سر معذوري

داستان پھريون

1
ھَلندي ھوتَ پُنهُونءَ ڏي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون؛
پَھَڻُ تنِين پَٽُ ٿِئي، جي لءِ لالَنِ لُوٺِيُون؛
سَڀُ سَھيلِيُون سِڪَ کي، چُنجهون ۽ چُوٺِيُون؛
ٻانڀَڻِ! ٿِيُ ٻُوٽِيُون، تہ ڪُتا کِيَنِئِي ڪيچَ جا.
2
تن پيئِي جانارَنِ يادِ، جي پاريَلَ پُنهُونءَ ڄامَ جا؛
سَندي لا لَنِ لاڌِ، مُئانِ پوءِ مَنڌُ ٿِئي.
3
جاڳايَسِ جَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي؛
بَھِي ڀؤنڪِي اُٿيو، گهڏِي مَنجهان گهورَ؛
سَڀِ لاھِيندو سُورَ، گِري ھِنَ غَرِيب تان.
4
ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اسين ڪُتي ڪِيڙَ؛
چُھِٽي آھي چِيڙَ، ڪارايي جي ڪَنَ ۾.
5
سَگِبانَ سِينڍارِيا، بَڇِيا، تي بَھَنِ؛
ڦِرِيا نہ فَرمانَ کان، مُلهہ نہ موتِيَڙَنِ؛
ڪونهي ڏوھُ ڪُتَنِ، ڏاڪارِيا، ڏاڙِھِينِ ٿا.
6
ڏَکا، ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ؛
پُڙَندا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، ھِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ؛
سَڳائِيءَ جي، سَيَدُ چئي، آھي سُڌِ سَڀَنِ؛
ھُوندَ نہ ھِتِ ٽَرَنِ، پر قَرابَتَ ڪَمُ ڪيو.
7
سَڌَرَ سين سَڱُ ڪري، پَرَکَنڊين پِيياسِ؛
ڪيرَ بِرھَمَڻِ؟ ڪِن جي؟ ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاسِ؟
ھُوندَ نہ سِنڌُ سُياسِ، ھِنَ پُرِيين ڪَيَسِ پَڌِري.

وائي

خُوبِي مَنجهہ خِفَتَ، اي! دوستَ! دِقَتَ، آھي عَبۡدُاللَطِيفُ کي.
مَدَحَ مون کان نہ ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ؛
ھِجي ڪريان ھيجَ سين، مُطالِعُ مَحَبَتَ؛
حُزنُ ھوتَ پُنهُونءَ جو، رُڳيا ئِي راحَتَ؛
پِرِيان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرحَتَ.

داستان ٻيو

1
اَدِيُون! وَرُ اُگهاڙَ، وِھانءُ جنھن وِساريو؛
جيڏِيون! ڇڏي جاڙَ، سَڀِ نَنگيُون ٿي نِڪرو.
2
سَڀِ نَنگيُون ٿي نِڪرو، لا لَچِ ڇڏي لوڀُ؛
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪندي نہ ٿِئي.
3
سَڀِ نَنگيُون ٿي نِڪرو، پَرَھَڻَ ڇَڏي پوءِ؛
مَھَندِ مِڙَنِئان ھوءِ، ڪَھي جا ڪِينَ کڻِي.
4
ڪَھي جا ڪِينَ کڻِي، پِرينءَ پَھُتِي سا؛
وِھي ويڙھجِي جا، وَصۡلُ تنھِن وِڃائِيو.
5
وَصۡلُ تنھِن وِڃائِيو، سِينڌِ سُرمي سِيئَن؛
سا لُوٽِي لِيلان جِيئن، مَڻِيو جنھن مِٽُ ڪَيو.
6
ھُوندِيان ھوتُ پَري، اوڏو آھ اَڻَ ھُوندِ کي؛
ساڄَنُ تن سَري،”لا“ سين لَڏيِنِ جي.
7
لائي خَنجَرُ “لا“ جو، ھَيءِ! خَچَرَ کي ھَڻُ؛
سَڌُنِ جُون سَيَدُ چئي، وَٿُون سَڀِ وِڪَڻُ؛
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تہ ھَلَڻَ ۾ ھورِي وَھِين.
8
ھورِنِ ھاڙھو لَنگهيو، ٿِي جَرِيدِي، جوءِ!
ھُوندِ جنِين سين ھوءِ، ھوتُ نہ ھُوندو تن سين.
9
ھورِنِ ھاڙھو لَنگهيو، مُٺِي! مُوسَٽُ ڇَڏِ؛
”لا“ سين اُٿِي لَڏِ، ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچَ کي.
10
نڪا ھِتِ، نہ ھُتِ، ڪا ڳَوريءَ سندِي ڳالِ؛
ڪِينَ پَھُتِي مالِ، حالِ پَھُتِي ھوتَ کي.

داستان ٽيون

1
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھ پِيامِ؛
اَرڏا آريءَ ڄامَ ري، گُوندَرَ گُذرِيامِ؛
لڪِيُون، لَڪَ، لَطِيفُ چئي، اورانگهڻَ آيامِ؛
پُرَڻُ پُنهُونءَ پُٺِ ۾، اِيُ سَعادَتَ سَندِيامِ؛
مَٿسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِھان تان نہ وَسِ پِيو.
2
وَڌو ڪِيمَ وَڻاھ! اُونچا ڏُونگَرَ! مَ ٿِيو.
ٽِمو مَ نيڻاھ، تہ پيرُ نِھارِيان پِرينءَ جو.
3
وارو! مُون وَڻَراھ! ڪا سُڌِ سُونھَپَ جي نہ ڏِيو؟
وِجهي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجهاءِ؛
مَنجهان پاڻَ پِيادِيُون، ھادِي ٿِي ھلاءِ؛
پِرِيان کي پَھُچاءِ، تہ لَڳِي لُوٺو نہ ٿِئين.
4
ڪَنڊا مون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ؛
آڱُرِ، آڱُوٺي نہ مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ؛
ويندي ڏانھن پِرِيَنِ، جُتِي جاتِ نہ پائِيان.
5
جُتيون سي پائِينديُون، جنِين پيرَ پِريِن؛
لاٿيُون سَڀِ پَريِن، سَسُئِي سُپيرِيُنِ کي.

داستان چوٿون

1
مَرِي، جِيءُ؛ تہ ماڻئِين، جانِبَ جو جَمالُ؛
ٿِئين ھُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِھائِي پارِئين.
2
مَرُ تہ موچارِي ٿِئين، اَجَلان اَڳي اَڄُ؛
جان ڪِي ھُئين جِئري، تہ مُنڌَ! ڀَنڀوران ڀَڄُ؛
پُنهُونءَ ساڻُ پَھَڄُ، تہ مَلَڪَ اَلۡمَوتُ ماڻئِين.
3
اَجَلان اَڳي، سَسُئِي! مُنڌَ! جِئَريائِي مَرُ؛
ٽولِيان تنھن مَ ٽَرُ، جنھن رُوحُ وِڃايو راھ ۾.
4
مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نہ ماتُ.
ھوندا سي حَياتُ، جِئَڻان اَڳي جي جِئا.
5
اُونچو اُتاھون گهڻو، جِئَڻَ کي جَبَلُ؛
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
6
تو سَڱُ، ساھ! گهڻَن سين، جِئَڻَ! گوشي جاءُ؛
مَرَڻَ! مُون سين آءُ، تہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
7
پَرِ ۾ پَچِي پِرينءَ کي، مَري نہ ڄاتوءِ؛
”مُوۡتُوۡا“، مُنڌَ! نہ سوءِ، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِيان ڪاٽئِين؟

داستان پنجون

1
ھَٿين، پيرين، مُونَڙِئين، ھَلِجِ ساڻُ ھِنئَين؛
عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِئين؛
جان جان ٿِي جِئين، تان پاڙِجِ ڪومَ پُنهُونءَ سين.
2
ھَٿين، پيرين، مُونَڙِئين، ڪَھِجِ ڀَرِ ڪَپارَ؛
مَتان، ڇوري! ڇَڏِ ئين، پِرِيَتَڻي پَچارَ؛
توکي سَنَدَ، سَسُئِي! سَندِي لَنؤ لَغارَ؛
جي ھُونِئِي ھوتَ ھَزارَ، تہ بہ پاڙِجِ ڪوم پُنهُونءَ سين.
3
ٿَڌيءَ ٿَڪِي نہ وِھي، تَتِيءَ ڪَري تاڻَ؛
وِڌائِين وَڻِڪارِ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ؛
پُڇي پَھ پَکِيُنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرِياڻَ؛
ڏِنَسِ ڏيھ وَڻَنِ جا، تن اَللھ لَڳ اُھڃاڻَ؛
مانَ پَرچِي پاڻَ، اَچي آرِياڻِي وَرِي.
4
توڻي وِلاڙُون ڪَرِين، توڻي ھَلِين وِکَ؛
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايعَ نہ ٿِئي.
5
لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙيءَ نہ ٿِئي؛
پاڙِيو ويٺِي پاڙِ، جيڪي لالَنَ لِکِيو لوحَ ۾.
6
ڪَيائِين ڪيچِيُنِ لءِ، جُسو جَلاوَت؛
ڇَڏَي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀِ حُجَتَ؛
ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.
7
ماڙھُو ڏيئِي مِھڻا، مُون کي ڪَندا ڪوھ؟
جنھن ڇورِيءَ ۾ ڇوھ، سا پٿُون ٿِيندِي پيرَ تي.

داستان ڇھون

1
فَردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪئِي، نَقدُ کنيو نارِ؛
ھِيَ جا واڳَ وِلَهيءَ جي، ويرَمَ ڏي مَ وارِ؛
جانڪِي مُٺِيءَ مار، جانڪِي ميڙِ مُٺيءَ کي.
2
مُٺِي ٿي مُدَعا گهري، موتُ ٿيو موجودُ؛
اَچِين تہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ؛
جانڪِي ني وُجُودُ، جانڪِي ميڙِ مُٺِيءَ کي.
3
ڏکِي ٿي ڏَڌورَ، لَھسِي لَنؤ پُنهُونءَ جي؛
ڏيئِي آڳِ اَتورَ، سَڀَ نہ ساڙِي سَسُئِي.
4
ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳَڙو، سَسُئِي! آڻِ مَ شَڪُ؛
ٿِيُ ٻانِهي، ڀَرِ اوئِيُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ؛
وَرُ پُنهُونءَ سين پَلَڪُ، کوءِ ٻارھَنَ ورھ ٻِيَنِ سين!
5
ڏکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَسو! پِٽُون پَوَنِ؛
مُئي پُڄاڻان مُنڌَ کي، روجهہ رُڃُنِ ۾ رُئَنِ؛
ڀُوڻا اِيھِين چُون، تہ ”مُئِيءَ اَسانکي مارِيو!“
6
ڏکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچن؛
ھَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪَيو ڪَيچينِ؛
جي ھَٿان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تنِين جي ھَنجَ ۾.
7
ڏکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ؛
وَٽان ويھِي جَنِ، وَڍيءَ سي واڍوڙِيا.
8
وَڍِيءَ سي واڍوڙِيا، رَتُ نہ ڏِٺو جن؛
موتُ قَبوليو تن، ڏِٺو جن ڏکِيءَ کي.
9
وَڍِيَلَ ٿي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري؛
ھُنَ پَنَ پنھنجا سارِيا، ھِيَ ھنجُون ھَڏَنِ لءِ ھاري.

وائي

اَچِي، لالَڻَ! لَٽِ، مِيان! مُئِيءَ جو لوڙھ لَڪَنِ ۾.
ھو کانُ کَٿُورِيءَ ھِيرئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ؛
آرياڻِيءَ اَچِي ڪري، ڪا گهڙِي مُون وَٽِ جَٽِ؛
کَٿُوري کَشِبُوءِ سين، ھارِيائُون ھَٽِ ھَٽِ؛
دَردُ مُنھنجي دِلِ جو، تون، ڪامِلَ! اَچِي ڪَٽِ؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، سِرَ تائِين آھي سَٽِ.

داستان ستون

1
آئون نہ گَڏِي پِرينءَ کي، سَھَسين سِڄَ ويا؛
ھَلَڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان!
2
آئون نہ گَڏِي پِرينءَ کي، پويون ٿِيو پَساھ؛
سِڪان ٿِي سَڪِراتَ ۾، رويو پُڇان راھ؛
شالَ مَ وَڃيمِ ساھ، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي.
3
آئون نہ گَڏِي پِرينءَ کي، آيو عِزۡرائِيلُ؛
جوراڻي سين جيڏِيُون! نَڪو قالُ نہ قِيلُ؛
آيو موتُ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ کان.
4
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، رَئِي پَسِيو روءِ؛
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھن پَرِ ڪَھِي لاھِيان!
5
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، اُونچَنِ مَٿي اَڄُ؛
لالَنَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِيائِين بَردارَ جو.
6
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، ڏِيو پَٽولي لانگَ؛
ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگَ، سَسُئِيءَ مورَ ٻَچَنِ جِئن.
7
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، پَسو سَگهہ سَندِياسِ؛
آڌِيءَ وَڃيو آکُڙي، نَڪو پِيُ نہ ماسِ؛
سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
8
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَر ڪووَلَ جي ڪُوڪَ؛
وَلَولو ۽ وُوڪَ، اِيَ تان آھ عِشقَ جِي.
9
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرڪي ڪُونجَ؛
نَعرو منجهہ نِڪُونجَ، اِيَ تان آھ عِشقَ جي.
10
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِي سازُ؛
اِيُ عِشقَ جو آوازُ، ماڙھو رَکَنِ مُنڌَ تي.

 

سر معذوري پورو ٿيو