سر سسئي آبري

داستان پھريون

1
جي سِجهائِي سڪَ، تہ پِڻُ سِڪي سَسُئِي؛
پِيتائِين پُنهونءَ کي، ھڏِ نہ ڀَڳِيَسِ ھڪَ؛
اِن تَڙَ منجهان تِڪَ، ڏِني پاڻَ اُڃَ ٿئَي.
2
پَسِي جهاجهہ جَمال جِي، جنِين پِيتِي پِڪَ؛
اَپَرِ اَڳانجهو ٿيو، سُورُ اُنِين کي سِڪَ؛
ھڏِ نہ ڀَڳِيَنِ ھڪَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
3
مُحَبَتَ جن جي مَنَ ۾، تن تِشۡنَگِي تارِ؛
پِي پِيالو اُڃ جو، اُڃَ سي اُڃَ اُٿِيارِ؛
پُنهون پاڻَ پِيارِ، تہ اُڃَ سِين اُڃَ اُجهائِيان.
4
مَحَبَتَ سَندو مَنَ ۾، پُرُ پِيالو جن؛
پِيَڻَ پَرَچاءُ ناھِ ڪو، ڪنھن جنھن ڏاھِ ڏَڀَن؛
تنھن نِھايَتِ ناھِ ڪا، جنھن سُڃا سُڃَ وڃن؛
تيلان اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
5
سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، اَندرِ لَھي نہ اُڃَ؛
پَسَڻُ جو پِرينءَ جو، سا سَڀائِي سُڃَ؛
تيلان مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
6
ساجَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي؛
اَندَرُ جنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃِيو اُنَ کي.
7
پاڻِيءَ مَٿي جهوپڙا، مُورکَ اُڃَ مَرَنِ؛
ساھان اوڏو سُپَرِين، لوچي تان نہ لَھنِ؛
دَمُ نہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪن مُٺَنِ جئن.
8
سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجهيو، اوري آريءَ ساڻُ؛
ڪري پيکُ پُنهونءَ سين، پاڌارِيائِين پاڻُ؛
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
9
لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئِي لَھسِيو؛
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ”ھيءِ! ھيءِ!“ جو ھڳاءُ؛
طُيورَنِ تَنوارِيو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ؛
رَسِيو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ؛
مِرُوئَنِ موتُ قَبُولِيو، اَپَرِ اَفسوساءُ؛
بَرَ پِڻُ ڪن بُڪاءُ، اُڪَنڍِيا آرِيءَ لَءِ گهڻو.
10
مَھندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُکَڻيجِ؛
ڪُٻيلِياڻِي! ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھلائيجِ؛
پاڻا ڌارَ پِرِيتَڻو، سَسُئِي! ساڻُ کَڻيجِ؛
اوڏِي عَزازِيلَ کي، ويجهي تان مَ وَڃيجِ؛
نا اُميدِي نيجِ، تہ اوڏِي ٿِئين اُميدَ کي.
11
ويھُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، ھاڙھي ھڏِ مَ ھلُ؛
ڪُوڙِي ڪَجِ مَ ڪڏھين، سَچِي ڳالهہ مَ سَلُ؛
جانِبَ لءِ مَ جَلُ، سُورَ وِسارِ مَ سَسُئِي!
12
سُکين ٿِيُ مَ سَنَرِي، پَسِي ڏکَ مَ ڏَرُ؛
پَٽي ڪَر مَ پانھنجو، گهورِي! اَڏِ مَ گهرُ؛
مارِي! ھڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻِ جِيُ جِيارِئين.

داستان ٻيو

1
پَسِي ڏُونگَرَ، ڏاھِ! جِمَ ھلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين؛
لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئي، پُٺِيءَ ڪيچِيُنِ ڪاھِ؛
پُڇِي پُورج، سَسُئِي! بَلوچاڻِي باھِ؛
اِنَ وَڙائِتي وَرَ جِي، آسَرَ ھڏِ مَ لاھِ؛
جو اکِنَئُون اوڏو آھِ، سو پِرين پَراھون مَ چئو.
2
ھتان کَڻِي ھتِ، جن رَکِيو، سي رَسِيُون؛
ساجَنُ سُونھن سُرتِ، وِکان ئِي ويجهو گهڻو.
3
جيڪُسِ يادِ ڪَياسِ، وَرُ وڃِي وَڻِڪارِ ۾؛
جَلِدُ جَرِيدي پَنڌَ ۾، اَدِيُون! اَڄُ ٿِياسِ؛
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِي ٻاجهہ سين.
4
واقُفُ نہ وَڻِڪارَ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نہ پاءُ؛
جَبَلُ جَلدايُون ڪري، تِکَ ڏيکاري تاءُ؛
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئي، معذُورِنِ مَٿاءُ؛
اُتي اوڏو آءُ، جِتِ ھوتَ ھيڪِلِي آھيان.
5
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارِ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا؛
اُتي عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، ڪيا ھيڪِلِيُنِ حِيلا؛
جِتِ ڪُڙِمَ نہ قَبِيلا، اُتِ رَسجِ، رَھبَرَ! راھَ ۾.
6
ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نہ ڏِٺو ڪڏھين؛
مَھرَ نہ ھئِي ماڙُھين، ھو سَڀُ ھندُوڪارُ؛
جَتُ ڪيائِين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون!

وائي

ھوءِ جي ھليا ھوتَ سُونھارا؛
مُون نہ وَھيڻا، پنهونءَ سَڱِيڻا.
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا؛
آن ڪي ويندا گڏيا؟ آرِياڻِي اِھَ پارا؛
ٽَلِيُون ٽَؤنرَ ھلَوِيُون، مَيَنِ سِرِ موچارا؛
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، دوسَ آيا دِلِدارا.

داستان ٽيون

1
پُنهونءَ ڇڏيو پوءِ، جانِبُ جَبَلُ ڳولئين؛
تيلاھين تَنگُون ڪَرئين، جيلانھين تون جوءِ؛
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِئين، ڏکِي! ڏوھُ ڪيوءِ؛
ھاڙھي ھوتُ نہ ھوءِ، وري پُڇُ ويٺِيُنِ کي.
2
ورِي پُڇُ ويٺِيُن کي، سَندا پُنهونءَ پارَ؛
ساڄَنَ سَڀُ ڄَمارَ، ڏکِي! ڏورِجِ ڏِيلَ ۾.
3
ڪونهي اُتِ ڪوھيارُ، جِتِ تو، ڀورِي! ڀانئِيو؛
پَنڌُ مَ ڪَرِ پَھاڙَ ڏي، وُجُودُ ئِي وَڻِڪارُ؛
ڌارِيا ڀانئِجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ تون.
4
سَڀيئِي ساري، سَسُئِي! گهرَ ڪُنڊُون تون گهورِ؛
وڃِي ڏُورِ مَ ڏورِ، درا مَنجهہ دوسِتُ ٿيو.
5
سوئِي کَڻيو ساڻُ، سوئِي ڏورِئين، سَسُئِي!
ڪَڏھن ڪَنھِين نہ ڪيو، ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ؛
پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ، تہ تون تِئائِين لَھين.
6
جو تُون ڏورِئِين ڏُورِ، سو سَدا آھي ساڻُ تو؛
لالَنَ لَءِ، لَطِيفُ چئي، مُنجهين ٿِي مَعذُورِ!
منجهان پَنئُن پَرُوڙِ، تو مَنجهہ آھسِ تَڪِيو.
7
وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ ھتِ نہ ڳولئِين ھوتَ کي؛
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٻاروچو ٻِئي پار؛
ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ؛
نانئَي نيڻَ نِھارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
8
ھَلُ ھنئين سين ھوتَ ڏي، پيرين ڪَرِ مَ پَنڌُ؛
رائي پُڇُ مَ رَندُ، رِڙِہُ رُوحانِي سَسُئِي!
9
ڪَجي پَنڌُ، پُڇان تو، ڪيچِيُنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن؟
بيخود ھلِجِ بَرَ ۾، آئون ٿو چَوَان اِيئَن؛
سِڪَڻ ساڄَنَ سِيئَن، مَتان، مُٺِي! ڇَڏِئين.
10
مَتان، مُٺِي! ڇَڏِئين، پريتَڻو پاڻا؛
ڄاپَنِ جئَن ڄاڻا، تون پِڻُ ھوئِجِ تن جئَن.
11
مَتان، مُٺِي! ڇَڏِئِين، پاڻان پِرِيتِڻَو؛
کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙھي مَڙھجِ منھن ۾.

داستان چوٿون

1
ھيجُ نہ ھوندو جن، سي ڪِيئن وِندُر وِيندِيُون؟
وھو وِچِ رَھنِ، سَھسين سَڌُنِ وارِيُون.
2
سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نہ باسي ڪا؛
جيھيءَ تيھيءَ ذاتِ جيِ، جُنبَشِ ڪانهي ڪا؛
مون سين ھلي سا، جا جِيءُ مِٺو نہ ڪَري.
3
وَريتيُون! وَرو، آئون نہ وَرَندِي وَرَ ري؛
جاڏي ھنَ جَبَلَ جو، تانگهيندِيَسِ تَرو؛
جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينھن نِبيرِڻُ نہ ٿِئي.
4
وڃوسڀ وَرِي، اَئِين جي وَرَن وارِيُون؛
ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالهہ ڳَرِي؛
ٻُنڀان جن ٻَرِي، ڏُونگَر سي ڏوُرِيندِيُون.
5
اَڄ ملندِيَس، ماءِ! ڌاڄا ڪَنديَسِ ڪَپڙا؛
جِيجان! جوڳِياڻِي ٿِيان، مون کي جهلَ مَ پاءِ؛
ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ پائِيان.
6
مُون کي ڀانئِي ڀاڄَ، ڏيرَ ڏُوراڻا ھليا؛
اڳِيان اُٿِي اُنِ جي، خُوبُ نہ پَڪَمِ کاڄَ؛
مَيڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاچ؛
سا مُون ھٿان نہ ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ؛
آيَلِ! آءٌ اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
7
پھرِين تُون پاريجِ، پارَڻُ پوءِ پُنهونءَ تي؛
ٻولُ مَ وِساريجِ، ھو جو ڪَيُءِ ھوتَ سين.
8
توسين ٻولَ ٻَھون، سَھسين ساجَنُ جي ڪري؛
ڪَندِينءَ توءِ ڪَھون، جي نالو ڳِيَڙُءِ نِينھن جو.
9
سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمهين سَسُئِي!
ڪَندِينءَ ڪوھُ ڪيڻانِ؟ جُھ سي اُنِ اورانگهيا.
10
سِڄَ اُلَٿي سَسُئِي، رَتَ وَرَڻو روءِ؛
پَھِي نہ پانڌِي ڪو، جنھن ڪَرَ پُڇي لوءِ؛
مُوڙِھي وڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪانَ ڪري.
11
ڇُلان، مَنجهمِ نہ ڇاڪَ، پُران، پَوَنِمِ پُرِڪَڻا؛
مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَزاڪَ؛
چِتُ سَندو مُون چاڪَ، ھاڙھي ھڏِ ھڻِي ڪيو.
12
موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪِي چَيَسِ جيڏِئين؛
پَرَيٽِ پِھرئين پُورَ، نيئِي پھچائِي پُنهونءَ کي.
13
موٽِي مَران مَ ماءِ! مَوٽَڻَ کان اَڳي مَران!
لُڇِي لالنَ لاءِ، شالَ پَونديَسِ پيرَتي!
وائي
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ! مُون کي دَرِدُ قَدِيمِي، وو!
دَرِدُ جَدِيدِي، حُبَ حَبِيبِي.
آلُودِي آزارَ کان، تولَءِ ٿِيَسِ، طبِيبَ!
شادِي ڏئِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ، غَرِيبَ!
اَھئان ٿِي آھون ڪَرِيان، نَعرو مَنجهہ نَصِيبَ!
ڪاھلِ آھيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ، رَقِيبَ!
حاذِقُ آھئين ھنَ جو، اَچين شالَ، عَجِيبَ!
دَوا آھئِين دِلِ جِي، پُڇِ پُڇِ رَھيَسِ طَبِيبَ؛
اَلا! عَبۡدُاللَطِيفُ کي، ڪوڙي لاءِ، قَرِيبَ!

داستان پنجون

1
ڀَڄِي جان ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَرُ ڏُورِيو مُون؛
ڪاھي رَسِيَس ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون؛
سَڀَتِ آھئين تُون، قَضا ڪَندين ڪِنِ سين؟
2
پيھِي جان پاڻَ ۾، ڪَيَمِ رُوحَ رِھاڻِ؛
تہ نَڪو ڏُونگَرُ ڏيھَ ۾، نَڪا ڪَيچِيُنِ ڪاڻِ؛
پُنهون ٿِيَسِ پاڻَ، سَسُئِي تان سُورَ ھئا.
3
پُنهون ٿِيَس پاڻهين، ويو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ؛
ھيڪِليُون ھلَنِ جي، ڀَڄي تن ڀَرَمُ؛
جو وِندُر۾ وَرَمُ، سو سودو سَرِيَسِ ھتَھين.
4
پُنهون ٿِيَسِ پاڻهين، ويئِي سَسُئِيءَ جي سُونھن؛
خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُوۡرَتِهٖ، اِئن وَڻَنِ مَنجهہ وِرُونھن؛
چَرِي مَنجهان چُونھن، کَڻِي ھوتَ ھنجِ ڪيو.
5
ويئِي سُونھن سَسُئِيءَ جِي، پُنهون ٿِيَس پاڻَ؛
سَڀِنِ جِي سَيَدُ چئي، آھي اُتِ اُماڻَ؛
ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي.
6
وَھمَ وِرساياسِ، ناتَ پُنهون آئون پاڻَ ھئِي؛
پاڻُ وِڃايُمِ پانھنجو، پَئِي پِريان جي پاسِ؛
رَتِي عِلِمَ نہ راسِ، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي.
7
ھيڪَرَ ھئڻُ ڇَڏِ، تہ اوڏِي ٿِئين عَجِيبَ کي؛
مَارَاَيۡتُ شَيۡئاً اِلاَّ وَرَاَيۡتُ الله، نيئِي اجها اوڏانھين اَڏ؛
تہ ھوتُ توھين کان ھڏِ، پِرِين پاسي نہ ٿِئي.
8
ھوتُ تنھنجي ھنجَ ۾، پُڇِين ڪوھ پَھِي؟
وَ فِي اَنۡفُسۡڪُمۡ، اَفَلا تُبۡصِرُوۡنَ، سُوجهي ڪَرِ سَھِي؛
ڪڏھن ڪانَ وَھِي، ھوتُ ڳولَڻَ ھٽَ تي.
9
ھوتُ تنھنجي ھنجَ ۾، پُڇين ڪُوھُ پَرِياڻُ؟
وَنَحۡنُ اَقۡرَبُ اِلَيۡهِ مِنۡ حَبۡلِ الۡوَرِيۡدِ، تنھنجو توھين ساڻُ؛
پنھنجو آھي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
10
ووڙِيَمِ سَڀ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جتَ جي؛
اَللھ بِکُلِّ شَيۡءٍ مُحِيۡطُ، اِي آرِياڻيءَ اُھڃاڻَ؛
سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينهي ٻيو ٻَروچَ ري.

وائي

اَھکِيءَ آڳَھُ آھي، وو! مون کي تان نہ ڇڏيندوتِکَ ۾.
پڇي پوءِ پِيَنِ کي، لَڪَنِ ۾ لَڏَ لاھي؛
آرِي اُگهاڙَنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراھي.

داستان ڇھون

1
جُدائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏکِيءَ کي؛
مَنگَلُ منھنجي مَنَ ۾، ٻارِيو ھوتَ حَمامُ؛
اَرکِ ٿِيو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.
2
دَرِدُ نہ لَھي دارُوئين، زُلِفَ زورُ ڏِنومِ؛
ڪاڪُلُ ڪالَ ڏِٺومِ، رُخساري تي رُوپَ سين.
3
ڪاڪُلَ ڪُٺِي جا، ڪَفَنُ تنھن ڪِينَ ٿئي؛
مَنجهہ شھادَتَ سان، لُڏي ۽ لاڏَ ڪري.
4
ڏَکا، ڏُونگَرَ ڄامَ! مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي؛
توتي لَڄَ، لَطِيفُ چئي، آھي سَندِي عامَ؛
مارِ مَ چَئِي مَعذُورِ کي، وَنھيا ڪانڌَ! ڪَلامَ؛
پَرِچِجِ پِيادِنِ سين، الله لَڳِ، عَلامَ!
جا نَوازِي اَھنجي نامَ، سا، ھوتَ! مَ ڇَڏِجِ ھيڪِلِي.
5
پَير پَٽانئِي ڪُنۡئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي؛
ڦَٽِيا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، سيرُون ٿِيَڙا سي؛
جھڙي تھڙي حال سين، پُري پُنهونءَ ڏي؛
وَڃي، مانَ وَري، ٻانهينءَ ٻَنڌَڻُ جنھن سين.

داستان ستون

1
وِندُرِ جي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَڌَنِ سَندِرا؛
ٻِيُون ڪوھُ ٻَڌَنِ؟ ڇوڙي جي ڇَڏِينديُون.
2
ڏيھُ ڏيھان ئِي ڏُورِ، پَرڏَينھان پَري ٿِيا؛
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَرانھين پُورِ؛
تُون وَڃِين، ھوتَ! حُضورِ، منھنجوجئڻُ جيلانھين ٿِئي.
3
ھيڪاندِيءَ ھوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿيا؛
ساھُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِيو پوئِي؛
رَھُ، قَضا! دَمُ ڪوئِي، تہ ھيڪرَ ھيڪاندِي ٿِيان.
4
ھڏِ نہ ساہُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَ ري؛
پائي وِيَڙا پِرتِ جو، زوراوَرَ زَنجِيرُ؛
جِيُ جُسو، جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ جي.
5
عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سين، پُنهون جي پُڇَنِ؛
رِيسَ ريذالِيُون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ؟
مارَڳِ جي مَرَنِ، وڏو طالِعُ تن جو.
6
ويٺي وَرِ نہ پَوَنِ، سُتي مِلَنِ نہ سُپِرِين؛
جي مَٿي رَندَنِ رُونِ، ساڄَنُ مِلي تن کي.
7
رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِيو چڙھي؛
لانچي لَڪ، لَطِيفُ چئي، ھلي ڏانهن حُضُورَ؛
رَھيا سَڀِ رُڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ؛
ساڄَنُ ميڙيُسِ سُورَ، سُکَ نہ ميڙيُسِ سُپِرِين.
8
مَنجهان پَنءُ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ، سَسُئِي!
ويھي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجهجِ ڌُوڙِ؛
تہ تون ماڻِئين مُوڙِ، جي پَندِ اِھائِي پارِئين.
9
ٻَرِيائِي تہ ٻارِ، ڦُوڪِ تہ لَڳي اَنبَرين؛
ھتي جي ھئڻَ جُون، وَٿُون سَڀِ وِسارِ؛
سَمُوري سَرِڪارِ، نيئِي رَکِجِ ناھِ ۾.
10
قَدُ ٻَڌِي، تُون ڪِينۡ، پَھچندِينءَ پُنهونءَ سين؛
جئن سِينو ساھئين سَسُئِي، ٿِئين تَھوارون تِينۡ؛
مُٺِي! ٿِيُ مِسِڪِينۡ، ھمَتَ ھوتُ وِڃائِيو.
11
ٻِلَرِ لَڳو ٻاڻُ، پَسو! جوءِ جَرا ٿِئي؛
سا مُنڌَ مَري نہ جِئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻُ؛
سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀوڙِي سَيَدُ چئي.

داستان اٺون

1
اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، اَسُونھين آھيان؛
لُڙِڪَ لعۡلَ، لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَءِ وَھايان؛
ھيجان ھنجُون حَبَ ۾، ھوتَنِ لَءِ ھارِيان؛
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَھايان؛
پِيھان، پَچايان، جي مان نِيو پاڻَ سين.
2
اَڌرِ، نِڌرِ، اَڀَرِي، آھيان اَسُونھِين؛
پَرَ ڏيھي پِرِين ڪَيا، مَرَڻَ لَءِ مُونھِين؛
سَسُئِيءَ کي سَيدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين؛
ھارِي! ڪِئَن ھونھِين، رِءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَرِين؟
3
اَڌرِ، نِڌرِ، اَڀَرِي، سَڌَرِ ٿيءُ سچي؛
سُپَڪِ ٿيءُ، سَيَدُ چئَي، پَھڻَنِ مَنجهہ پَچِي؛
مَعذُورِ تي مارو ڪيو، اولاڪَنِ اَچِي؛
منجهان راھَ رَچِي، ٿِيَڙِي لالُ، لَطِيفُ چئَي.
4
اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي؛
ٿي ڊوڙائي دَليلَ، تہ پُنهونءَ ماڙُھو موڪليو.
5
مُنۡڪِرَ۽ نَڪِيرَ کي، جڏھن ڏِٺائِين؛
اَڳِيان اُٿِي اُنِ کي، پُنهون پُڇِيائِين؛
اَدا اِتائِين، ڪو ويوساٿُ سَڄَڻَ جو؟
6
ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيُنِ ڪَڪِرا؛
رائو مِڙيوئِي رَتَ، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ؛
لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرِ ڏورِ؛
جَتُ وَڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ تان اوڏِي ٿِئين.
7
جُهٽَ پِٽي، پِھُ جهنگِ، ھاڙھي پُڇُ مَ ھوتَ کي؛
سُورُ سُٻيلِي، سَسُئِي! لَڪَ تَنھين سين لَنگهہ؛
تہ سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ! ميڙائو ٿو ٿِئَي.
8
ڪَرِڪو واڪو وَسُ، وِھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾؛
چَڙھي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پُنهونءَ جو پَسُ؛
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پَوَندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.

داستان نائون

1
ويھُ مَ وِساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جِي؛
نِرِمَلُ نِھاري، ھلَندِنِ تان ھٿِ ڪيو.
2
اَوَجهڙ اَسُونھن، ڏيھُ گهڻو ئيِ ڏورِيو؛
سَڳَر رءَ سُونھن، پھتِي ڪانہ پَنڌُ ڪَري.
3
واءَ! وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جنھن پَنڌُ ڪريان؛
ڇَٽا! ڇَپَرِ پِرينءَ جو، پيرُ پَرنِيان تو؛
بَرِ بورائو جو، لَڳِي، متان لَٽِئين!
4
ڏُورِ مَ تون ڏوريجِ، صَبرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي!
پُرَڻُ ڇَڏِ پَيرنِ سين، وِھڻُ وِساريج؛
سُکَنِ جا، سَيَدُ چئي، لاڳا پا لاھيجِ؛
ھنئين ساڻُ ھليجِ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
5
کُھِي جا کَنيائِين، وِکَ تَنھين ويجهي ڪئِي؛
ڇِڪيءَ ڇِنائِين، پَنڌُ مِڙوئِي پَٻَ جو.
6
سَؤ ڪوھَ ڪري سَڀَڪا، تُون، کُھِي! کَڻِجِ وِکَ؛
تاڻِجِ مَنجهان تِکَ، تہ پَنڌُ پاسي ڀرَ نِبِري.
7
ھيڪِليائِي ھيلَ، پورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي؛
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيون، سُورِيُون سُڄَنِ سيلَ؛
تہ ڪَرَ ٻيلِي آھنِ ٻيلَ، جي سُور پِرِيان جا ساڻُ مُون.
8
دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرچِي تان نہ وِھي؛
لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، پَھڻَنِ مَنجهہ پِھي؛
سَندي نِينھن نِھي، ڪِي سَرفِرازُ سَسُئِي.

داستان ڏھون

1
آءُ اوراھون، سُپِرِين! پَري وَڃُ ۾ پِيَ!
موٽُ، مَرَندِيَسِ ڇَپَرين، تُون جِيارو جِيَ؛
ھوتَ! مَ ڇَڏِجِ ھيَ، پُنهون! پِيادِي پَنڌَ ۾.
2
آءُ اوراھون، سُپِرِين! ڏکِيءَ ڏيجِ مَ ڏاگهہ؛
وَٽِ ڇَڏي مُون واگهہ، آرِي! وِئين عِشقَ جو.
3
ھٿان ھڏِ نہ ڇَڏِيان، صَبۡرُ شُڪۡرانو؛
ذَوقَ زَمانو، مُون، وَرَ! وِيو وِسرِي.
4
ناھِ جَمِعيتَ جانِ کي، ھوتَ پُڄاڻا ھاڻِ؛
اَللھ! سيئِي آڻِ، جن ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
5
ناھِ جَمِعيتَ جانِ کي، ھوتَ پُڄاڻا ھتِ؛
پُنهونءَ جي پِرِتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.

داستان يارھون

1
ڪَنُ ٿِيُ، ڪيچِيُنِ ڪُڇِيو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ؛
اِشارَتُون اُنِ جون، سُڪُوتان سُڄَنِ؛
وَٽان ويھي تَنِ، سُڻُ تہ سوزُ پرائِيين.
2
سُڻُ تہ سوزُ پِرائِيين، ” آءُ “ چيائُون اَڄُ؛
ٻولِي ٻِي نہ سِکِيا، ”پاڻا“ چوندءِ ”ڀَڄُ“؛
واڄي وَٽِ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تہ ٻِيائِي لَھي.
3
ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱِڻِ آرِيءَ ڄامَ جي؛
دِيَتَ آھي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيِنِ جي.
4
اکِيُون آرِيءَ ڄامَ جون، اَنڌِيءَ سين آھينِ؛
ھو جي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونھائِينِ؛
ڏِسِيو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جِي.
5
سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، ھلَڻَ رِءَ مَ ھلُ؛
جَلَڻُ رِءَ مَ جَلُ، رُئَڻَ رِءَ مَتان رُئِين.

ابيات متفرقه

1
اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو؟
وِيو جاڳائي، جيڏِيون، بِرھ، ھيُ بيباڪُ؛
چُر ڦُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمهاري ڪِينَ ڪِي!
2
جان ساماڻيئن، سَسُئِي! تان ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ؛
لاھي لَڄَ، لَطِيفُ چئي، ٿِيُ بيگارِياڻِي بَرِ؛
تہ ويندِي پَوَئِي وَرِ، اَڳيان ھوتَ حُضُورَ ۾.
3
مُنڌَ نہ مَنجهان تن، پَسي لَڪَ لُڏَنِ جي؛
جا پَرِ کاھوڙِينِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي.
4
مُنڌَ مَ منھن ويھُ، اُڀِي اوسِرُ اُسَ ۾؛
تو سيئِي سيڻَ ڪيا، ڏُورِ جنِين جو ڏيھُ؛
پاڙي پاڙي پيھُ، وَتُ پُڇَندِي پِرِينءَ کي.
5
اولاڪَنِ اَچِي، مَعذُورِ تي مارو ڪيو؛
مَتان، وَرَ وِسارِئين، مَنجهان ڪُرَ ڪَچِي!
لاھي لاڳاپا لَنگهہ تُون، سيڻَنِ ڏانهن، سَچِي!
مَنجهان راھ رَچِي، ٿِيندينءَ لَعۡلَ، لَطِيفُ چئي.

سر سسئي آبري پورو ٿيو