَندومِ؛
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙاڪو سِين مارُئين!
5
جَھڙو ’قَيدُالۡماءِ‘، تَھڙو بَندُ نہ ڪو ٻِيو؛
’جَفَّ الۡقَلَمُ بِـمَا ھُوَ ڪائِنٌ‘، لَھي نہ تِرُ تِئاءِ؛
عُمَرَ! تو ھٿاءِ، اَجائي ٿِئي آجِڙين!
6
رِءَ اِعرابِيُنِ ھتِ، گَهنگَهرُ گهارَڻُ مون ٿِيو؛
’بَکَتِ الۡعَيۡنَانِ فِيۡ ھوَاکَ دَماً‘، پُڄان ساڻُ پِرِتِ،
مَنُ، اَکيُون، تَنُ تِتِ، جِتي جَنَبُ جيڏِيين.
7
ھي ھنڌَ، ڀيڻِيون ھاڻِ، ساڙِيان سڀِ ڏيھيُن ري؛
’کُلُّ شَيءٍ يَرجِعُ اِلىٰ اَصلِهٖ‘، ٿي جِهڄان جهانگيُنِ ڪاڻِ؛
ڀِرِي پَنھنجي ڀاڻِ، پَسان مُلِڪُ مَلِيرَ جو!

داستان ٻيو

1
نَڪو ايرُ نہ ڀيرُ، نَڪو اوٺِي آيو؛
مون وَٽِ آيو ڪونَ ڪو، ڀائِران ڀَري پيرَ؛
ڪِتابَتُون ڪيرُ، آڻي ڏِيندُمِ اُنِ جُون؟
2
اوٺِي! ڳوٺِي آڻِئين، ڪو ھتي جو ھتِ ھيرَ؛
تہ ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، ٿِيَنِ سَرھا سيرَ؛
آءُ تہ اکِيين اگهان، جي پائُرِ ڏِنَءِ پيرَ؛
الله لَڳِ لَطِيفُ چئي، لاءِ مَ تُون اَويرَ؛
ڪوٺِيين گهاري ڪير؟ مَحَلين مُنجهي مُون ھنئون!
3
جي اَمُرُ ھنيو اَڌَ ڪري، سي ڪاغَذَ لِکان ڪِيئَن؟
واڳيُون جي وِصالَ سين، تنِين چاڙھي چِيھن؛
رُئان راتون ڏِينھن، جِئَن اُن جي وائِيءَ ۾ وَرَ گهڻا.
4
ٿَرَ ٿرَ اَندَرِ ٿاڪَ، عُمَرَ! ماروئَڙَنِ جا؛
لاٿائون لَطِيفُ چئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ؛
عُمَرَ! ڪَرِيو آکَ، پَھرِيو ٿي پَنَ چَران.
5
سَھسين سيبا ڪَنجرِي، لوئِي ليِڙَ ٿِيامِ؛
اَباڻَنِ جي آسِري، ڪَتِي ڪانَ ڪيامِ؛
جا ڍَٽَ ڍَڪِيامِ، تَنھنجو پَرِوَرَ! پَنَ رَھائِيين.
6
سَھسين سيبا ڪَنجُرِي، لوئِي لِيڙُون لِيڙَ؛
واسي وارَ نہ ويڙِھيان، مَرُ چَڳُون رَھنِ چِيڙَ؛
مارُوءَ جي مُھاڙِ رِءَ، اَندَرِ ناھ اُڪِيرَ؛
ھھڙو حالُ ھميرَ، وٺي شالَ ويڙھ وَڃان!
7
سِبِي، سيبا ڏي، ڀورِي نِينھن نہ ڪَچوئي؛
کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيون، سَتِي سِيڻي سي؛
مَڇُڻِ چَوَنمِ ڪي، تہ لڄائِيُءِ ٿَرَ ڄائِيُون!

داستان ٽيون

1
پَٽولا پَنوَھارِيُون، مُورِ نہ مَٿي ڪَنِ؛
جُھ لاکَ رَتائُون لوئِيُون، تہ سالُنِئان سُونھَنِ؛
اُنَ ايلاچَنِئُون اَڳرِي، بَخِمَلَ بافتَنِ؛
سَکَرَ ڀانئِيان سُومِرا! کَٿِي کان کُنھِبَنِ؛
جا ڏِنِيَمِ ڏاڏاڻَنِ، سا لاھيندي لَڄَ مَران.
2
آرَمَ ھڏِ مَ اوڍِيان، پَٽولا، پَٽَ چِيرَ؛
ٻانڌُوڻا ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ؛
مارُوءَ سين شَلَ ماڻِيان، کَٿِيُون جَهڙيُون کِيرَ!
اَندَرِ اُڃَ اُڪِيرَ، مُون کي پِرينءَ پنوَھارَ جِي.
3
سونَ بَرابَرِ سَڳِڙا، مارُوءَ سَندا مُون؛
پَٽولا پَنوَھارِ کي عُمَرَ! آڇِ مَ تُون؛
وَرُ لوئي جي لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنيامِ جا.
4
سونَ برابرِ سڳِڙا، لُون لُون بَرابَرِ لَکُ؛
رُپو جنھن رَدِ ڪَيو، ڪوڙ تَنھين کي ڪَکُ؛
مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ نہ لائِيان تُنھنجو.
5
تيلُ نہ لائِيان تُنھنجو، مُون مارُوءَ جو مَنِ؛
ڪَرِيان ٻِي نہ ڪَنِ، آھرَ اُنَھين آھيان.
6
ڪَرايُنِ ڪَڙورِ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِ؛
سو مَرَڪُ مارُوئَڙنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
7
ڪارا ڪَرايُنِ ۾، سونُ اسان کي سُوءَ؛
وَرُ جيڏِيُنِ سِين جُوعَ، فاقو فَرحَتَ ڀانئِيان.
8
اِيَ نہ مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛
پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نہ مَٽِيان.
9
وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيون، صحرا سَتُرُ جِنِ؛
گولاڙا ۽ گُگِريُون، اَوڇَڻَ اَباڻَنِ؛
ويڙھيا گُهمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهہ جَهنگَنِ؛
مُون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳَڻائِي سيڄَ ۾!
10
پَلُرُ پِيَڻُ اَوڇَڻُ اُنَ، جن جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ؛
وِھڻُ وَراڪَنِ ۾، اُنِ جِي اجوکِي اوطاقَ؛
پاڻُ نہ پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا بي باڪَ؛
عُمَرَ! اُوءِ نہ عاقَ، ڏکِيا جِمَ ڏُکوئِيين.
11
جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا!
ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، خوشِي ۽ خَرِيدَ؛
سِڪَڻَ ڪِيا شھيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا.

داستان چوٿون

1
مينڍا ڌوءِ مَ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھاريون چِتِ؛
راڄَ رُئاري، ھنجُون ھاري، ھيءَ ھتيجي ھتِ؛
آھسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَـپَتِ؛
وينگسِ ويڙِيچَن رِءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ؛
سُومِرا! سُپَتِ، ڪَرِ تہ ڪوٽيان نِڪَري.
2
محلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِيَمِ مُنھن مَلُورَ؛
اَڻِڀا سَڻِڀا نہ ڪري، سُونھن وِڃايَسِ سُورَ؛
پِيَسِ لوھ لَطِيفُ چئي، لَٿَسِ ڪوڏَ، ڪَپُورَ؛
چِتَ جَنين جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نہ ڪنديون.
3
ڪريو مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، روءِ اُڀِي چوءِ:
”سُھجُ سُورِي ڀانئِيان، سُومِرا! سَندوءِ؛
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھيان، جورِ نہ ٿيان جوءِ؛
سو قَلَبُ ڪوٽ نہ ھوءِ، جو ھتيجَنِ ھٿِ ڪيو“.
4
بَندي ٻِيا قرارِ، اسِين لوچُون لوھ ۾؛
مٿي تَنَ ترارَ، سدا سانڀِيڙَنِ جي.
5
لِنگڙِياري لوءَ ۾، جنِين لَءِ ٿِياسِ؛
تنِين تِرَ جيترو، پَلَڪُ نہ پُڇِياسِ؛
جَهروڪَنِ جهورِيو ھنئون، ڪوٺِيُنِ آءٌ ڪُٺِياسِ؛
مارُنِ مُنجَهہ مُياسِ، ناتَ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪينَ ڪِي.
6
جي ويجهي ٿِيان وَرَ کي، تہ سڀاڳومِ سَنئون،
نِتُ نِتُ آھ نَئون، مون کي پَسَڻُ پنوَھارَنِ جو.
7
آئون ڪِئَن ڇَڏِيان، سومِرا! تِنِ پنوَھارَنِ پَچارَ؟
جَڙَ جنِين جي جانِ ۾، لڳي رِءَ لُھارَ؛
ميخُون مُحبَتَ سَندِيُون، ھنئڙي مَنجِهہ ھزارَ؛
پَکا ۽ پَنوَھارَ، ڏِٺي مُون ڏِينھن ٿِيا.

داستان پنجون

1
سُونھن وِڃايَمِ سُومِرا! مارُو مَسَ مَڃِينِ؛
ڏُنگا ڏاڏي پوٽِيين، ڪِنِ ڏنا، ڪي ڏِينِ؛
جي مان لوھ لاھينِ، تہ ڪوٽَنِ ۾ ڪِينَ ھئان.
2
سُونھن وِڃايَمِ سومرا! ميرو مُنھن ٿِيومِ؛
وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ ھلَڻُ ناھ حُسنَ ري.
3
سُونھن وِڃايَمِ سُومِرا، ٿيندِيَسِ ڪِئن قَبُول؟
ڪونهي سُھڳُ نہ سُولُ، پُوچي مُنھن پنوَھارَ سين!
4
تِنِ مُنھن موچارا مارُئين، مَلِيرُ جنِين ماڳ؛
ناقِصَ نوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ؛
اَڱَڻِ مُون اَڀاڳُ، حُسنُ تي ھيئَن ٿِيو.
5
ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِيو، اُنِين جو اَڀاڳُ؛
’قُلۡ لَّنۡ يُّصِيۡبَنَآ اِلَّا مَا کَتَبَ الله لَنَا‘، اِيُ مَعذِرَتَ ماڳُ؛
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِيو.

داستان ڇھون

1
جَھڙِي آيَسِ جِيئن، جي تھڙِي وَڃان تِن ڏي؛
تہ لالائِيءَ جا، لَطِيفُ چئي، ڪَرَ مُندُنِ اُٺا مِينھن؛
ماڙِيءَ لَڳُمِ مِھڻو، سڀَ ڄَماندَرَ سِيئَن؛
ٿِيَسِ ڪاڻِياري ڪانڌَ جِي، ھتي اَچي ھيئَن؛
ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِيئن، مَنَھِن مارُوئَڙَنِ جي؟
2
ھيڪُ جِئن نہ ڄاياسِ، ٻِيو ڄاپَندي جي مران؛
گَهنگُهرُ گَهڻو ٿِياسِ، ڄاپِي مارُوئَڙَنِ کي.
3
سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومِرا! مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ، مِيرَ!
ٿورين گَهڻين ڏِينھنڙين، وِيندِيَسِ ھتِ ھمِيرَ!
مَڇُڻِ مَنجِهہ مَلِيرَ، ڪَنڌُ مَٿانھون نہ کَڻان.
4
مَ سَپَنِي مارُئِي! مُئِي! مَ ڄائِي؛
جنھن اَچِي عُمَرَڪوٽ ۾ لوئي لڄائي؛
جا سانگيُنِ سِيڏائِي، سا ڪِينَ مَرڪي ماڙِيين!
5
اَلا! اِئَن مَ ھوءِ، جيئن آءٌ مران بَندَ ۾!
جُسو زنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينھان روءِ؛
پَھرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينھنڙا!
6
آءٌ بَندِياڻي بندَ ۾، ڪِ ڪي پِيَسِ بَند؟
مُنھين لڳو مَھڻو، ڪِ مُنھين ڪَڙو ڪَنڌِ؟
مَران جي ھنَ ھنڌِ، تہ نِجانءِ مَئِٿُ مَلِير ڏي.
7
واجهائي وَطَنَ کي، ساري، ڏِيان ساھ؛
بُتُ منھنجو بَندَ ۾، قيدِ مَ ڪريجاھ؛
پَرَڏيھياڻي پِرينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاھ؛
ٿَڌِي وَسائِجانءِ ٿَرَنِ جي، مِٽي مُئِيءَ مَٿاھ؛
جي پويون ٿِئي پَساھ، تہ نِجانءِ مَڙھ مَلِيرَ ڏي.
8
واجهائي وَطَنَ کي، ساري، ساھ ڏِيان؛
ھيُ سِرُ ساڙيھ سامُھون، مُنھنجو نِج، ميان!
مُقامِياڻي مارُئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان!
مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙھ مَلِيرَ ڏي.
9
واجهائي وطن کي، آءٌ جي ھتِ مُياسِ؛
گورَ مُنھنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَھارنِ پاسِ؛
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھ جِي، مَنجهان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙھ مَلِيرَ ڏي.
10
ڳِچِيءَ ڳانا لوھ جا، زيريُون ۽ زنجيِرَ؛
پَيڪَڙا پَيرنِ ۾، ڪوٺِيُن اندَرِ ڪِيرَ؛
چارِي چؤگانَنِ ۾، واھيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ؛
ڇَنِ نہ ڇَڄي آھيان، اھڙيءَ سِٽَ سَرِيرَ؛
مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَنوَھارِ کي.
11
زيرِيين ٻيڙِيين لوھ ۾، ڳَٽَنِ ڪَيَسِ ڳاھ؛
سَنڪي سَندي سُومِري، ھڏِ نہ چاڙھيُمِ ماھ؛
سَرَتِيُون! دُعا ڪَجاھ، تہ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَھي.
12
ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَھي، جَنھن ۾ اڇِي اُنَ؛
تہ پڻُ ويٺي وِنڌِيان، توڙي پَوَنسِ تُنَ؛
غافِلُ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ! مَنجِهہ اَمُنَ؛
سَرتِيُنِ ساڻُ سَمُنَ، آھمِ اُٺي مِينھنڙي.

داستان ستون

1
پنوَھارَنِ پاٻوھيو، وَرِيا واھندا؛
سارِيَمِ سيڻَ سَيَدُ چئي، گاڏيلِيُون گُندا؛
ڀِٽُن ڀَرِ ھُندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.
2
پَنوَھارَنِ پاٻوھيو، ڪِي وَسَ واھندَنِ؛
لَٿو سِيُ لَطِيفُ چئي، ٻَڌو ڦَڻُ ڦرَنِ؛
اُوءِ ٿا ڪورِنِ ڪُنئَرِي، سَرَتِيُون مَٿان سَسَنِ؛
عُمَرَ! اُنَ اَگُندَرِي، پاسي ڪانڌَ ڪَتَنِ؛
پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَنِ نوراپَنِ؛
کائُرِ کَٿِيُون خاصِيُون، اُوچِيُون اُتِ اُڄَنِ؛
ڪَڍِيو پيڻُ ڪَھنِ: ”مَلِيرِ گُهرجي مارُئِي!“
3
آڻِينِ ڪي چاڙھينِ، ڏُٿُ ڏيھاڻِي، سُومِرا!
سَٿا ڪَيو، سَيَدُ چئي، سائُون سُڪائِينِ؛
مَنجهان لَنبَ لَطِيفُ چئي، چائُرَ ڪَيو چاڙھين؛
پُلاءُ نہ پاڙِين، عُمَرَ! آراڙِيءَ سين.
4
تِن وَنِھيَنِ ويڙِيچَن ۾، سَدائِين سُڪارُ؛
چُنڊِيو، آڻِيو چاڙھيُون، سَندو ڏَؤنرَنِ ڏارُ؛
جن جو ويڙِنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي ھوُنِ نہ ڏُٻِرا.
5
ٿوري قُوتَ قَرارِيا، رَھنِ سَٻَرَ سَتِ؛
کَٿِيءَ ۾ کِھَ ڀَڪُلِيا، ڀُوڻَنِ اھڙِيءَ ڀَتِ؛
پَنوَھارَڪِي پَتِ، پيھي پُڇُ مَلِيرَ ۾.
6
نَڪا جَهلَ نہ پَلَ، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾؛
آڻِيو وِجَهنِ آھرين، روڙِيو رَتا گُلَ؛
مارُو پاڻَ اَمُلَ، مَلِيرُونِ مَرڪَڻو.
7
مَٿِنِ ٽُٻَڪَ ٽُٻَڪَڙا، چِڪَندڙا اَچَنِ؛
کُڙِيُون کيھَ ڀَڪُلِيُون، پَگَهرُ سِرِ پيرَنِ؛
اِي وَڙَ ويڙِيچَنِ، مُون لوڏان ئي لَکِيا.
8
دَرَ، دَروازا، دَرِيُون، ھاڻي ھتي ھو؛
ڪوڙِيين اَڏِيان ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تو؛
جي مُلِ نہ آيا، مارُئِي! تنِين رَڙُ مَ رو؛
ڪُوڪَٽُ آھي ڪو، پُسِيءَ پنوَھارنِ ۾.
9
سَنِھيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساھ؛
ويٺي سارِيان سُومرا! گولاڙا ۽ گاھ؛
ھِنئُون مُنھنجو ھُتِ ٿِيو، ھِتِ مِٽِي ۽ ماھ؛
پَکَنِ منجِهہ پَساھ، قالِبُ آھي ڪوٽَ ۾.
10
سَنِهيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين منُ؛
ھڻِي کَڻَ حِلِمَ جا، تَھَ وِڌائِين تَنُ؛
ڪِئن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِي اِبرَ ري؟
11
پاڇاھي نہ پاڙِيان، سَرَتِيُون! سُئِيءَ ساڻُ؛
ڍَڪي اگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪيائِين پاڻُ!
ٻِيھرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اَوصافَ کي!

داستان اٺون

1
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
’کَنان عَھدَ اَلَسۡتَ‘ جي، ڪِ تِھائِين پَري؛
’لَمۡ يَلِدۡ وَ لَمۡ يُوۡلَدۡ‘، مارُئِي ڪوھ ڪَري؟
اَڄُ ڪِ ڪالهہ مَري، ساري سانڀِيَڙَنِ کي!
2
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
جن ٿي پَي پِياريو، مَنجهان سِڪَ سَري؛
وَنھيَنِ ويڙِيچَن جي، سِٽائُنِ سَري؛
ٿَرَنِ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِيَڙا اُڪِري.
3
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِساريان ڪينَ وَرَنِ؛
’لَيۡسَ ڪَمِثۡلِهٖ شَيۡءٌ‘، پَسَڻُ ناھ پِريَنِ؛
پَکا پَنوَھارنِ، نيئِي اَڏِيا ناھ ۾.
4
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رھيا اَندَرِ رُوحَ؛
اُٺي وِيَڙا اُڪِري، مارُو مَٿي موھ؛
ويرُون وِلوڙَڻَ جُون، سارِيان گَهڻو صُبُوحَ؛
وَرُ سي کارا کُوھ، سِنجيَمِ جي ساڙيھَ جا!
5
بِيرَ کَنيآئون بَرَ ۾، پِيارِين پَھون؛
سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ وير وَھون؛
پايو جَرُ جَنڊَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪِھون؛
ڏِينھان ڏينھن نَئون، مُون کي وِرِھ ويڙِيچَنِ جو.
6
آڌِيءَ اُٿَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارَ ۾؛
وارو ويسِرُينِ ڏِينھان ڪونہ ڏِئي؛
مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوھ کَڻِي وِيا!
7
سَرِتِيُنِ سِنجَڻُ ڇڏِيو، سَتِيُنِ ڳالِهہ سُئِي؛
ماريچِي ماڙِيُنِ ۾، ڪَڏَھن ڪانَ ھئِي؛
عُمَرَ! آءٌ نہ مُئِي، ان اوڀالِيان اَڳهين.
8
ڀِنِيءَ جي ڀُوڻَنِ، ڀيڄَ ڀُڻِڪو نہ سُڻانِ؛
سِنجَڻَ وارِيون سُتِيُون، وڃِي ويڙھ وَرَنِ؛
پِيا سيٽَ سَڙَنِ، تَرَھي ٻِنهي ڪنڌِيين.
9
عُمَرَ! ٿِيَمِ اَپارَ، وِرَھ وَٽِيان ڪِنِ سين؟
ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ٿِيا، تَڳان جِن تَنوارَ؛
سِٽائُون سَنگهارَ، کُوھنِ تان کَڻي وِيا.

داستان نائون

1
جُهڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِيائُون پَکَڙا؛
ھنَ مُنھنجي حالَ جو، قَدُرُ نہ ڪيڻانِ؛
جيڪُسِ آءٌ وِسِرِيانِ، مارو قُوتَ قَرارِيا.
2
جُهڙِ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيھا، چِلُڙَ چِڪَ؛
اَندَرُ ٿو اُڃَ مري، ساھ اُنِين جي سِڪَ؛
پِيَھون شالَ پَھيُون ڀري، تِئان ڏيئي تِڪَ؛
وَرُ پِريان سين پِڪَ، ٻِيا ڀاڻَ ڀَرِيائي گهورِيا!
3
ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَھيَنِ مارُوئڙَنِ جا؛
پائُرُ سَڀِ پَچِي پِيو، گَهرِ گهارِيندي ڪيرَ؛
ڪوٺِيين لَڳَنِ ڪيرَ، مَحَلين مُنجهي مُون ھنئون.
4
ھنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ويڙِھين وَڳَ وارِينِ؛
ڇَڇِيا ڇيڪاريو ڇيلِڙا، پَٽين پَھرائِينِ؛
نيڻَ مُنھنجا اُنِ کي، جَهجهو جَرُ ھارِينِ؛
تاڙا تَنوارينِ، مِينھن وَسَندا موٽُ تُون.
5
ھنَ مُندَ مارو سَنَرا، کائُرَ ۾ خُوشِحالَ؛
سائُون، سِيارِڇُ، مَکَڻِي، جيڏِيُون! آڻِنِ جالَ؛
سَتِيءَ جِي سَيَدُ چئي، ڪا ساڙيھَ مَنجِهہ سَنڀالَ؟
لِڱَنِ تان، لَطِيفُ چئي، لوئِي لاھ مَ لالَ!
ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينھن وَسَندا موٽُ تُون.
6
ھنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَرَ ڍارَ رَھنِ؛
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکي پاندِ پِيَنِ؛
ھنَ کي لوھ لَطِيفُ چئي، ھوءِ کائُرَ مَنجِهہ کِلَنِ؛
کاٽُونبا کاڄَنِ، مِينھن وَسَندا موٽُ تُون.
7
سَدا جِنِ پَرياڻُ، پانڌِي پَکي لَڏَ سين؛
مارُو ڳُڻَنِ ساڻُ، وِيَڙا ٿَرِ اُڪِرِي!
8
پاسا پولِڙِيُنِ ۾، ٻانھون سِرِ ٻيئِي؛
اَکِيون، نَڪُ اَريجَ ري، ٽِمايَمِ ٽيئِي؛
ڏُورِ ٿِيا ڏيھي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾!
9
ٿاجا ٿَرَ بَرَ جَهلَ، پِپُون پائُرَ وَٽِ ۾؛
سيئِي سارِيو، سومِرا! اَچي آبَ اُڇَلَ؛
سانڀِيَنِ ڏِنَمِ سَلَ، ڏِٺي جِن ڏِينھن ٿِيا.
10
جُهران جِهڄان تي، جِئَن پَسَڻان پَري ٿِيا؛
اَلا! اوٺِي آڻِيين، جو کِينءَ جِي خَبَرَ ڏي!
مَنَ مُنھنجي کي، واڪو لَھي ويڙِھ جو!

داستان ڏھون

1
اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِينءَ واڌايُون آيُون؛
لَٿِي لوئِڙِيارِيين، مِڙَنِي مُنھنِ ڪاڻِ؛
صُلحُ وارِيو سُومِري، چَئِي پَنوَھارَنِ پاڻِ؛
ھمِيرَنِئُون ھاڻِ، مُھتُ لَھندِينءَ مارُئِي!
2
اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيَ کَرِي؛
وِساريجِ مَ وَرَ کي، پَئِجِ مَ مُنڌَ! مَرِي؛
ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينھن آھين ڪوٽَ ۾.
3
ڪو ڏِينھن آھئين ڪوٽَ ۾، لوئِي ھڏِ مَ لاھ؛
ڪامَڻِ! اَھِنجي ڪُرَ جي، اَڏِ وَڏائِي آھ؛
ھتِ مَ پاڙِجِ ھيڪِڙو، پائُرَ جي پَساھ؛
سَتِي! سِيلُ نِباھ، مَلِيرِ ويندِينءَ مارُئِي.
4
سي ساھيڙِيُون ساريِنِ تو، سِيلُ جنِين جو سَچُ؛
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُ، سِيھو ڀانئِجِ سونَ کي.
5
ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سَچ جِنِين جو سِيلُ؛
نَڪو قالُ نہ قِيلُ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.
6
جو ڏيھ ڏاڏاڻِيان آيو، ڏِنُمِ تَنھن طَعنو:
”پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو؛
مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئي، کانءِ مَ خَزانو؛
سَرتِيُنِ سِيلُ چَوايو، جورِ ھڻِي جانو؛
ٿِيو سَڏُ سَمانو، حَرَفَ لَٿي ھيڪِڙي“.
7
مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪَھڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون؟
چوٽِيءَ ۾ چِيڙُ پِيو، پِيَنِ رَتُ ڄَيُون؛
نيڻين نِنڊَ وِھ ٿِي، ساري ساڏوھيُون؛
ھتي جي ھيُون، تہ سُڌِ پِييَنِ سِيلَ جِي.
8
”سَتِي! تُنھنجي سَتَ ۾، ڳالِهہ گُهرجي ڳَچُ؛
وَڍِيو، چِيرِيو، چِچِرِيو، پَرِ ۾ اُڀِي پَچُ؛
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، تہ ٿِئين سَمانِي ساڙيھَ ۾“.
9
جانڪِين سَتِيُنِ سِيرُ، تان ڪِينَ وِھندِيَسِ ڪوٽَ ۾؛
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نہ نِيرُ؛
جِئَن ھُوءَ اَبرَ آسِري، تِئن مُون مَنِ مَلِيرُ؛
کائُرَ پِيَنِ کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
10
جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن، آھينِ اَبرَ آسِري؛
جِئَن ڪُنجُون سارِينِ روھ کي، مُون تَنَ اندرِ تِيئَن؛
ھتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، ھتِ نہ ڀانيُمِ ھيئَن؛
ڪوٺيُنِ وِھان ڪِيئَن، جي نَظَرَ بَندِياڻِي نہ ھئان؟
11
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبرُ آساروسِ؛
ٻاڙو پِئي نہ ٻِپُڙِي، مِٺو مُنھن لَڳوسِ؛
ماڻِڪُ تي مِڙيوسِ، جِئَن تَنگُ ڪَڍِيائين تارِ ۾.
12
سِکو سَڀِ، سَرتِيُون! سِپُنِ مُلان سيرُ؛
ٻِيو مَٽائي نيرُ، اُڀِيون اَبرَ آسِري.

داستان يارھون

1
مَلِيران مارُو، پَکي پيھي آئِيو؛
وَرِيا واھارُو، ھاڻُو سَڀِ ھيڻا ٿِيا.
2
پَھي سُکَ پيرَنِ کِيھَ! ڪو نِينھن نِياپو مارُئين؟
اَتِ اُڪَنڍِي آھيان، تَنھن آتَڻَ، تَنھن ڏيھ؛
سَندِي جا ساڙيھ، کِھَ کَٿُوري ڀانئِيان.
3
سَکَرِ سيئي ڏِينھن، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾؛
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِيُنِ مِينھن؛
واجهاڻِيَس وِصالَ کي، ٿِيَس تَھوارُون تِيئَن؛
نِيَرُ مُنھنجي نِينھَن، اُجاري اَڇو ڪَيو.
4
عُمَرَ! اَڄُ گَڏِيامِ، ڏوٿِي اُنَھيِن ڏيھَ جا؛
پاراڀا پِرِيُنِ جا، اُڀِي اُن چَيامِ؛
لھِي لوھ پِيامِ، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.

ابيات متفرقه

1
جُھ سي لوڙائُو ٿِيا، جنِين ڀَرِ رَھنِ؛
مارُو منجِهہ ٿَرَنِ، رَھي رَھندا ڪيترو؟
2
جُھ سي لوڙائُو ٿِيا، جنِين سندِيءَ ڌِيرَ؛
مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھن دَرِ ڏِيندا دانھِڙِي؟
3
مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران!
پاڻِي واري پانھنجو، ويندِيائِي وَران!
ٿورو مَنجِهہ ٿَران، ھندَ لَڳي لوئَڙيارِيين!
4
ڪانڌُ نہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو، کَٿيروئِي خُوبُ؛
ميروئِي محبُوبُ، اَسان مارُو مَنَ ۾.
5
مُنھن مُنھنجو سُومِرا! مَرُ ميروئِي ھوءِ!
متان مارُو چوءِ، تہ ڌوتوءِ ڌوراڻَنِ ۾.
6
جِت کَرَڙَ، کَٿا ۽ کاھيُون، پالَ، پَڪا ۽ پَڪَ؛
سَرَھيُون سي سَرَتِيُون، حاضُرُ پاسي حَقَ؛
مارُوئَنِ سين ماڻِيان، شالَ مُندائتِي مَڪَ؛
کِنڪارِيان خَلَقَ، جا ٿَرَ ڄائِي ۾ ٿوُھرين.
7
جي ھتِ ھئِي مارُئِي، تہ لَڌِيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ؛
ارداسِيُمِ عُمَرَ کي، ويجهو ٿي وَٽانسِ؛
جي نہ ڇَڏِيائِين ڪِ جَهليائِين، تہ پنھنجو اَنگُ آڇِيانسِ؛
لاھي لوھ لَطِيفُ چَئي، ھتان ھندَ ھلانسِ؛
موکي مَلِيرَ سامهين، وَٺِي ٻانھَن وَڃانسِ؛
رَھبَرُ ٿِي ريڙِھيانسِ، سُنھاري ساڙيھَ ڏي.
8
جِئَن ڳَنڍِيُون مَنجِهہ ڳَنڍِيرَ، تِئن مُون مَنِ مارُوئَڙَنِ جُون؛
ڏِنيُون لَسَ لَطِيفُ چَئي، ھنئڙي کي ھمِيرَ؛
وَڃِي مَنجِهہ مَلِيرَ، سَڀِ ڇوڙِينديَسِ سُومِرا!
9
سُڻِي ساڙيھَ ڳالَهڙِي، لَھي وِيا لوھ؛
اَندَرَ جا اَندوھ، لَٿا ڏکَ، سُکَ ٿِيا.
10
توکي توڙائِين لِکِي، عُمَرَ! اَڇائِي؛
جنھن تو سامائِي، مامَ نہ ڀَڳي مارُئين.
11
مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، ھنجُون ھڏِ مَ ھارِ؛
تو تان بَندُ بِدا ٿِيو، ٻيڙِيُون نيئِي ٻارِ؛
پَھچَندِينءَ پَنوَھارِ، سِگِهي سنگهارَنِ کي.
12
اَڄُ پڻ چِڪِيَم چاڪَ، وَنھيَن ويِڙيچَنِ جا؛
سُورَنِ اچِي سُومِرا! اَندَرِ ڪي اوطاقَ؛
مارُوءَ جي فِراقَ، ھڏَ مُنھنجا ڪَپِيا. 

سر مارئي پورو ٿيو