سر يمن ڪلياڻ

داستان پھريون

1
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا؛
جانِبَ! منھنجي جِيءَ ۾ آزَرَ جا اَنوا؛
صاحبَ! ڏي شِفا، ميان! مريضنِ کي.
2
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ؛
تون ڏِئين، تون لاھئين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ؛
تڏھين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪن، جڏھين اَمرُ ڪريو اُنِ کي.
3
ھڻُ، حبيبَ! ھٿُ کڻِي، ٻَنگان لھي ٻاڻُ؛
ماڳهين مون مِنھن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ؛
اِنَ پَرِساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابلو مون ٿِئي.
4
جِت حبيبَ ھڻنِ، نائُڪَ ڀَري نِينھن جِي؛
تِتي طبيبنِ، وِڄا وڃي وِسري.
5
ھڻِين جي حبيبَ! محبتِي مَيا ڪري؛
پُڇان ڪينَ طبيبَ، ھوند گهائَنِ سين ٿِي گهارِيان.
6
ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوھ لِڱَنِ ۾؛
محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ؛
پاڻهين ٻَڌنِ پَٽِيون، پاڻهين چِڪِيا ڪَنِ؛
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رھي اَچجي راتڙِي.
7
رھي اَچجي راتڙِي، تن واڍوڙِينِ وَٽاءَ؛
جن کي سورُ سريرَ ۾، گَهٽَ مَنجهاران گهاءَ؛
لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.
8
اَڄُ پڻ ڪَنجهو ڪَنجهَہ، واڍوڙَڪِيءَ مَنھِينءَ؛
جُھ پڻ پِييَنِ سَنجهَہ، ھو پِنِيُون ھو پَٽِيون.
9
سَگَهنِ سُڌِ نہ سُورَ جِي، گهايَلَ ڪيئن گهارِينِ؛
پِيَلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نہ وارِينِ؛
پَرِ ۾ پَچَنِ پِرينءَ لَئي، ھئي! ھنجُون ھارِينِ؛
سَڄَڻُ جي سارِينِ، تن رويو وِھامي راتڙي.
10
سَگَهنِ سُڌِ نہ سُورَ جِي، ٿا رُنڪَن رَنجُوري؛
پِيا آھن پَٽَ ۾، مَٿِن مامُوري؛
لڳين لَئُن، لَطِيفُ چَئي، سَدا جِي سُوري؛
پِرتِ جن پُوري، تن رويو وِھامي راتڙي.
11
آيَلِ! اُنِ نہ وِسَھان، ھنجُون جي ھارِينِ؛
آڻيو آبُ اَکينِ ۾، ڏيھ کي ڏيکارِينِ؛
سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نڪي روئن نہ چون ڪِي.

وائي

وِرسِيا ويڄَ ويچارا! دِل ۾ دَردُ پِرينِ جو؛
اُٿِيو ويڄا! مَ وھو، وَڃو ڊَبَ کڻِي؛
ٻُڪي ڏيندا ٻاجَهہ جي، آيا سُورَ ڌَڻي؛
آيا جيءَ جِيارا، دِل ۾ دَردُ پرِينِ جو.

داستان ٻيو

1
تَنَ طبيب نہ تُون، سُڌِ نہ لھين سُورَ جي؛
سانڍِ پنھنجا ڊَبَڙا، کَڏَ کڻي ۾ ڀُون؛
ڪانَ گُهرجي مُون، حياتِي ھوتَنِ ري.
2
ويڄنِ سين وائِيءَ پِيا، ڪِري نہ ڪيائون؛
جي پَندِ پاريائُون، تہ سِگهائي سَگها ٿِيا.
3
آھي گَهڻو اَگَهنِ جو، تَرسُ طبيبنِ ؛
ڪيو وَسُ ويڄنِ، تان ڪِريءَ ري ڪينَ ٿئي.
4
پاڙي ويڄَ ھئام، تان مون مُور نہ پُڇيا؛
تيلاھين پيام، مورَيسرَ اَکين ۾.
5
ھارِيا! تو ھرِي، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪيو؛
ڪَرِئين جي ڪِرِي، تہ تون تَوانو ٿئين.
6
جي ڀائِين پِرِينءَ مِڙان، تہ سِکُ چوران ڪِي ڌاتِ؛
جاڳَڻُ جَشَنُ جن کي، سُکُ نہ ساري راتِ؛
اُجِهي ٻُجِهي آئيا، وائي ڪَنِ نہ واتِ؛
سَلي سُوريءَ چاڙھيا، بيان ڪَنِ نہ باتِ؛
توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، تہ بہ ساڳِي سَلَنِ ڪينَ ڪِي.
7
تڙي طبيبنِ، گهايَلُ گَهران ڪَڍيو؛
چِڪيا چاڪَ چِيھون ڪري، ڪَڙيُون مور نہ ڪَنِ؛
دوستَ جي درسنَ سين، پَئي ٺارُ ٺَپَنِ؛
وِرِچِيو ويڄَ وَڃنِ، آءُ تہ پِريَمِ! اُبھان.
8
وَڍي جَنِ وِڌياسِ، وَري ويڄَ ئِي سي ٿِيا؛
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزِ ڪيائُون راسِ؛
ھينئڙا! تنِين پاسِ، گهارِ تہ گهايَلُ نہ ٿِئين.
9
ويڄَ! مَ ٻُڪِي ڏي! اَلا چَڱِي مَ ٿِيان!
سَڄَڻُ مانَ اَچي، ڪَرَ لاھو ٿِي ڪَڏِھين.
10
ھئين تہ ويڄنِ وَٽِ، تون ڪِئن جِيءَ جَڏو ٿِئين؟
سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، ڪُھ نہ ڪَيءِ ڊَبَڙا؟
11
ڪُٺِيس ڪُويڄَنِ، تَنَ طبيبَ نہ گڏيا؛
ڏيئي ڏنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏکوئِيو.
12
تَرسُ طبيبنِ جو، جَڏَنِ ڪيو نہ جاتِ؛
جو ويڄنِ جي واتِ، دارُونئان تنھن دُور ٿِيا.
13
دارُون ۽ ڪارُون، جان ڪِي ڪيا ويڄَ مون؛
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَهہ جِي، نھاري ناڙُون؛
جن جون سيڻَ لَھنِ سارُون، تن تان ڏُکندو ڏُور ٿئي.
14
اَگَهن مِڙِي اَڄُ، ڪيو سَڏُ صِحَتَ کي؛
ڏُور، ڏُکندا! ڀَڄُ، مِھريءَ مُنھن ڏيکاريو.

وائي

اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئوُن ماري!
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھ مَ ڏيجِ؛
ڊَبَنِ ڀَري ھٿَڙا، دارُون، دوست! ڪَريجِ.

داستان ٽيون

1
ھيءِ ھيءِ! وَھي ھاءِ، مَنَ ۾ محبوبنِ جِي!
جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪين ٻَري باھ!
پَسو مَچَ مَٿاءِ، جي ويساھ نہ وِسَھو!
2
ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي!
جيرا، جِگِرَ، بُڪِيُون، سيخُنِ ۾ ٽيئِي!
ويڄَنِئون ويئِي، ٿِي وھيڻِي سَڄَڻين!
3
سَرُ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻِيھرَ ٻاڻُ ڀَري؛
ڇِمڪِيو سو ڇوھ مان، ڪَڙ ڪَڙ ڪانُ ڪَري؛
جيرا، جِگِرَ، بُڪِيُون، لنگهي پِيو پَري؛
لڳو جِيءَ جَڙي، تاڻِيان، تِيرُ نہ نِڪري!
4
پُڇُ پَتنگنِ کي، سندِيُون کامَڻَ خَبَرُون؛
آڻِيو وجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھنجو جي؛
جيري جنِين جي، لڳا نيزا نِينھن جا!
5
پتنگ چائِين پاڻَ کي، تہ اَچي آڳِ اُجهاءِ!
پَچَڻَ گهڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
واقُف ٿِي وِساءِ، آڳِ نہ ڏِجي عامَ کي.
6
پَتنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ!
سَھائِيءَ سُپيرين جي، گِهڙُ تہ ٿِئين گهوٽُ!
اَڃا تون اَروٽُ! کُوري خَبَر نہ لھين!
7
پَتنگن پَھُ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَ؛
پَسِي لَھسَ نہ لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَ؛
سندا ڳِچين ڳَچَ، ويچارن وڃائِيا.
8
جي تَتو تَنُ تنُورَ جئن، تہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ؛
آڻي آڳِ اَدب جي، ٻاري جانِ جلاءِ؛
بُرقعان اندر بازيون، پنھنجو سڀ پچاءِ؛
لُڇَڻُ لنؤُ، لَطِيفُ چئي، پَڌرِ ھڏِ مَ پاءِ؛
متان لوڪ لَکاءِ، وصالان وچ پَئي!
9
اڃا تَنُوران، ڪالهہ ڪڍيائون سڄڻين؛
پڻ تايائون تڪڙو، وحدت جي وَڌان؛
محبتين مٿان، مچُ مُورائينِ نہ لھي!
10
پَچائي پَھاڻُ، جن رساڻيو رُڪَ کي؛
تنين سندو ڄاڻُ، آھي آڳَڙيُنِ کي.
11
ڌنءُ ڌنءُ ڌَمڻَ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي؛
ٻاري مچ مَجاز جو، اوتيائون اڱارَ؛
ڌُوڌا! ٿِيُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪڻيُون ٿئي.
12
ڌُوڌا! تون نہ ڌَئِين! آڳِ اوڏو نہ وڃين!
اُلا جي عشق جا، سي تان تون نہ سَھين!
اُڀو اِئن چَئِين، تہ آئون آڳَڙيو آھيان!
13
سِرُ سانداڻ ڪري، پُڇج گَهرُ لھارَ جو!
ڌَڪن ھيٺ ڌري، مانَ گڏينئي رُڪَ سين!
14
سَھين جئن سانداڻ، ڌَڪن مٿي ڌَڪڙا!
وَھ وِڃائي پاڻ، ڏي ڏَٻائون ڏُڱرين.
15
اَڄ آڳَڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻِي؛
پياري پاڻِي، تيغُون ڪندا تکيون.
16
اَڄ آڳَڙيا آئيا، سائُو ڪي سُڄاڻ؛
لاھيندا مُورياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پڌرو.
17
سَرھا ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سِراڻِ سين؛
تيغَ تنِين جي کي، ڪَٽُ نہ لڳي ڪڏھين.

وائي

جِيءُ جياريو، جِيءُ جياريو، ڪين منھنجڙو ھاريو؛
پِرينِ جِيءَ پَچار، سيڻن جِيءَ سنڀارَ، جَڏڙو جِيءُ جياريو؛
اُڃيو تن عَمِيق مان، پِريُن پُوڄَ پياريو؛
مرضُ مريضن تان، اِشاري ساڻ اُتاريو؛
ڪَرَمَ ڪريمن جي مون کي، اَھکِيءَ مان اُڪاريو؛
سنئون مُنھن ڪري، سپرين! اَئِين نرمل نورَ نھاريو؛
سائلن جِئن سڏ ڪري، اَئِين طالحن کي تاريو.

داستان چوٿون

1
ايڪ پيالو! ٻہ ڄڻا! عشق نہ ڪري اِيئَن!
ليکيا جي لِکَڻ ۾، سي قرب رسندا ڪيئن؟
ھئڻ ڪيا ھيئَن، وانجيا، پَسُ! وِصال کان.
2
ايڪ پيالو! ٻہ ڄڻا! عشق نہ ايئن ڪري!
آٽِي سي ايڪ ٿيا، جي گَتا نينھن ڳري؛
دوئِي ڌار ڌري، جُھ خُلَت خنجر آئيو.
3
ايڪ پيالو! ٻہ ڄڻا! عشق نہ ڪري اَڌَ!
اِيَ تان، ساعر! سَڌَ، ڪَيَءِ جا قَوال سين.
4
قاتلَ ڪمائِي ڪري، وَھ ماکي جي ڪن؛
وٽان ويھي تن، پِيجِ ڪي پياليون.
5
ھوندو ھڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پياڪَن پانھنجو؛
پوڄَ پيارج پَنھيڙا، ويندا وٺيو ڪَنڌِ؛
تہ ھٽَ تنھنجي ھنڌِ، موکي! ڪو مانُ لھي.
6
ھوندو ھڏِ مَ رَکُ، لاءِ پياڪَن پانھنجو؛
وٽِي واٽاڙئن کي، تان پياري پَرَکُ؛
سا لِکَ لھي ٿي لَکُ، جا تو ايندي اُنِ سين.
7
گَهٽَنِ ۾ گُهٽِڪَنِ، وَٽيُون پِيَنِ وِھ گاڏيُون؛
بَرخِيز بدھ ساقِي! پيار کي پِريَن؛
پِڪين نہ پرچن، مٽ تڪيائون مَنجهيان.
8
آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽيا؛
مَتارا تنھن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباھيو.
9
وجهج واٽاڙُئن تي، ميخاني جي ماڪَ؛
ٿيندي سُڌ سڀڪنھين، ھنڌ ھنڌ پوندي ھاڪَ؛
پِرھ جا پياڪَ، جُھ سي اَڱڻ آئيا.
10
جُھ سي اَڱڻ آئيا، تہ سَرو ڪندا سُڃ؛
سائِي ٿِيندين اُڃ، ھي پِيتو! ھو آڻ ڪِي!
11
موکِي چوکِي نہ ٿئي، اصل اوڇِي ذات؛
وَٽيون ڏيئي واتِ، مَتارا تنھن ماريا.
12
مَتارا مري ويا، موکِي! تون نہ مَرِين!
ڪيھيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي! ڏاتارن ري؟
13
مَتارا مري ويا، موکِي! تون بِي مَرُ؛
تنھنجو ڏوسُ ڏمرُ، ڪونَ سھندو اُنِ ري!
14
سَري ڪين ڪيونِ، ويڻَ موکيءَ جي ماريا!
ڪو جو سخن ڪلال جو، پِتي تي پيونِ!
تھان پوءِ ٿيونِ، مرڻ مَتارنِ کي!
15
ڪَنڌ ڪَٽارو، مُنھن وٽِي، عادت سندين اِيَ؛
تنين تِڪُون ڏنيون، جُنبِي منجهان جِيَ؛
سرو تن سَبِيَ، جَن حاصل ڪيو حال کي.
16
موکِيءَ مَٺو نہ گُهريا، وِھ نہ وِھاٽيا؛
سُرڪِيءَ ڪاڻ، سيَد چئي، اُتي ٿِي آٽِيا؛
جي ڳالهين ڳَنڱاٽِيا، تن بَٺَنِ پاسي بُٺيون.
17
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙ، ڪنھن پَرِ ڪَلالن سين!
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪپار ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙ!
مَرڻان مُنھن مَ موڙ، وَٽِي ٿِي وڌِ لھي!
18
وَٽَ وَٽَ وٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو؛
قدر ڪيفَ ڪلال جو، پِياڪَن پيو؛
اَچن دُرسُ دڪان تي، ڪَنڌَ قبول ڪيو؛
سُرھا سِرُ ڏيو، چَکَن سُرڪَ سيَد چئي.
19
ڪلالنئون ڪاءِ، مَتِ نہ سِکِين مون ھنئان!
روئندي رات وِھاءِ، چِڪائِيندي بَٺيُون!

وائي

دوسُ پيھي در آيو، ٿيو ملڻ جو ساعيو؛
ڏِينھين پُڄاڻئُون آڻي اسان ڪي، مولي مُحب ملايو؛
ويو وِڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ واريو؛
ھو جَنھين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄ سو آيو؛
عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، اَچِي عجيبن پاڻ فَضلُ فرمايو.

داستان پنجون

1
صوفِي سالم سي ويا، جي اَڪثر سين اَڏيارَ؛
بازي بازِندنِ کي، آھي اَويسارَ؛
پِريا سين پَھڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪيا.
2
صوفِيءَ سيرُ سڀِن ۾، جئن رڳن ۾ ساھ؛
سا نہ ڪري ڳالهڙِي، جئن پويون پروڙي پساھ؛
آھس اِيُ گناھ، جي ڪا ڪَري پَڌرِي.
3
ڏِني ڏُکويا، اَڻ ڏِني راضي ٿيا؛
صوفِي تي ٿيا، جئن ڪِينَ کنيائون پاڻ سين.
4
صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ؛
منجهيان ئِي مَنجِهہ وڙھي، پڌر ناھس پيرُ؛
جنين ساڻس ويرُ، ٿئي تنين جو واھرُو.
5
صوفِيءَ صاف ڪيو، ڌوئِي ورق وُجُود جو؛
تھان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
6
صوفِي چائِين، سَڌَ ڪرين! صُوفين اِيَ نہ صلاحَ؛
ڪاٽي رک ڪُلاھ، وجهہ اُڇلي آڳ ۾.
7
جي ڪُلاھ رکين ڪنڌ تي، تہ صوفي سالم ٿِيءُ؛
وِھ وٽِي ھٿ ڪري، پُر پيالو پِيءُ؛
ھنڌُ تنِين جو ھيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي.
8
جُسي ۾ جَبار جو، خَفِي خِيمو کوڙ؛
جَلِي تون زبان سين، چار ئِي پھر چور؛
فڪر سين فُرقان ۾، اِسم اعظم ڏور؛
ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اِيُ اَمُلُ اِئائِين سَپَجي.
9
عالَم آئوُن ساڻ، ڀَريو ٿو ڀيرَ ڪري؛
پاڻ نہ آھي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊُ پکيڙيو.
10
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونھن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي رُوءِ؛
جنِين ڏٺي جُوءِ، تني ڪُڇيو ڪين ڪِي.
11
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونھن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي راءِ؛
ماڙھو اِتِ ڪِياءِ، مَنڊُ نہ پسين مَنڊيو!
12
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونھن سَرُ، روميءَ چيو آھي؛
تاڙِي جي لاھي، تہ مَنجِهين مُشاھدو ٿئي.
13
ظاھر ۾ زاني، فِڪرَ منجهہ فنا ٿيا؛
تنين کي تعليم جِي، ڪُڙِھ اندر ڪانِي؛
حرفُ حَقانِي، دَورُ ڪيائون دل ۾.
14
جن کي دَورُ دَردَ جو، سبق سُورَ پڙھن؛
فِڪرَ فَرَھي ھٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪن؛
پَنو سو پڙھن، جنھن ۾ پَسن پِرينءَ کي.
15
سا سِٽَ نہ سارينِ، اَلف جنھن جي اَڳ ۾؛
ناحَقُ نھارينِ، پنا ٻيا پِرينءَ لئ.
16
سا سِٽَ ساريائون، اَلف جنھن جي اَڳ ۾؛
”لاَ مَقصُودَ فِي الدَّارَينِ“ اِن پَرِ اُتائون؛
سَڳَرُ سوٺائُون، ٿيا رَسِيلا رحمانَ سين.
17
اَکرَ پڙھي اَڀاڳِيا! قاضِي ٿئين ڪِياءِ؟
ڀيرِئين ۽ ڀانئِئين، ايڏا اِئن نہ آءُ!
اِنَ سُرڪِيءَ سندو ساءُ، پڇج عَزازِيل کي.
18
عاشق عَزازِيل، ٻيا مڙيئي سَڌڙِيا؛
منجهان سِڪَ سَبِيلَ، لعنتِي لال ٿيو.
19
جو مون پڙھيو پاڻ لَئ، سبقُ سابِقُ جو؛
پھرين سُڃاتم پانھنجي، نفسَ جو نھو؛
جِي عَرفانُ اَصَل ۾، ٿي رُوحن روزَ ڪيو؛
وري وَرَقُ پيو، گڏيم وَڍُ وصال جو.
20
پَڙھيو ٿا پڙھنَ، ڪَڙھن ڪين قُلُوب ۾؛
پاڻان ڏوھ چڙھنَ، جئن وَرَقَ ورائين وِتَرا.
21
اَکر پڙھ اَلف جو، وَرَقَ سڀ وسار؛
اَندر تون اُجار، پنا پڙھندين ڪيترا.
22
جئن جئن وَرَقَ وَرائِين، تئن تئن ڏٺو ڏوھ؛
تنھن ڪَھڻِيءَ ڪبو ڪوھ؟ جي رھڻِيءَ رھيو نہ سُپرين.
23
ڪاتِبَ! لِکِين جئن، لايو لامُ اَلف سين؛
اَسان سڄڻُ تئن، رھيو آھي روح ۾.
24
تھڙا چالِيھا نہ چالِيھَ، جھڙوپسڻ پرينءَ جو؛
ڪھڙي ڪاتِبَ! ڪَرِئين، مٿي پنن پِيھ؛
جي ورقَ وارِين وِيھَ، تہ اَکر اُھوئِي ھيڪڙو.
25
تَنُ کُڏِي، مَنُ حُجرو، ڪيم چاليھا رَکُ؛
ڪوھ نہ پُوڄيو پُوڄئين، اَٺئِي پھر اَلَکُ؟
تان تون پاڻُ پَرَکُ! سَڀَڪَنھن ڏانھن سامهون.
26
سَڀَڪنھن ڏانھن سامهون، ڪو ھنڌ خالِي ناھ؛
اَحَدا جي اَرَکَ ٿيا، سي ڪانئرَ ڪبا ڪانھ؟
مُحبُ منجهين مَنَ مانھ، مون اَڄاڻندِيءَ اُجِهيو.

وائي

وِسارج مَ ويڻَ، جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا.
لوٺيُون سَھنِ لوڪ جا، وِھاڻِيءَ ٿيون ويڻَ؛
اصل اَسارِيُنِ جا، سُتي وِيَڙا سيڻَ؛
جيڏيون! جي مان وِسَھو، ننڊ مَ ھيريو نيڻَ؛
راتڙيُون جاڳن جي، سي آئون ڪندڙي سيڻَ؛
آڌيءَ رات اُٿِي ڪري، جهل تون نِنڊان نيڻَ.

داستان ڇھون

1
دائودِي دَيُون ڪري، رَنڪَنِ ڪونهي رنگُ؛
گهوڙِيءَ ھيٺ اَيَنگُ، ڪاھيو پاکَرئين ھڻي.
2
دائودِي دَيُون ڪري، رَنڪَنِ ڪونهي چيتُ؛
گهوڙِيءَ ھيٺ سُچيتُ، ڪاھيو پاکَرئين ھڻي.
3
او قابِيلَ! اَکين ۾، توکي باري بانَ؛
اُڀو اَڳرايُون ڪرين، ماڳِ ھڻيو مَستانَ؛
جانبَ! تون زيانَ، اَکين سين ايڏا ڪرين!
4
جي ھو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تہ سينو سِپَر رکُ؛
منھن ۾ معشوقن جا، چاڪَ چَٽڪا چَکُ؛
سورِي ڀانءِ مَ شڪُ، عاشقُ ٿِيُ تہ اُبھين.
5
جي ھو پائينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تہ سينو سِپَر ڏيجِ؛
منھن ۾ معشوقن جا، جهالُو ٿي جهليجِ؛
پاھان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشقُ ٿِيُ تہ اُبھين.
6
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، ميان! مار مَ مون؛
مون ۾ آھين تون، متان تنھنجو ئِي توکي لڳي.
7
ڪيو ڇڏين ڪانُ، ھڏَ نہ ھڻائين ٿا؛
ٿيا جي نيشانُ، تہ پھرئين سان پورا ھئا.
8
لورِي جِت لڳوم، اُتِ اُڀو ئِي آھيان؛
سورھ پرين سَندوم، مانَ ٻاجهائي ٻيو ھڻي!
9
محبت جي ميدان ۾، ڪر پَڙاڏو پَٽُ؛
سِرُ سورِيءَ، ڌَڙُ ڪُنگرين، متان ڪُڇِين ڪَٽُ!
عشق نانگ نِپَٽُ، خبر کاڌن کي پوي.
10
محبت جي ميدان ۾، سِرَ جو ڪر مَ سانگُ؛
سورِيءَ سُپيرِين جي، چَڙھ تہ ٿئين چانگُ؛
عشق آھي نانگ، خبر کاڌَنِ کي پوي.
11
عشق نہ آھي راند، تہ ڪي ڪَنسِ ڳَڀرُو؛
جِيَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو ھيڪاندِ؛
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇل تہ اَڌ ٿئي.

وائي

عشق تمام، برھ تمام، وو! مئن لُوٺي يارَ لوڪو!
سيجَ سُتي نُون جَهپَ نہ آوي، نيڻين ننڊ حَرامُ؛
راتيان جاڳڻُ، صاحبُ سنڀالڻُ، اِي فقيران دا ڪامُ؛
مَتِ عقلَ دي مُنجِهہ گئِي، آيا عشق اِمامُ.

داستان ستون

1
عاشقن الله، ويروتار نہ وسري؛
آھ ڪَرِيندي ساھ، ڪڏھن ويندو نڪري.
2
عاشق اِئن نہ ھونِ، جئن تون سَڄي اَڱرين؛
وڃي در دوستن جي، رَتُ ڏِھاڻِي رُون؛
ٻِيَ پَرِ ڪَنھين نہ پوَن، ماڪُرِ محبوبنِ سين.
3
جان عاشقَ مٿي رَتُ، تان دعوىٰ ڪري مَ نِينھن جِي؛
سائو مُنھن، سُونھن گئِي، سِڪَڻَ اِيُ شرط؛
نَڪِي گوڏِ گَرَٿُ، مٿا سِرَ سؤدا ڪري.
4
اَڃا تو منجهان، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري!
منھن ۾ محبوبن جا، ڪئن جَهلِيندي گهاءَ؟
سو تون ڪُڄاڙيا، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين؟
5
سِڪڻُ ۽ سورِي، ٻئي اَکَرِ ھيڪڙي؛
وِھڻُ واٽَڙِيُن تي، ڪارَڻُ ضرورِي؛
ٻِنهي جِي پُورِي، جِيءَ ڏني رِيَ نہ جُڙي.
6
جيڪِي سِڪَڻُ سِکُ، ناتَ پَسُ سِڪندئين؛
پاسي تنين مَ لِڪُ، نِينھن نہ سُڃاڻن جي.
7
عاشقَ! معشوق جِي، وٺِي ويھُ ڳَرِي؛
جِمَ وِرچي ڇَڏئِين، سَندِي دوست دَرِي!
ڏِيندا ٻُڪِي ٻاجَهہ جِي، ويندءِ ٺَپَ ٺَرِي؛
اَسان تان نہ سَرِي، تون ڪئن سَرِي سپرين؟
8
عاشقَ! معشوقن جو، وٺِي ويھ دُڪاڻ؛
پَئِجِ پيش پِريُنِ جي، پَٽِيءَ وجِهي پاڻ؛
تہ تون تنِين ساڻُ، سدا رھين سُرخُرو.
9
عاشقَ! معشوق جو، وٺِي ويھج گَهٽُ؛
جِمَ وِرِچِي ڇَڏئين، موکِيءَ سندو مَٽُ؛
ڪري سِرَ جي سَٽُ، پِيِجِ ڪي پِياليُون.

وائي

سُپيريان جي سونھن جِي، ڳالهہ ڪِينَ وڃي؛
وڃِي دَرِ دوستن جي، سُوريءَ سِرُ ھڄي؛
عاشقَ اَنگُن چڙھيا، ٻيو سَڀڪو ڀَڄي؛
پُڇِجِ پوءِ پِرِيتَڻون، پھرين سِرُ سَڄي؛
عاقِلَ ئِي اوڇُون ٿيا، ڀورو ڪِينَ ڀَڄي.

داستان اٺون

1
ھرَ ھرَ ھرائِي، وڃڻ دَرِ دوستن جي؛
پاڙي ڏانهن پِرينِ جي، اُڄُ مَ اَوائِي!
اَلڙُ ٿِي آڇِ مَ تون، واٽاڙُن وائِي؛
لائِيندءِ، لَطِيفُ چئي، سُوران سَرھائِي؛
ڳُجهو ڳالهائِي، پِرتِ وَٽجي پاڻ ۾.
2
سُورُ جنين کي سَريو، سَرِي تن صحتَ؛
مِٺِي مصيبت، آھي عاشقنِ کي.
3
جي پياري پاڻَ، تہ ڪَرَھو ٿِي پاڻِي پِئين؛
اَڳي اِنَ نِياڻ، اَڻَ ڪوٺيو ڪونَ گِهڙي.
4
اَڻَ ڪِي عَيان نہ ٿئي، ڪِي پروڙي ڪونَ؛
سچِي جيھي سونَ، منھن نہ پيئِي ماڙھوئين.
5
اَڻَ ڪِي عَيان نہ ٿئي، ڪيِ پروڙي ڪونَ؛
سا سُونھين ٿئي سونَ، اَمُرُ عطا جنھن جو.
6
ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين؛
جي اَوڳڻ ڪَنِئِي، اَسُونھين! تہ تون ڳُڻان ئِي ڳِنُ ؛
پاند جهليو تون پِنُ ، ھن سُونھاري سَڱَ ۾.
7
نَمِي کَمِي نھار تون، ڏَمَرُ ڏولائو؛
ٿِيَئِ ساڃائو، جي اُڀِئين اِنھيءَ پيرَ تي.
8
کَمُ! کَمَندنِ کٽيو، ھارايو ھوڙَنِ؛
چکيو نہ چُوندنِ، ھو جو ساءُ صبرَ جو.
9
کَمَندَڙَن گَهرِ کِين، چَوَندڙ چڱا نہ ٿيا؛
ويڻَنھون ويڌُ پَئي، ھٿِ نہ اَچي ڪِين.
10
ھو چَوَنِئِي، تون مَ چؤ، واتان ورائي؛
اَڳُ اَڳَرائِي جو ڪري، خطا سو کائي؛
پاندَ ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪي.
11
ڪِنِين ڪِينَ پِرائيو، ڪِيني منجهان ڪِين؛
جي ھوءِ سَٽاڻِي سِيڱ، تہ زِھ ڇِني جوکو ٿئي.
12
اَڻ چَوندَنِ مَ چؤ، چَوندَن چيو وسار؛
اَٺئِي پھرَ اَدبَ سين، پَرِ اِھائي پارِ؛
پايو مُنھن مُونن ۾، غُربت ساڻ گذار؛
مُفتِي منجهہ وھارِ، تہ قاضيءَ ڪانيارو نہ ٿئين.
13
جِنِين سَندِيءَ ”ٻوڏِ“ ۾، ڀَتون ڀَتين ”جِيءُ“؛
تَنَ! تنين سين پِيءُ، اوڏا اوڏي پَکَڙا.
14
ويٺي جِنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏاڍو ٿِئي؛
سا مَجِلس ئِي مَٽِ، جي حاصل ھوءِ ھزارَ جو.
15
وَيٺي جِنِين وَٽُ، ڏُکَندو ڏُور ٿِئي؛
تَنَ! تِنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

وائي

يار سڄڻ جي فراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئون مارِي!
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئِين جو ھوندا، مُون جيھا مُشتاقَ؛
جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آھ حُسنَ جِي ھاڪَ؛
سُرمو سَھي ڪر اَکين جو، خاص پِريان جي خاڪِ؛
عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، پرين اَسانجو ھميشہ آ حُسناڪُ.

سر يمن ڪلياڻ پورو ٿيو