سر گهاتو

داستان پھريون

1
گَهنگَهرِيا گَهڻَ ڄاڻَ، موڙھي مَتِ مَھائِيين؛
وِيا گَڏجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنھِن مَھراڻِ؛
اڳيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسري.
2
ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مٿان راتِ پئِي؛
اولِيون اُجَهڻَ لَڳِيون، وِيا وَنجَهہ وَھي؛
ڪَلاچِيان ڪَھِي، ڪَڏَھن ڪونہ آئِيو.
3
ڪو جو قَھَرُ ڪلاچ ۾، گِهڙي سو نِئي؛
خَبَرَ ڪونہ ڏِئي، رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِيا؟
4
ڪالهہ ڪَلاچِيءَ ويا، ڇَتِيُون کڻي ڇُڳيرَ؛
ڀائِرَنِ ڀيرو نہ ڪَيو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ؛
اھڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَ ورائي جَهلِي.
5
تَرِيُون پَسان نہ تارِ ۾، جُهڳا جاءِ نہ ڪَنِ؛
مادَرِ! ملاحَنِ، ماڳِ نہ ڍويا مَڪُڙا.
6
ڏِھاڻِي ڏِٺَمِ ڪيتِرا، جنِين مارِيو موڪَ؛
گَهرَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، ٿا مارينِمِ ٿوڪَ؛
لَڏي وِچان لوڪَ، اُونهي ويا اوھرِي.
7
اُڀِي اوسِڙان اُسَ ۾، جَهليو ڪُنَ ڪِنارَ؛
گهاتُو گَهرِ نہ آئِيا، وَڏِي لَڳِيَنِ وارَ؛
ھيَسِ جنِين ھارَ، سي موڙي چَڙِھيا مَڪُڙا.
8
جِتي گهورِيو گهاتوئِين، تِتي وارِيءَ بُٺَ؛
سَھسين ساٽي مُٺَ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.
9
مُون اُڌارِيا مَڇَڙا، الله! گهاتُو آڻِ،
مِيان! مُدارَنِ سين، مونکي، قادرَ! وِجُهہ مَ ڪاڻِ؛
ھٺَ مُنھِنجي ھاڻِ، قَدُرُ لِڌو جِنِ ري.
10
اَئِين جا لُڏو لوڏَ، اِيَ پَرِ گهاتُوئڙَنِ جي؛
ڪُنَ ڪلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نہ سُتا ڪَڏھين.
11
گهورِيندي گهورِپِيا، اَگهورِ گهورِيائُون؛
مَيڪَرُ مارِيائُون، مَلاحَنِ مُنھَن سَنَرا.
12
جِئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِئَن نہ مَرَنِ مَڇَ؛
سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱِيُون رَڇَ؛
ھي ڇارُون ۽ ڇَڇَ، اڃا اوڙاھ آڳاھون ٿِيو.

سر گهاتو پورو ٿيو