سر مومل راڻو

داستان پھريون

1
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙي، بابُو بيکاري؛
سامِئَ سيلو سِرَ تي، مالا موچارِي؛
ڏيئِي ڏيکارِي، ڦَٽي دِلِ فَقِيرُ وِيو.
2
ڪالهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جَھڙو ماھ مُنِيرُ؛
فَيضُ، فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِيو.
3
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھرَ سِجَ کان پوءِ؛
پَسو سُونھن ساميءَ جي، رَتَ وَرنو روءِ؛
جو مُنھن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھن مَسَ ٿِئي.
4
ڪالهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بانَ بَرِي؛
سائِي سالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِي سونَ سَرِي؛
خَبَرَ ڏي کرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جي.
5
بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙھي؛
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙھا پِيَسِ ڳَڙِي؛
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جِئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.
6
سِجُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ؛
اَچي ٿِي عَطُرَ جي، مَنجهان مُگَٽَ بُوءِ؛
سا ڏيکارِيَھُون جُوءِ، جِئان لاھوتِي لَعلُ ٿيو.
7
جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسوروئِي نِينھن جو؛
پَتَنگَ جِئَن پيدا ٿِيو، سامِي سِجَ وَڙاءُ؛
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِيو.

داستان ٻيو

1
آءُ لانگوٽِيا لالَ! ڪَنھن پَرِ ڏِٺِيُءِ گُجَرِيُون؛
آبُ اَرتو اکِيين، لُڙڪَ وَھائِيين لال؛
ڏِٺَءِ جي جَمالَ، سامِي! ڪُھ نہ سَلائِيين؟
2
گُجَرِ کي گَجميلَ جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون؛
ھڻي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَريُون زَبَرُون؛
ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پسو پَرَڏيھيُنِ جُون.
3
گُجَرِ گاروڙِيُنِ، اَچيوآڏِي اُڀِيي؛
مَٿان پيئِي تِنِ، ٻَڌا ٻاڻَ ھڻَنِ جي.
4
مُومَلَ ماري مِيرَ، آھيڙِيُنِ کي آڪَري؛
سوڍِيءَ گهڻا سَڪائِيا، پَڙھيا پَڻِتَ پِيرَ؛
ھڻي تِنِ کي تِيرَ، مَڻِيو جن مَٿَنِ ۾.
5
جوڳِيءَ جاڳائي، ماري وِڌو مامِري؛
لَنؤ لُڊُوڻي ڪَنڌِيين، اَمَيو آھي؛
وَڃو جي ڪاھي، تہ نِڪُون پَسو نِينھن جُون.
6
ھلو، ھلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي نِينھن اُڇَلَ؛
نہ ڪا جَهلَ نہ پَلَ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي.
7
ھلو، ھلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي گَهڙِجي نِينھن؛
نہ ڪا راتِ نہ ڏِينھن، سڀڪو پَسي پِرِينءَ کي.
8
ھلو، ھلو! ڪاڪِ تَڙين، چَرُو جِتِ چَڙَھنِ؛
ڪوڙين رَنگَ رَچَنِ، پانوڙِيءَ پِڪَ سين.
9
آکُون، ڊاکُون، سِرَکَنڊَ شاخُون، جِتِ چَوکا چَندَنَ ڪَؤنرَ؛
مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نہ ڀِرَنِ ڀَؤنرَ؛
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنرَ، ڪاھ تہ پَسُون ڪاڪِ جا.
10
چَڙھيا چارَئِي يارَ، سُوڌا شِڪارِي؛
فِڪِرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي؛
وِيا ڪاھيندا ڪاڪِ ڏي، جِتِ مُومَلِ موچارِي؛
موٽِيا نہ مارِي، ڪَؤنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.

داستان ٽيون

1
جَھڙا گُلَ گُلابَ جا، تَھڙا مَٿِنِ ويسَ؛
چوٽا تيلَ چَنبيلِيا، ھاھا! ھو! ھميشَ؛
پَسيو سُونھن سَيَدُ چئي، نِينھن اچَنِ نيشَ؛
لالَنَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نہ اُڄَھي.
2
جَھڙا پانَنِ پَنَ، تَھڙِيون سالُون مَٿِنِ سائِيون؛
عَطُرَ ۽ عَبِيرَ سين، تازا ڪَيائُون تَنَ؛
مَڙھيا گَهڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَنَ؛
سُنھَنِ رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنَ؛
ڪَيائِين لال لَطِيفُ چئي، وڏا ويسَ وَرَنَ؛
مَنجِهہ مَرڪِيَسِ مَنَ: ”سوڍي سين سَڱُ ٿِيو“.
3
سونَ وَرنِيُون سوڍِيُون، رُپي رانديُون ڪَنِ؛
اَگَرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُوريون کَٽُنِ؛
اوتِيائُون عَبِيرَ جا، مٿي طاقَ تَڙَنِ؛
ٻاٽَنِ ٻيلون ٻَڌِيون، پَسِيو سُونھن سَڙَنِ؛
ٿِيا لاھوتي لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لَءِ پِريَنِ؛
اِجهي ٿا اچَنِ، ڪاڪِ ڪَڪوريِا ڪاپَڙِي.
4
گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻا لَڳُسِ گهاءُ؛
مينڌَري مُلاءُ، لڳَسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.
5
رُوءِ راڻي جي ناھ ڪو، سوڍو سَڀِنِ سُونھن؛
لاٿَائِين لَطِيفُ چئي، مٿان دِلِيُنِ دُونھن؛
ڪانهي ٻِي وِرُونھن، ٿِيو مِڙوئِي مينڌِرو.
6
ڪاڪِ نہ جَهلِيا ڪاپَڙِي، موھيا نہ مَحلَنِ؛
ٻايُنِ ۽ ٻانِهيُنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجَهنِ؛
لکين لاھوتِينِ، اَھڙِيُون اورِيان ڇَڏِيُون.
7
ڪاڪِ نہ جَهلِيا ڪاپَڙِي، موھيا ڪَنھن نہ مالَ؛
سوڍِيُون سِجهائي وِيا، ھھڙا جَنِين حالَ؛
جي ڇورِيُنِ ڏِنا ڇالَ، تَپِ لاھوتِي لَنگهي وِيا.

داستان چوٿون

1
شَمَعَ ٻاريندي شَبَ، پِرِھ باکُون ڪَڍِيُون؛
موٽُ، مَران ٿِي مينڌِرا! راڻا! ڪارڻِ رَبَ؛
تُنھنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
2
اُڀي اُڀارِيامِ، نَکَٽَ سَڀِ نَئِي وِيا؛
ھڪُ مَيو، ٻِيو مينڌِرو، سَڄِي راتِ سارِيامِ؛
ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙِيامِ، سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.
3
ڪَتنِ ڪَرَ موڙِيا، ٽيڙُو اُڀا ٽيئِي؛
راڻو راتِ نہ آئِيو، ويلَ ٽَري ويئِي؛
کوءِ سا کاڻِي راتِڙِي! پِريُن ري پيئِي؛
مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، وڃِي ڍولو ڍَٽِ قَرارِيو.
4
راڻو ڪا راتِ ويو، ڳُجِهي ڳالهہ ڪَري؛
سوڍي رِءَ، سَرتيُون! ھڏ نہ ساھ سَري؛
وَڃِي، مانَ وَري! آسائِتِي آھيان.
5
سوڍي سُتي لوءِ، ڪا جا مون سين ڳالهہ ڪَئِي؛
سا جي پَڌَرِ پوءِ، تہ سَرتِيوُن ڪانہ سُمهي.
6
راڻا! تُنھنجي راھ تي، ڏيھاڻِي ڏيکان؛
راڻي جِيءَ رِھاڻِ جُون، رُوحَ اندَرِ ريکان؛
مُحَبَتَ جُون ميکان، تو سين، لالَ! لَپيٽِيُون.
7
آءُ، راڻا راحَتَ! ڌاڃَ ڌَرتِيءَ جا ڌَڻِي!
سِڪَنِ ٿِيُون سُھاڳِڻيُون، سوڍا تُنھنجي سَٿَ؛
مون تان لاھ مَ ھٿَ، ڪامِلَ ڌڻِي ڪاڪِ جا!

داستان پنجون

1
سَڱُ ڪري سين سِينھَنِ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھين؛
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتُون مَنجهان نِينھن؛
اِنءَ مَ وَسجِ عامَ تي، جِئَن مُومَلَ! وَسَنِ مِينھن؛
سندي حَشَرَ ڏينھَن، سوڍو سارِيندِينءَ گَهڻو.
2
جا ڀُون پيرين مُون، سا ڀُون مٿي سَڄڻين؛
ڌِڱَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺا سُون؛
ڏِينھن مَڙيئِي ڏُون، اُٿي لوچِ لَطِيفُ چئي.
3
راڻو ڀانيو راندِ، ڪِئَن وِڙُ رائِيين؟
وَرُ وِڏُوڻو اِيھين، جِئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ؛
ھيءِ! ڀَڳِيَءِ ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندِينءَ گَهڻو.
4
ڪاڪِ ڪَڙھي وَڻَ وِيا، جلِي مُنھنجِي جانِ؛
رَکِي ڪامَ ڪِڻِڪِيو، مارِيَس تَنھِن گُمانَ؛
ھڏِ نہ جِيان ھاڻ! سِگهو موٽِجِ سُپِرِين!
5
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِيا، ٻَرِيا رَنگَ رَتولَ؛
تو پُڄاڻا سُپِرِين! ھنئَڙي اَچَنِ ھولَ؛
جي مون سين ڪَيَءِ قولَ، سي سِگها پارِجِ، سُپِرِين!
6
حال قُربانُ، مالُ قُربانُ، گهورِيان لُڊاڻو؛
فِدا ٿِئَ فَقيرِ جو، شَلَ رُسي مَ راڻو!
مُيَنِ سين ماڻُو، مُناسِبُ نہ، مينڌِرا!

داستان ڇھون

1
نہ وارِثُ نہ وَلَھو، نہ سَڱُ، نہ سِياڪو؛
تو پُڄاڻا، سُپِرِين! آيُمِ اولاڪو؛
پانڌِيا! پاراپو، ڏِجانءِ ڍاٽِيءَ ڍولَ کي.
2
ڪَرَھو ڪَمِيڻيءَ تي، سوڍا! وارِ، سُڄاڻَ!
ڪُھ ڪَرِيان ڪاڪِ کي؟ تَنَ توھين ڏي تاڻَ؛
لاھي غيرَ گُماڻَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڍِيين.
3
اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڍِيين، پرچِي پِيارا!
پَلَڪَ پَراھون نہ سَھنءِ، جِيءَ جا جِيارا!
نِينھان نيزارا، سَڃِ، تہ مانَ سُورُ لَھي.
4
پَسُ توشَڪُون، تَڪِيا، سيئِي وِھاڻا؛
پَسِيو ھنڌَ، پَچي ھنئون، جي حَبِيبَنِ ھاڻا؛
ھڪُ ڏُنگا ڏاڏاڻا، ٻِيو موٽِيو تان نہ مينڌِرو.
5
سوڍا! سُورَ سُڪائِيُون، اَکِيُون آبُ نہ ڪَنِ؛
راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِرُوڻِيُون وَڃَنِ؛
سي ڪِئَن، مينڌِرا! مَچَنِ؟ جي تو سُورِيءَ چاڙِھيُون.
6
مُون گَهرِ اچِي جي ٿِئي، مينڌِرو مِھماڻُ؛
آڻي جهوڪِيان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ؛
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھڻان ڀاڻُ؛
پيڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گَهرُ تَڙُ گهورِيان پِرَ تان.
7
کوڙَ قناتوُن ڪاڪِ ۾، راڻا ويھ رَھِي؛
ماڙھو جي مَحلاتِ جا، سوڍا ڪَجِ سَھِي؛
وِيندِيَءِ ڳالِهہ وَھِي، وِڪَرِ پَوَندين وَلھا.

داستان ستون

1
ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ! ڪاڻِياري ڪاڪِ ڪَري؛
آءٌ اَڳهين آھيان، ٻَڌِي تُنھنجي ٻولَ؛
توکي ساري، سُپِرِين! رُنُمِ مَنجِهہ رَتولَ؛
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَھُ مُون وِھ ٿِيا.
2
سوڍي سِرُ نِيو، ھتِ ڪَرَنگَهرُ سَکڻو؛
راڻي جي رِھاڻِ کي، سِڪي ساھ پِيو؛
پَسان ڪِينَ ٻِيو، تو رِءِ اَکَڙِيُنِ سين.
3
راڻي رِڻُ ڪَيو، جيڏِيُون! مُنھنجي جِيءَ سين؛
مَنُ مينڌِري وَڍِيو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِيو؛
ٻُجهان، ٻَھرِ وِيو، ھنئون ھنڌِ نہ ھيڪِڙي.
4
رُئان ٿي، راڻا! ھنڌَ نِھاريو حُجِرا؛
پيئِي کِھَ کَٽُنِ تي، ٿِيا پَلَنگَ پُراڻا؛
ڌَرِيائِي ڌُوڙا ٿِيا، وَرَ رِءَ وِھاڻا؛
جايُون، گُلَ، جَباتَ، وَڻَ، تو رِءَ ڪُوماڻا؛
مينڌِرا! ماڻا، تو رِءَ ڪَندِيَسِ ڪِنِ سين.
5
جِئَن ايندي ئِي موٽِئين، مينڌِرا! وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ؛
وَرُ نہ ھئين؟ وَلَھا! ھوندَ جٽِي مون جاڳاءِ؛
تہ سُتي جي ساڃاءِ، سوڍا! سِگِهيائي ٿِيَءِ.
6
جڳ جِئَن تِي چوءِ، سوڍو تِئَن نہ سِکِيو؛
راڻو تِئَن نہ رُوءِ، ڳوڙھو جِئَن ڳَلِ ڳَڙي.
7
تِنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا؛
سوڍي رِءَ سَرِتيُون! ڪاڪِ نہ اچي ڪَسِ؛
راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِيءَ جِئَن تاڻِيو.

داستان اٺون

1
ڪِينَ ساڱاھيُمِ، سُپِرِين! جاڙُون ڪَيُمِ جالَ؛
سوڍا! مون کي ڪالَ، موٽِي مُنھَن ۾ آئِيُون.
2
خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلِ ٿِي مَتِ؛
صَبرُ ٿِيو سُپَتِ، مُنھنجي حَقِ، مينڌِرا!
3
ڍولي ڍَڪِي آھيان، ھيَسِ اگهاڙِي؛
ڏيئِي لِکَ لاڙِي، ڪَڪَرُ ڪَيائِينمِ ڪاڪِ جو.
4
سوڍا! صَبرُ تُنھنجو، مَرَڪُ لَڄايُنِ؛
چُپ سين جي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو.
5
سوڍا! صَبرُ تُنھنجو، سيکاري سَھسَ؛
پُڄِي تِئان پَھسَ، مون کي نَصِيبَ نيئِي جَهليو.
6
سوڍا! صَبرُ تُنھنجو، بي عَقُلَ آڻي بازِ؛
سندي صَبُرَ سازِ، توبَھَ ڪارِيَمِ تَڪڙِي.
7
جنين سندي مُنھن ۾، نِھائِيُون نَڪَنِ؛
تِئان وَڍِيو ھيڪِڙو، تہ ڪَھڙو ٿورو تَنِ؟
سي مَرُ سُڃا ئِي سُونھَنِ، جن ڀلِي ڀِينگَ ڀَرَمَ جِي.

داستان نائون

1
راڻي جي رِھاڻِ مان، ڪو آديسِي آيو؛
چوڏِھينءَ ماھ چَنڊَ جِئَن، ڪَيو سامِيءَ سَھائو؛
لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سان.
2
راڻي جي رِھاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي؛
کَٿُورِيءَ خوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀِ واسي؛
سُوڌو سَناسِي، اُتانھِين ٿي آيو.
3
نَئون نِياپو آيو، راڻي مُلان راتِ؛
لَڌِيسُون لَطِيفُ چئي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ؛
ڪَھڙِي پُڇين ذاتِ؟ جي آيا، سي اَگِهيا.
4
ڪيڏانھن ڪاھيان ڪَرَھو؟ چَؤڏِسِ چِٽاڻو؛
مَنجهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجهين لُڊاڻو؛
راڻو ۽ راڻو، رِءَ راڻي ٻيو ناھِ ڪو.
5
ڪيڏانهن ڪاھيان ڪَرَھو؟ چِٽاڻو چؤڌارَ؛
مَنجهين ڪاڪِ ڪڪوري، مَنجهين باغَ بَھارَ؛
ڪانهي ٻي تَنوارَ، ٿِيو مِڙوئي مينڌِرو.

سر مومل راڻو پورو ٿيو