سر ڪارايل

داستان پھريون

1
”وَحۡدَہ“ وائِي، چَڙَھندي چَيائِين؛
سو لُڙُ لَنگِهيائِين، جِتي پارَکَ پَکِيان.
2
ٻَگَهنِ سين ٻاڻُ ھڻِي، اُڏاڻو آڪاسِ؛
جِتي پِرِين سَنداسِ، سو سُر مَڻي ھنجَڙو.
3
اکڙيُون اوڙاھ ۾، اُڀو تَڪي تارِ؛
پِٿُون جي پاتارِ، ھنجُ تنِين جو ھيرَئُون.
4
وَڃِين نہ پيھي، پِٿُنِ لَءِ پاتارَ ۾؟
ڪنڌِيءَ ۾ ڪيھي، ھاجَ تُنھنجِي ھنجَڙا.
5
ٿِيو حُضُورِي ھاڻِ، سوجها پِيَسِ سَرَ جي؛
کَنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِيَڙي پاتارَ ۾.
6
اڇو پاڻِي لُڙُ ٿِيو، ڪالُورِيو ڪَنگَنِ؛
اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تَنھِن سَرَ مٿي ھنجَڙا.
7
ھنجَنِ سين ھيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪري نِھارِئين؛
ٻَگَهنِ ساڻ ٻِيھارَ، ٻيلَهہ نہ ٻَڌِين ڪَڏھِين.
8
آءُ اُڏامِي ھنجَڙا! سَرَ ۾ سارِينَئِي؛
مَتان مارِينَئِي، پاڙِھيري پَھُ ڪَري.
9
ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنر ڀِري آڪاسِ؛
ٻِنين سَندي ڳالِهڙي، رازِقَ آندِي راسِ؛
تَنھن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھن مُحبَتي ميڙِيا.
10
ڪَؤنر پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنرُ ڀِري ۾ سُڃَ؛
ٻِنِين سَندِي ڳالهڙِي، عِشق اِيُ اُھڃَ؛
توءِ نہ لَھينِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.
11
جيھرَ لوڪُ جَهپَ ڪري، اوھيرَ اُڏامَنِ؛
پِٿُون جي پاتارَ جا، چيتارِيو چُڻَنِ؛
ڪوھ ڪَندا کي تَنِ، پاڙِھيڙِي پَھُ ڪَري؟
12
وِيا مورَ مَرِي، ھنجُ نہ رَھيو ھيڪِڙو؛
وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانِيَرَنِ جو.

داستان ٻيو

1
سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي ھنجُ؛
پيھي جان پَرُوڙِيو، مون پانھنجو مَنجُهہ؛
ڏِيلَ جَنھن جو ڏَنجُهہ، سو مارِي ٿو مَنجِهہ ڦِري.
2
سَنھا ڀانءِ مَ سَپَ، وياءَ واسِينگَنِ جا؛
جَنِين جي جَهڙَپَ، ھاٿِي ھنڌان ئِي نہ چُري.
3
آسَڻَ جن اَريجَ ۾، اُوءِ ڪَڇَرَ وِھ کَري؛
تِن جا مُنھن مَلَڪَنِ جَھڙا، ٽِڪو نان نہ ٽَري؛
جي اُنھين ساڻُ اَڙي، تہ ڪانهي جاءِ جَرِيءَ جي.
4
آسَڻَ جن اَريجَ ۾، تن جي وِھَ جو وَرَنُ ٻِيو؛
تن جو ڪَنڊو ئِي ڪَمُ ڪَري، جي مَٿِسِ پيرُ پِيو؛
پُرِيَنِئان آھي پَڌِرو، تن نانگَنِ جو نِھو؛
ڪِلي ويلَ ڪِھو، جو سامُهون ٿِئي سَپَنِ کي؟
5
ڪَنھن ڪَنھن ڪاريءَ ذاتِ کي، مورَ بہ مَٽائِينِ؛
جي چَتُرا چَکِيا ڪَري، تہ وَڳَ وَرائي ڏِينِ؛
ساٿَ سَمُورا نِينِ، جي مَٺين ڀانئي موٽِيا.
6
پَھرِين ڪاري نانگَ جِي، ڪو ڇِرڪِيَلُ ڇيڙَ ڪَري؛
ھِي ھَڻي ڏَنگَ ڏَسائِيو، تہ ويجهو تان نہ وَري؛
جيڪي ٽَپِ مَري، جيڪي سِڪي صِحَتَ کي.
7
کَپُرَ! گاروڙِيُنِ سين، وڏو وِڌُءِ ويرُ؛
نانگَ! نہ ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرِ مَٿي پيرُ؛
ھيُ تنِين جو ڊيرُ، جن جُهوناڳَڙُھ جَلائِيو.

سر ڪارايل پورو ٿيو