سر ڪلياڻ

داستان پھريون

ساراھ ھڪ ڌڻيءَ جي جڳائي، جو ٻنهي جھانن جو والي آھي ۽ جنھنجو ثاني ٻيو ڪو بہ نہ آھي. جي سندس ھيڪڙائيءَ کي مڃن ٿا، سي ڪڏھن بہ راھ تان ٿڙن نہ ٿا ۽ کين ڪوبہ ڏک نہ ٿو رسي. سچي ڄاڻ وارا صاحب ھميشہ سن ۾ ٿا گهارين ۽ سارو وقت روحاني ديس جو سير پيا ڪن. کٽڻ ۽ ھارائڻ جو ھنڌ ھيءَ دنيا ئي آھي. ھتي ئي ”جنت جو جام“ حاصل ڪري ٿو سگهجي. ھيءَ سموري ڪثرت (گهڻائي) ھيڪڙائيءَ مان پيدا ٿي آھي. ھي سمورو مانڊاڻ ھڪ محل آھي، جنھن کي سھسين دريون آھن. دريءَ دريءَ مان ھڪ ئي دلبر جو ديدار ٿو پسجي. ھو نہ عاشق، نہ معشوق، نہ خالق، نہ مخلوق. پاڻ سونھن جو سر آھي ۽ پنھنجي حسن تي پاڻ حيران آھي.

1
اَول الله عَلِيمُ، اعلىٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنھنجي قُدرت سين، قائم آھ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَہ، رازق، رَبُ رَحِيم؛
سو ساراھ سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جھانَ جِي.
2
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛
تن مڃيو مُحمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنھن نہ اوليا.
3
اَوَتڙَ ڪنھن نہ اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛
ھيڪائِي ھيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛
بي بھا بالِمَ، آگي ڪيا اڳهين.
4
آگي ڪيا اڳهين، نسورو ئي نُور؛
لَا خَوفٌ عَلَيھمۡ وَلَا ھمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛
مولي ڪيو معَمُور ، انگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
5
وَحۡدَہٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛
ھِنيُون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛
سُک نہ سُتا ڪڏھين، ويھي نہ ووڙِينِ؛
ڪُلَهنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي.
6
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، ٻُڌءِ نہ ٻوڙا!
ڪِ تو ڪنين سُئا، جي گَهٽَ اَندر گهوڙا؛
ڳاڙيندين ڳوڙھا، جت شاھد ٿِيندءِ سامهان.
7
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، اِھو وِھائج وِيُ؛
کَٽين جي ھارائِئين، ھنڌ تُنھنجو ھيُ؛
پاڻان چوندُءِ پِيُ، ڀري جام جَنَت جو.
8
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، اِيُ ھيڪڙائِئَ حَقُ؛
ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.
9
سِرُ ڍُونڍيان، ڌَڙُ نہ لھان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ ناھ؛
ھٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانھ؛
وحدت جي وِھانءِ، جي ويا، سي وڍيا.
10
عاشق چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ معشوق؛
خالق چَؤ مَ خام تون، مَ ڪِي چَؤ مخلوق؛
سَلِج تنھن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو.
11
وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُ؛
حق حقيقي ھيڪڙو، ٻولئ ٻِيءَ مَ ڀُلُ؛
ھو ھلاچو ھل، باالله سندو سڄڻين.
12
پاڻهين جَلَّ جَلَالَهٗ، پاڻهين جانِ جمالُ؛
پاڻهين صورت پِرِينءَ جي، پاڻهين حُسن ڪَمالُ؛
پاڻهين پِر مُريد ٿئي، پاڻهين پاڻَ خيالُ؛
سڀ سڀوئي حالُ، منجهان ھي معلوم ٿئي.
13
پاڻهين  پسي پاڻکي، پاڻهين محبوب؛
پاڻهين خلقي خُوب، پاڻهين طالب تن جو.
14
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَھين؛
ھئا اَڳهين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻہ ٿيا.
15
ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
16
ڪوڙين ڪايائُون تُنھنجيون، لِکَن لَکَ ھزارَ؛
جِئُ سڀڪنھن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
پِريَمِ تنھنجا پارَ، ڪھڙا چئِي ڪيئن چوان.

وائي

سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛
نينھن نيڻين، ڳُڻُ ڳالهہ وو.
جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجهي؛
لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنھنجو سُڄي.

داستان ٻيو

پرينءَ وٽ نيٺ پريم جي اَگهائي اَگهي ٿي. ويڄن جون سُتيون، پيڄون ۽ ڊڀ ھن اَگهائيءَ ۾ ڪو بہ اثر نہ ٿا ڪن. عاشقن لاءِ سُوري سينگار آھي ۽ مرڻ مشاھدو. جنکي سچي شراب جي طلب آھي، تن کي پنھنجو سر ڪلال جي ھٽ تي وڍائڻو آھي. جن سچي شراب جي سُرڪي، سِر جي عيوض ملي تہ بہ سستي چئبي. ھي ھڏو ۽ چم، پرينءَ جي جي پِڪ برابر بہ نہ آھي. سپرينءَ سان گڏ ھڪ ساعت گهارڻ سؤ سرن کان بہ مٿي آھي. سڪڻ جي معنىٰ ئي آھي سر ڏيڻ. ھي بي بھا شراب لکئي سان ٿو ملي، نہ سر ڏيڻ سان.

1
اگهي اَگهائي، رَنجُ پِريان کي رسيو؛
چَکيَمِ چڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ تان.
2
انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟
اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ؟
سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تي مُشاھدو.
3
سُوري آھ سينگار، اَڳهين عاشقن جو؛
مُڙڻ موٽڻ ميھڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.
4
سُوريءَ مٿي سيڻَ، ڪھڙي ليکي سَنَرا؟
جيلَهہ لڳا نيڻَ، تي سُوريائِي سيڄَ ٿي.
5
سُوريءَ تي سَؤ وارَ، ڏِھاڙيو چَنگ چڙھين؛
جِمَ وِرچي ڇڏئين، سِڪڻ جي پَچَار؛
پِرت نہ پسِين پارَ، نيھن جِئان ئي نِڱيو.
6
پھرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو؛
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛
سِيخن ماھ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينھنَ جو.
7
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھ، ڳَنُ وڍيندڙَ ھٿ ۾؛
پَسيو پَرِ عجيب جي، لِچيو وڃي لوھ؛
عاشقن اندوھ، سدا معشوقن جو.
8
ڪاتِي تکي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائِي ھوءِ؛
مانَ وِر مَن توءِ، مُون پِريان جا ھٿڙا.
9
اڳيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَن سِر سنباھا؛
ڪات نہ پوين قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀائين گَهٽِ؛
مٿا مُھايَنِ جا، پيا نہ ڏِسين پَٽِ؟
ڪلالڪي ھٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَھي.
10
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، تہ وَنءُ ڪلالن ڪاٽي؛
لاھي رک، لَطِيفُ چئي، مٿو وَٽِ ماٽي؛
تڪ ڏيئي پِڪَ پِيُ تون، منجهان گهوٽ! گهاٽي؛
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِر وَٽ سَرو سھانگو.
11
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، تہ ونءُ ڪلالڪي ڪُوءِ؛
مَھيسَر جي مَنڌَ جِي، ھتِ ھڏھين ھوءِ؛
جان رمز پروڙيم روءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻي.
12
ناڻي ناھ ڪَڪُوھ، ڪي ملهہ مھانگو مَنڌُ؛
سَنباھج، سيد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪَنڌُ؛
ھيُ تنِين جو ھنڌُ، مَن پاسِ مَرَنِ جي.
13
عاشَق زھر پِياڪَ، وِھ ڏسِي وِھسَنِ گهڻو؛
ڪڙي ۽ قاتلَ جا، ھميشه ھيراڪَ؛
لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، تہ بہ آھ نہ سَلِن عامَ کي.
14
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوھ؛
پِتي جنھن پاسي ٿئي، منجهان رَڳُن رُوح؛
ڪاٽي چَکُ ڪڪُوھ، لاھي سِرُ، لَطِيفُ چئي.
15
سَڌَڙِيا شراب جون، ڪُھ پَچارُون ڪنِ؟
جُھ ڪاتَ ڪَلالنِ ڪڍيا، تہ موٽيو پوءِ وڃنِ؛
پِڪُون سي پِينِ، سِرَ جن جا سَٽِ ۾.
16
سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوھَ جنين جا ديڳِ ۾؛
سي مَرُ ڪن پَچارَ، حاضر جن جي ھٿ ۾.
17
اصل عاشقن جو، سِرُ نہ سانڍڻُ ڪمُ؛
سَؤ سِسِنئان اَڳَرو، سَندو دوسان دمُ؛
ھيُ ھڏو ۽ چمُ پِڪَ پِريان جِيَ نہ پَڙي.
18
جي مٿي وٽِ مِڙَنِ، تہ سڀڪنھن سَڌَ ٿئي؛
سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي، تہ عاشقَ اِئن اچنِ؛
لڌا تي لَڀَنِ، مُلِهہ مَھانگا سُپرينِ.
19
مُلهہ مَھانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَھادت؛
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَنِ جو.

وائي

مَنڌُ پئندي مون، ساڄَنُ سھي سُڃاتو؛
پِي پِيالو عِشقَ جو، سڀڪِي سمجهيو سُون؛
پِريان سندي پارَ جِي، اَندرِ آڳ اَٿُون؛
جِئڻُ ناھي جَڳَ ۾، ڏينھن مِڙيئي ڏُون؛
اَلا، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، آھين تُون ئي تُون.

داستان ٽيون

1
اُٿياري اٿي وِيا، مَنجهان مُون آزارَ؛
حبيبَ ئي ھڻِي ويا، پِيڙا جا پَچار؛
طَبيبن تَنوارَ، ھڏِ نہ وڻي ھاڻِ مون.
2
اَورِ ڏُکَندو اُو ٿئي، ھادِي جنھن حَبِيبُ؛
تِرُ تَفاوتُ نہ ڪري، تنھنکي ڪو طَبِيبُ؛
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحتَ سُپِرين.
3
ساٿَرِ صِحتَ سُپِرِين، آھي نہ آزارُ؛
مجلسَ ويرَ مِٺو ٿئي، ڪوٺِيندي قَھارُ؛
خَنجرُ تنھن خُوب ھڻي، جنھن سين ٿئي يارُ؛
صاحِبُ رَبُ ستَارُ، سوجهي رَڳُون ساھ جون.
4
رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنھين؛
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نہ ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنھن ڪَبابُ؛
سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي.
5
سو ئِي راھ رَدِ ڪري، سو ئي رَھنُماءُ؛
وَ تُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ، وَ تُذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.
6
سِڪِين ڪُھ سَلامَ کي، ڪَرين ڪھ نہ سَلامُ؟
ٻيا دَرَ تن حرامُ، اِيُ دَرُ جنِين ديکيو.
7
مِٺايان مِٺو گهڻو، ڪَڙو ناھ ڪَلامُ؛
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
8
پريان سَندي پارَ جي، مِڙيئي مِٺائي؛
ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
9
تو جنِين جي تاتِ، تن پڻ آھي تنھنجي؛
‘فَاذکرُونِي اَذکرۡ کمۡ’، اِيَ پَرُوڙِج بات؛
ھٿِ ڪاتي ڳڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِين جي.
10
پاٻوھي ھيڪارَ، مون کان پُڇيو سَڄَڻين؛
اَلَسۡتُ بِرَبِّکُمۡ، چَيائون جنھن وارَ؛
سَندي سورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏھانڪُون نہ لھي.
11
پاٻوھيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھٿُ حَبِيبَ جو؛
نيزي ھيٺان نِينھنَ جي، پاسي پاڻُ نہ ڪَنِ؛
عاشِقَ اَجَلَ سامهان، اوچي ڳاٽ اَچَنِ؛
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھدو.
12
ڪوٺي ڪُھي سُپرِين، ڪوٺي ڪُھڻَ ساڻُ؛
نيزي ھيٺان نِينھنَ جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ؛
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ! اَجَلَ سامهون.
13
ڪوٺڻُ قَريبَنَ جو، عينُ تَڙڻُ آھ؛
اِيَ اُلٽي ڳالَهڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساھ؛
آسَرَ ھڏِمَ لاھ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
14
ڪُھنِ تان ڪَرَ لَھنِ، ڪَرَ لَھنِ تان ڪُھنِ؛
سيئِي ماءِ! مُھنِ، سيئي راحتَ رُوحَ جِي.
15
ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو قَريبُ؛
اِھا عادتَ سِکيو، ھر زَمان حبيبُ؛
تِڇي سو طبيبُ، سو ئي راحتَ رُوحَ جِي.

وائي

ٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون منھنجي دَردَ جو؛
ٻُڪِي ڏيندُم ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عجيبُ؛
پِرِين اچي پاڻَ ڪِيو، سندو غورُ غريبَ؛
ڏُکندو سڀوئي ڏُور ڪيو، مَنجهون تَنَ طبيبَ؛
اَديُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چَئي، ھاتِڪُ آھ حبيبُ.

سُر ڪلياڻ پورو ٿيو