سر سارنگ

داستان پھريون

1
آگَمِيو آھي، لَڳَھَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي؛
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرُ سَنباھي؛
وِھو مَ لاھي، آسِرو الله مان.
2
آگَمَ ڪَيا الله، لَڳَھَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
پَلَرَ جي پالُوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِيا پاھ؛
واحِد وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاھ؛
سانگِيُن وَرِيا ساھ، اُٺُنِ آبُ آگُوندِرو.
3
آگَمَ اِيَ نہ اَنگَ، جَھڙو پَسَڻُ پرينءَ جو؛
سيڻَنِ رِءَ سَيَدُ چئي، رُوحَ نہ رُچَنِ رَنگ؛
سَھَسين ٿِيا سارَنگَ، جاني آيو جُوءِ ۾.
4
جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلبَ قَرارُ؛
وَھِلو وِچائِين وِيو، ڪَري غَمُ گُذارُ؛
نِظارو نِروارُ، پِي پَسايو پانھِنجو.
5
اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگهارَ؛
اَڄُ پڻ مُنھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.
6
اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لَعلُ لِبيسَ؛
پِريِن جي پَرِديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙِيا.
7
اَڄ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾؛
ساوَڻُ پَسِي، سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون؛
آئون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون؛
گَهرِ تہ گُهرجِين توُن، مُندَ مڙيئِي ميِنھَن جِي.
8
اُتران ٿي آئِيُون، ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ؛
ڀَري تَلَ تَرائِيون، جوڙي ھَلِيُون جُوءِ؛
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿورِيءَ خوشِبُوءِ؛
اَچي رُوبرُوءِ، اُٺِيُون روضي تان رَسُولَ جي.
9
پِيَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھ؛
لَٿو ڪَٽُ قَلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھ؛
اُميدُون اَرِواحَ، پِيَ پَسندي پُنِيُون.
10
وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جِئَن، جي ھُوند سِکئِين، مِينھَن!
تہ ھُوندَ راتو ڏِينھَن، بسِ بُوندَيَنئُون نہ ڪَرِين.
11
گامَ گُنديءَ گَنجَ، اَبَرَ ۾ اُھاءُ ٿِيو؛
پَسِي پَرِ پِريُن جِي، ڏُور ٿِيا سَڀ ڏَنجَ؛
شالَ وَسندَو سَنجَ، عاشقَ تي اوھِيڙا ڪَري.
12
اَڱَڻِ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُنھَنِ؛
سُرَھِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا ميِنھَن وَسَنِ؛
اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ ھُوَنِ بَرابَر ڏينِھَڙا.
13
بَرَ وَٺا، تَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون؛
پِرِھ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگهارِيُون سايُون؛
ساري ڏُھن سامھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
ٻانِهيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.
14
بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺوجيسَرُميرَ؛
آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ ڀَري پِيرَ؛
لاٿائُون، لَطِيفُ چئي، وانڍِيُنِ مَٿان ويرَ؛
سَرَھا ڪَيائُون سيرَ، سَرَھيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون.
15
بَرَ وَٺا، ٿَرَ وٺا، وَٺي ڪَڇَ ڪِنارَ؛
پونياڙِيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائُون نارَ؛
سَٻاجهي سَتارَ، لاٿا ڏُرتَ ڏيھَ تان.
16
سارَنگَ! سارَ لَھيجِ، الله لَڳِ اُڃِيَنِ جِي؛
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنَ ڪَريجِ؛
وَطَنُ وَسائيجِ، تہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
17
سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَهہ، مينھِيُون؛
آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛
سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛
پَلَرُ پِيارِينِ، تہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.

وائي

مُنھِنجي سَيدُ سارَ لَھَندو؛ موُن کي آھ اُميدَ الله ۾.
سَجِدي پئي سُپِرينءَ، زارِيُون زورِ ڪَريِندو؛
اُمَتَ ڪارَڻِ اَحۡمَدُ اُتِ، پَرِمَلُ پاڪُ پِنَندو؛
صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، اَکِيُون سَڀ سِجُ ڪَڍندو؛
ميڙُو ٿِيندو مومِنين، اُتِ مُحَمَدُ مِيرَ مَلَهندو؛
نفسَاً نفِسِي سڀَڪو ڪَري، داتا دَرِ ڊوڙَندو؛
مُھُتُ ڏيِندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخِشائِيندو.

داستان ٻيو

1
سارَنگَ سائي سِٽَ، جَھِڙِي لالِي لاکَ جي؛
اِئَن سي اُٻُنِ اَنگِيا، جِئَن سي چُنيءَ چِٽَ؛
بَرِسيو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.
2
ڀِرِي ڀِٽَ تي آئِيو، سارَنگُ سُھِجَ مَنجهان؛
کِڙِيُون کَٽَڻَ ھارَ جِئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ؛
سُرَھا سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪَيا؛
پَھرِي پَٽَنِئان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.
3
ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا، وُٺو وارِياسو؛
کُڻيتِيءَ کِنوَڻِ ڪَيو، چَڱو چَؤماسو؛
ماڪاڻِيءَ تان موٽِيو، ڏيئِي پَٻَ پاسو؛
خالِقَ ڪَيو خاصو، چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.
4
چِيھو چُکِيءَ ڪُنڌِيين، ڪَيائِين گَڙَنگَ تي گُلَ؛
ھَڏاڪُٽيان ھَليو، ڀَري تَرايُون تَلَ؛
آندائِين آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارَ ٿِي.
5
اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَل ڪَڍِيا بُرجَنِ سين؛
سازَ، سارَنگِيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ؛
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِيُون راتِ پَڌامَ تي.
6
مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئي اَکَرَ ھيڪِڙي؛
جي وَسَڻَ جا ويسَ ڪَري، تہ ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪيِھان؛
بادَلُ ٿي بيِھان، جي آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين.
7
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪَيو، جُهڙُ پَسِيو جِهڄَنِ؛
وَرَ رِءَ وانڍِيُنِ اَڏِيا، پَکا سي مَ پُسَنِ؛
اُتَرُ ڊاھي اُنِ جا، تہ ڪَنھن کي ڪارُون ڪَنِ؛
وارِثُ وَري تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
8
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪَيو، جُهڙُ پَسِيو جُهڻِڪَنِ؛
سُڻِيو رَڙِ رَعِدَ جي، ڪَلِيُون ٿِيُون ڪَنبنِ؛
ڪَلِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري.

داستان ٽيون

1
گَنيرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جي چاھ پَئِي؛
ھِنڊوا حَيرَتَ ۾ پِيا، لالِي ڪِي لَبَنِ؛
چِمِڪَنِ چوڏَس چَنڊَ جِئَن، وِڄڙِيُون وَھِسَنِ؛
لوچَنِ ٿا، لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لءِ پِرِيَنِ؛
ڪَيسَرَ قرِيبَنِ، سَنباھي ساڻُ کَنيا.
2
مندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، ڪي اوھِيڙَنِ اوڪَ؛
ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينھِيُون چَرَنِ موڪَ؛
سَرَھِيون ٿِيُون سَنگهارِيُون، پُويو پائِنِ طَوقَ؛
ميھا، چِڀِڙَ، ڦنگيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀيئي ٿوڪَ؛
لاھِئين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينھَڙا.
3
مُندَ ٿي مَنڊَلَ مَنڊِيا، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگهارَ؛
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.
4
مُحبَ مُنھِنجا سُپريِن! آڻيئِي الله؛
توکي سارِيو ساھ، اُڪَنڊِيو آھُون ڪَري.
5
آگَمَ ڪَيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِئن؛
پاسي تِنِ وَسَنِ، جي سَڀُ ڄَماندَرُ سِڪِيا.
6
اُوڇڻَ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نہ سِيُ؛
سُڻائِج سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيُ؛
اَڱڻَ آيو ٿِيُ، تہ ڍولِيا! ڪَنھن ڍَنگِ ٿِيان.
7
ڪانڌَ! تُنھنجي پاندَ ري، سَنجهي سيءَ مَران؛
ڪامِلَ! ڪَپاھُنَ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران؛
تارِيءَ تو تَران، جِئَن وَرُ وِھاڻِيءَ وارِئين.
8
ڪانڌَ! تُنھنجي پاندَ ري، سيءَ مَران سَڀِ راتِ؛
ڪامِلَ! ڪَپاھُنِ ۾، جَهپَ نہ اچي جهاتِ؛
اَچِين جي پِرڀاتِ، تہ آئون سِيُ نہ سارِيان.

داستان چوٿون

1
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِئَن، جُهڻِڪَنِ پاسي جهوڪَ؛
ڏِيندا پاھ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَن موڪَ؛
لَسَ پِيارِينِ لوڪَ، آگَمَ ڪَيو اَکِيُنِ سين.
2
واھُندان وِڄُون ٿِيُون، کِڙِيُون ڏَنھن کَنڀاتَ؛
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ؛
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃُ اُساٽَ؛
جُهڙُ ڦُڙُ ڏيئي جهاتَ، پُسائِينديُون پَٽيُون.
3
سَڄو صافُ نہ اُڀِري، سَرِلي وِچان سِجُ؛
مُنھُن چَڙِھيو ماڙھن کي، ڏِئي وڌايُون وِڄُ؛
ھِنئَڙا! کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ سُپِرين.
4
ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پيئِيُون، ٿِيا وَلھارَنِ وِيَ؛
سِڄُ، چَنڊُ نہ پاڙِيان، سيڻَنِ جي شَبِيھ؛
جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيھِي گَهرِ آئِيا.
5
ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پيئِيُون، وِڄُنِ ڪَيا ڌَرَمَ؛
واحِدَ وَڏائِي ڪَيا، ڪُنڍِنِ ساڻُ ڪَرَمَ؛
سَنگهارَنِ شَرمَ، رَکُ مُنھنجا سُپِرين!
6
موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛
وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،
ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِيُون مَغرَبَ پارَ؛
ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛
ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛
ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛
ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ؛
سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.
7
موٽِي مانڊاڻِ جِي، جُڙي ڪَيائِين جوڙَ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَھ ٻَھ ٻَڌائُون ٻوڙَ؛
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، لَکين ٿِيا کوڙَ؛
سارَنگَ لاتي سوڙَھ، ساندَھ سُھائو ٿِيو.
8
حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، تہ سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَھ ٽَھ مِينھَن ٽِمَنِ؛
جِنِ مَھانگو لَھي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛
پَنجَنِ مَنجهان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛
ڏُڪارِيا ڏيھَ منا، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛
وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِهيُون ڳَنوارَنِ؛
سَيدُ چوي سَڀنِ، آھ توھ تُنھنجِي آسِرو.
9
اَندَرِ جُهڙُ جُهورِ وَھي، ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نہ ڪوءِ؛
وَسائِيندي وِڄُڙي، حُبَ جنِين کي ھوءِ؛
لالَنُ جنِين لوءِ، تن اوڪاڻِين نہ اَکيُون.
10
آگَمِجِي آئِيُون، اُتَران ڪَري اُورِ؛
جي پِرين ھُئَڙا ڏُورِ، سي مُون کي مِينھَن ميڙيا.

وائي

آئِي مُندَ مَلارَ، آئون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا؛
وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا، اَڄُ مُنھنجي يار؛
لارَ لائِيندي وَڇُڙا، ڀِنَڙَسِ ڀَنڀا وارَ؛
پَکي آءُ پِريِن تُون، لَھُ مُنھنجِي سَيد! سارَ.

سر سارنگ پورو ٿيو