سر رامڪلي

داستان پھريون

1
نُورِي ۽ نارِي، جوڳِيَڙا جَھانَ ۾؛
ٻَري جن ٻارِي، آءٌ نہ جِئندِي اُنِ ري.
2
جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھئا مَنجِهہ حَمامَ؛
آرامان اَرَڳُ ٿِيا، اوڏا نہ آرامَ؛
ڪَيائون قِيامَ، آءٌ نہ جِئندِي اُنِ ري.
3
وارو! ويراڳِيُنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ؛
قَدَمُ ڪاپَڙِيُنِ جا، لِيلائي لَھيجِ؛
پِيرَتَ پَسِيو پَٿَ جي، وَڃَڻَ کي وڃيجِ؛
راتو ڏِينھن رِڙھيجِ، آءٌ نہ جِئندِي اُنِ ري.
4
واڄَٽَ ويراڳِيُنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ؛
سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ؛
ويساھي ويلَ ڪَنھين، پُورَبِ ويندو پَٿُ؛
ھلُ! کَنيائُون ھٿُ، آءٌ نہ جِئندِي اُنِ ري.
5
واڄَٽَ ويراڳِيُنِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ؛
مَقالان مَھندِ ٿِيا، ڪونهي وَٽِنِ قالُ؛
حاصُلُ جنِين حالُ، آءٌ نہ جِئندِي اُنِ ري.
6
جان ڪِي مُون کي ني، پَڳھ پائي پاڻَ ڏي؛
پَھ پَرُوڙِيَمِ پَٿَ جا، مَنجهان ڪِينَرَ ڪي؛
ھاڻي جي ھنئي، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
7
سَتُرُ سِڱِڙيُنِ سين، لَحظي لاٿائُون؛
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھيان، اُنِهن جي آئُون؛
مُون کي مارِيائُون، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
8
ميڙِيو ڀاڻُ ڀَرِيون ڪَيو، جوڳِي جَلائِينِ؛
سامِي سِڱِڙِيُنِ سين، خودِيءَ کي کائِينِ؛
ھو جي تارِ تَڳائِينِ، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
9
پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، اُدُوھا اَچَنِ؛
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيُنِ جا، صُبُحَ تان نہ سُڄَنِ؛
جي رائي منجِهہ رَھنِ، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
10
آسَڻَ وَٽِ آھون ڪَرِيان، وَسِ نہ مُنھنجي واتُ؛
لَڳُمِ لاھوتِيُنِ جو، ڪِينَرَ مَنجهان ڪاتُ؛
ھلڻَ کي ھيھاتُ! آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
11
وَٽِنِ ويٺِي آھيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسان؛
جَنھن جِھوئِي ناھ ڪِي، سا ڪا سُونھن سَندِيانِ؛
پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
12
بابُو بِيکارِي ٿِيا، اَڄُ نہ آسَڻَ وَٽِ؛
خودِي کانئِي ھلِيا، پيرُ نہ لائي پَٽِ؛
”ھَءِ! ھَءِ!“ جنِين ھٽِ، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
13
بابُو بِيکاري ٿِيا، ڀَڃِي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ؛
نِسوروئِي نِينھن جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ؛
سِرِکَنڊُ جَنين ساڻُ، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
14
نانگا نانِيءَ ھلِيا، ھنگِلاجان ھلِي،
ديکِي تن دُوارِڪا، مَھيسِيُنِ مَلهي؛
آڳَھِ جن عَلِي، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
15
پاڻهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ؛
سامِي سَفَرِ ھلِيا، آسَڻُ اُجهائِينِ؛
رُخِصَتَ رُئارِينِ، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
16
جُزو وِڃايو جوڳِئين، ڪُلَ سين آھينِ ڪَمُ؛
آسَڻُ جِنِ عَدَمُ، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.

وائي

سَندَڙِيانِ سِڱَڙِي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندي ڪَڏَھين.
جا وَڄائِينِ جَتَڙا، نہ تَنھن نَڙَ جَھڙِي؛
مُرلِيءَ کي جَنھن ماتِ ڪَيو، نہ تَنھن تُلِ تُنبَڙِي؛
تارِيو جَنھن توڏِيءَ کي، نہ سو گِهنڊُ نہ گِهنڊَڙِي؛
ڏارِيو جَنھن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنھن تِکَڙي؛
نہ سِري، نہ سِنڌُ ڪا، نڪا ھندُ ھھڙِي؛
مِٺائِيان مِٺِي گَهڻو، چَوندا جن چَکَڙِي؛
وَنئُن اونائي اُنَ کي، ويھُ مَ، کَڻُ وِکِڙِي؛
بيخودِ بابُو سي ٿِيا، ٻُرَندِي جن ٻُڌَڙِي؛
جا ساراھيلَ سُبحانُ جِي، تَنھن واکاڻُ ڪَھڙِي؟
سَھسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَهندَڙِي؛
گهانڊارَ مِرُون موھيا، ھيءَ ماڙُھو مُھِندَڙِي؛
اَديون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، ھيءَ مُئا جِيارِيندَڙِي.

داستان ٻيو

1
ڪَيَمِ ڪاپَڙِيُنِ جي، پَھرين ڏِينھن پَرُوڙَ؛
سَگها ساعَتَ نہ ھڪڙي، چارئي پَھرَ چُورَ؛
سدائين سيَدُ چئي، ھونِ سناسي ۾ سُورَ؛
جوڳي ساڻَ ضَرُورَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
2
ويھي ويراڳِيُنِ جو ٻِئي ڏِينھن ٻُڌُمِ حالَ؛
اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِيا، جاڳوٽا زَوالَ؛
تن ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِيُون، چوٽا چَڱِيءَ چالِ؛
ويچارا وُجودَ جِي، ڪَنھن سان ڪَنِ نہ ڳالِ؛
نانگا ٿِيا نِھالُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
3
ٽِئين ڏينھن ٽِمڪائينِ، دُونھيُون دائِرَنِ ۾؛
ميڙِيو ڪَڙِڄَ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ؛
سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيُنِ آھينِ،
ڳُجُهہ نہ ڳالھائِينِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
4
چوٿين ڏِينھن چَوگانَ ۾، ڪَنھن جَنھن پَھِ پِيا؛
وَھمَ پِرِيان جي وَڍِيا، تن ۾ ڪُوڙَ ڪِھا؟
اندَرِ آديسِيُنِ کي، اَچَنِ جوشَ جِھا؛
سامِي سونُ ٿِيا، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
5
ڪَنھن جَنھن پُورَ پَچائِيا، پَنجين ڏِينھن پَئِي؛
اَندَرِ آديسِيُنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي؛
مُحَبَتَ جي ميدان ۾، لاشَڪُ پِيا لَھي؛
تن کي ساري راتِ، سيَدُ چئي، گُوندَرَ ساڻُ گَئِي؛
ڪَريو سيڻَ سھي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
6
پِيا ڪَنھن پَرياڻَ ۾، ڇَھين ڏِينھن ڇَڻِي؛
اَندَرِ آديسِيُن کي، ڌُريان ئِي ڌڻِي؛
ٻَرِي ٻاجهارا ڪَيا، کانئِي خاڪَ کڻِي؛
پِنِيو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
7
سَتين ڏِينھن، سَيَدُ چئي، ڌاڄا ڌوتائُون؛
اُڀِي اَلَکَ سامهون، ٻانھون ٻَڌائون؛
وَڏِيءَ ڪَنھن وِلاتِ جا، اُھڃَ آندائُون؛
رُوحُ پَنھنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون؛
کَڻِيو کِدائُون، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
8
اَٺين ڏِينھن، اُڀِي وِيا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ؛
سا پَرِ سامِي سکيا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ؛
ويروتارَ وُجودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَھيوئِي آھ؛
ڪَنھن جَنھن ڪمائِي لاءِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
9
نائين ڏِينھن نيڻانِ، اوجاڳي اُجارِيا؛
سَٻاجهي ٻاجَهہ ڪَئي، سُڃاڻي سيڻانِ؛
جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتي اوتارانِ؛
اِھي اُھڃاڻانِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
10
ڏَھين ڏِينھن ڏِکَ ٿِيا، پِرِينءَ پاٻوھيا، پَسُ؛
وَرقَ جي وِصالَ جا، سي واري ڪيائُون وَسُ؛
لَڌائُون، لَطِيفُ چئي، سَندو گُروءَ گَسُ؛
جوڳِيُنِ کَٽِيو جَسُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
11
وَريو ويراڳِيُنِ جو، ڪارِھين ڏِينھن ڪَرَمُ؛
جوڳِيُنِ جاٽائُون پُنِيُون، ھلِي وِيا حَرَمُ؛
دائِم جَهلِيو دَمُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
12
مَنَ مُرادون پُنِيُون، ٻارِھين ڏِينھن ٻَئِي؛
جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِيا سَڀيئِي؛
سَمانا سيئِي، جي گُرَ گَڏِجِي آئِيا.

داستان ٽيون

1
سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مٿي راھ؛
پُرَنِ پُورَبَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ موالِي ماھ؛
جنِ اَلَکَ سين آگاھ، ھلو! تَڪِيا پَسُون تِنِ جا.
2
نِڪرُ ناھ ڪُلهي ڪَري، ھو مَ ھوندَنِ جِيئَن؛
لاھوتِي، لَطِيفُ چئي، ھونِ نہ آديسِي اِيئَن؛
سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جي ڌارِين تَعَلُقُ تِرَ جيتِرو؟
3
ڪَنَ ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا ڪَنَ چِيرَ؛
سَدا وِھنِ سامُھان، عاشِقَ اُتَرَ ھيرَ؛
تَسا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ؛
جي فَنا ٿِيا فقِيرَ، ھلو! تَڪِيا پَسُون تِنِ جا.
4
سامِي کامِي پرِينءَ لَءِ، ڪُسِي ٿِيا ڪَبابُ؛
جَھڙو ڏِسَن ڏوھَ کي، تَھڙو تِنِ ثَوابُ؛
اوتِين اَرِتي گاڏُئون، مَنجهان اکِيُنِ آبُ؛
سَندو ذاتِ جَوابُ، تُون ڪِئَن پُڇِين تِن کي؟
5
سامِيُنِ سِڱُ ڪُلَهنِ تي، سَنگُ مِڙوئِي سُورُ؛
ڪَھندا وِيا ڪابُلَ ڏي، ڪو جو پِيَڙُنِ پُورُ؛
مَڙھيءَ جو مَذِڪُورُ، ڪالَهہ ڪَندا وِيا ڪاپَڙِي.
6
سامِي! مَڙھي سَندِياءِ، سامهين مون سيلَهہ ٿِي؛
سا تان ڪُھ اَڏياءِ، جان نانگا وَڃِين نِڪِرِي؟

داستان چوٿون

1
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان، تہ سَڱَ سَڀيئي ڇِنُ؛
وڃِي دَرِ دوسَتَنِ جي، نانگا! ڪِيمَ نِنُ؛
پَٽِ تِنِين جي پِنُ، جِنِ ٻُجِهي نہ ٻُجهيو.
2
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان، تہ سَڱَ سَڀيئِي ٽوڙِ؛
جي ڄاوا نہ ڄاپَندا، جِيُ تنِين سي جوڙِ؛
تہ تُون پَھچِين توڙِ، مُحَبَتَ جي مَيدانَ ۾.
3
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان، تہ مَنُ پُوري، منجِهہ مارِ؛
دائِمُ دُونھين دِلِ ۾، مَنَ سين مالها وارِ؛
سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي جي اَدَبَ سين.
4
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان، تہ ڪِين پيالو پِيُ؛
ناھ نِھاري ھٿِ ڪَري، ”آءٌ“ سين اُتِ نہ ڀِيُ؛
تہ سَندو وَحۡدَتَ وِيُ، طالِبَ! توڙان ماڻئِين.
5
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان، تہ مُنھن ۾ مُنڊا پاءِ؛
ڪَنين ڪِينَ وِڃائِيو، جِنِ ۾ ڪوڙين ڪَڪَرَ وِڌاءِ؛
ڇَڏِ چادَرَ، ٻَڌُ چَمِڙا، جُتِي تو نہ جُڳاءِ؛
تہ سامِيَڙا! سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نہ ٿِئي.
6
جوڳِيُنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پِڻُ سُونھِي جوڳِيين؛
جوڳِيُنِ سَندِي جانِ ۾، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرُ آھ؛
ھاءِ! مُونھِين کي واءِ! جا آءٌ جوڳُ نہ سِکي.
7
جوڳَ نہ جوڳو تُون، ڪَرِين پَچارُون جوڳَ جُون؛
ھڪِڙو پَنڌُ پِرِيُنِ جو، ٻِي تُنھنجِي ڀُون؛
سامِي سيڻَنِ ڏُون، رُئَندا ئِي رَتُ وِيا.
8
جوڳِي ھونِ نہ جِئَرا، پائي جوڳُ مَ جِيُ؛
ھارِيا! ھنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيُ:
”وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيُ“؛
ھڏَھين ڪونهي ھيُ، اَسارا! ”آءٌ“ چَوِين!
9
جان ڪي جوڳِي ٿِيُ، نا تہ نِرڄا! وَنئُن نِڪِري؛
ڪوھ ٿو ڪَنَ ڪَپائِين، جان نہ سَھين سِيُ؟
ڀَڄُ! پَراھون ٿِيُ، مَتان ٻِيا لَڄائِيين.
10
جوڳِي ٿِيَنِ نہ يارَ، ڪَنھين سين قَرِيبُ ٿِي؛
مان مُلاقِي اُنِ سين، جَنِ پُورَبَ جي پَچارَ؛
اَٺَئِي پَھرَ اُنِ جِي، آھ نانِيءَ ڏانھن نِھارَ؛
لائي وِيا لَطِيفُ چئي، اَندَرَ مَنجَهہ اَپارَ؛
سامِيُنِ ساڻُ، سَتارَ! لاھوتِي لالُ ٿِيان.
11
گولا جي گِراھ جا، جُوٺا سي جوڳِي؛
ڦِٽَلَ سي ڦوڳِي، جِنِ شِڪَمَ سانڍِيا.
12
ڪَنَ ڪورائي، ڪاپڙِي، جِندا! ٿِيُ مَ جوءِ؛
سِرَ سِپاھيُنِ وِڪيا، سو ڪِ نہ، سامِي! سوءِ؛
جيڪِي پُڇِين، پُڇُ سو، گُنگا نِيَنِ نہ گوءِ؛
وَڃُ لاھوتِي لوءِ، عِجِزَ کي آجو ڪَري.
13
نِسوروئِي نِينھن جو دِلِ ۾ دُودُ دُکاءِ؛
آڻي آڳِ عِشقَ جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ؛
جِندا! اِيئَن جُڳاءِ، جِئَن آتَشان آبُ ٿِئي.
14
ھو جي ڪَنَ ڪَپارَ جا، سُوڌو سو نہ سُڻِينِ؛
اَندَرِ جي آھينِ، سُڻُ سَنِيھو اُنِ سين.

داستان پنجون

1
مُونا طُور سِينا، سَندا سَنياسِيُنِ؛
پُورَبِ کَنيو نہ پاڻَ سين، بُودُ بيراڳِيُنِ؛
رِدا آھي رازَ جِي، اَوڇَڻُ آديسِيُنِ؛
قُربُ ڪاپَڙِيُنِ، نَھن چوٽِيءَ سِيئَن ڍَڪِيو.
2
مُونا جن مِحِرابُ، جُسو جامِعَ تِنِ جو؛
قِبِلي نُماءُ قَلۡبُ ڪري، تَنَ کي ڪَيائُون طَوافُ؛
تَحۡقِيقَ جِي تَڪِبِيرَ چئِي، جِسمان ڪَيائون جوابُ؛
تِنِ ڪَھڙو ڏوھ حِسابُ، جن ھنئَڙي ھادِي حَلُ ٿِيو.
3
مُنھن مِحِرابُ پِرِينءَ جو، جامِعَ سَڀَ جَھانُ؛
فَرَھيءَ تان فُرقان جِي، ڪاٽِيائون قُرآنُ؛
اُڏامِي اُتِ وِيو، عَقُلُ ۽ عِرفانُ؛
سَڀوئِي سُبحانُ، ڪاڏي وڃِي نِيَتِيان.
4
مَنجِهہ مُحَبَتَ مَچُ، ٻَھر ڌُوڌا ڌُوڙِ سين؛
ڇَڏِيائُون چُرَ لَھي، ڪُوڙُ، ڪُلکَڻُ، ڪَچُ؛
اَوَڳُڻَ اوڏا نہ ٿِيا، ڳُڻُ ڪَيائُون ڳَچُ؛
جِئَن سَڙَنِ، تِئَن سَچُ، جِئَن سَڙَنِ، تِئَن سَنَرا.
5
ڪيھي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اَھڙِي رَوَشِ رَوَنِ؟
نڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نڪِي بِھشتُ گُهرَنِ؛
نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَڪا مُسلمانِي مَنِ؛
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، تہ پِرين ڪَجو پانھنجو.
6
نا اُميدي آجِڪو، اَوڇَڻُ آديسِيَنِ؛
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالبَ اوءِ تَقدِير جا.
7
نا اُميدي آجِڪو، اَوڇَڻُ آديسِيُنِ؛
ڪَڏَھين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏَھين ھيٺ ھلَنِ؛
سامِيَڙا سَمُونڊَ ۾، تنبي جِئن تَرَنِ؛
جي واڳوءَ واتِ وڃَنِ، تہ ڪُسَنِ، ڪُڇَنِ ڪِينَ ڪِي.
8
لالَ ڪي لالُ ٿِيا، لالُ لَنگِهيو جَنِ؛
عَدَمَ جي اوڙاھ تي، ڪَيا آسَڻَ آڌوتِيَنِ؛
گَردانِيو گُنگَنِ، گِردابَ کي گِيانَ سين.
9
وِلهون، ويلا، واوَ، جوڳِيُنِ جَهلِيا جانِ ۾؛
اَجهو رِءَ الله، ڪونهي ڪاپَڙِيُنِ جو.
10
نا مُرادِي نِجُهرو، عَدَمُ اوتارونِ؛
رَضا راڄُ سَندونِ، مُورُ نہ مَڱَنِ ڪِي ٻِيو.

داستان ڇھون

1
ڪَنھن جنھن ڪُٺا ڪات، جِئَن سامِي مُورُ نہ سَنرا؛
ڏِينھان ڏکِي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄائِي راتِ؛
سَندي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان! ھوءِ جَڏائڙِي.
2
رُوح ۾ رَھيُنِ رامُ، ٻَھرِ ٻولِينِ ڪِي ٻيو؛
پِيالو پُرُ ڪري، جوپَ پِيتائُون جامُ؛
تِھان پوءِ تَمامُ، تنِ تَڪيا تاڪي ڇَڏيا.
3
مَٿا مُوءِ ٿِيانِ، سَدا سُوئِيتا ڪاپَڙِي؛
ڪوٺي ڪَنھن نہ پُڇِيا، ڪي اَندَرِ اَندوھيانِ؛
جيڪا ڄَمارانِ، سا مَنجِهہ گُوندَرَ گُذرِي.
4
ويٺي جَنھين وَرِھ ٿِيا، مَٿي سين ميري؛
اَکِيون جَنھن جُون اَلَکَ ڏي، ڀُون ڏي نہ ڀيري؛
ڪاراڻِيان ڪَڪا ٿِيا، ڄَراٽِيا ڄيري؛
لُڙِڪَ لال لَطِيفُ چئي، ڪنبي ۽ ڪيري؛
نِينھن نہ نِبيري، سُورَ چَرندي سَنَرو.
5
نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو نِينھن؛
مَڙِھنِ اُٺا مِينھن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ کي.
6
نَڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نہ نَمائِينِ؛
جاٽا ڪَنِ نہ جوڳَ کي، جوڳُ نہ جُھارِينِ؛
آديسِي آڻِينِ، اُھڃاڻِيُون اَلماسَ جُون.
7
ھرَ ھرَ ڪَنِ اُميسَ، ڌُوَنِ ڏِھاڻِي ڌوتِيا؛
جن نہ مارِي ميسَ، ناٿُ نہ نَمي تن کي.

8

گُهنڊِنِ پاسي گِهنڊَ، گَڏُ گُذارِينِ گودَڙِيا؛
پَليتِيءَ کان پانھنجا، پاڪُ رَکِيائون پِنڊَ؛
نانگا ڪَنِ نہ نِنڊَ، وَڃَنِ رُوندا رامَ ڏي.
9
تَھڙا ڪَڙڄَ ڪَڪِرا، جَھڙا جائُنِ ڦُلَ؛
تِنِ سامِيُنِ جي سڌ مَران، جِن جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ؛
اندَرِ مُلان مُلَ، ٻَھرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.
10
يادِ گُرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا؛
پَڙھنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيَنِ تَنھن پِيٺا؛
جيلان مُنھن مِيٺا، تيلان نَشا چاڙِھيائُون نِينھن جا.

داستان ستون

1
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طعامَ نہ طاماعُو؛
سَيِنَ ھنيائُون سُڃَ ۾، پَھرَ نہ پينائُو؛
اَوَسَرَ آسائُو، اُٿِي گُوندَرَ گَڏِيا.
2
پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گَهران؛
مَھيسِي مخۡلوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران؛
پُڇَنِ ڪوھ شَرعان، جُھ اَندَرِ عَدالَتَ اُنِ جي؟
3
پِنَنِ جِو پَٽُ کَڻِي، سو جي سُڃاڻنِ؛
تہ بَرَ ۾ بِيکَ لَھَنِ، پَھرَ نہ پِنَنِ ڪاپَڙِي.
4
اَسُکُ جِن اَويرَ، سي سانجِهيءَ رَھنِ سُمهي؛
لاھوتِي لَطِيفُ چئي، آڌِي ِڏيَنِ اُليرَ؛
سُتو لوڪُ پَسي پِيا، سامي مٿي سَيرَ؛
ڪيڏانھن ڪندا پيرَ؟ مِڙوئي مٿو ٿيو.
5
وِچِينءَ ويٺا رَھنِ، سانجِهيءَ رَھنِ سُمهي؛
بُکَ مَرندي بِکِيا، ڪَنھن کان ڪينَ گُهرَنِ؛
پيٽَ نہ ھيرِيائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ؛
ڦَڪِي فَقِيرَنِ، ماڳيان پِنِي ماٺِ جِي.
6
ڪَشي ساڻُ ڪَشَنِ، ڏِيلَ ڪَيائون ڏُٻِرا؛
پيٽَ نہ ھيرِيائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ؛
اھڙِيءَ راھ رَسَنِ، ڪاپِڙِي ڪابُولَ کي.
7
آديسِي آديسُ، ھتان ڪَري ھلِيا؛
ڪاپَڙِيُنِ قَلۡبَ ۾، ڪَيو ڏُوراڻو ڏيسُ؛
ويراڳِي نئون ويسُ، راوَلَ ڍڪي رَميا.
8
آديسِيُنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾؛
تن جو حَسَبُ نَسَبُ ناھ ڪي، نہ اَما نہ اَبُ؛
سامِيُنِ کي سَڀين پرين، رُوحَ ۾ رَھيو ربُ؛
رِءَ لانگوٽِيءَ لَبُ، پاڇِي ڪَنِ نہ پاڻَ سين.
9
لُنگُ ڪَڍيائون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نہ مَسَحُو؛
جا اِسلامان اَڳي ھئِي، سا سُئائُون ٻانگَ؛
سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِيا گورَکناٿَ کي.
10
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کوءِ راوَلَ! ٻَنِ رُجاتُ؛
لِباسان لَطِيفُ چئي، پَلِ ويراڳي! واتُ؛
مَنُ ماري ڪرِ ماتُ، تہ تِيرٿَ پَسِين تَڪِيو.
11
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، جوڳِي! رَکِج جوڳُ؛
خَلِقَ خادِمُ جِئَن ڪَرِين، اِيُ راوَلَ! وڏو روڳُ؛
ڀَڳَنِ ڪونهي ڀوڳُ، نانگا وَڃَنِ نِڱِيا.

داستان اٺون

1
رَھيا اَٿَيئِي راتِ، صُبُحَ وِيندَءِ صابرِي؛
لُنءَ لُنءَ منجِهہ، لَطِيفُ چئي، ڪَرِ تنِين جِي تاتِ؛
سَندِي جوڳِيانِ ذاتِ، ٻِئي ڀيري مَسَ مِڙي.
2
تان ڪِي ساڻَنِ اورِ، جان آھينِ اوطاقُنِ ۾؛
ڏَھ ڏَھ ڀيرا ڏِينھن ۾، پاڻُ مَٿانئُن گهورِ؛
وِيا جي ھنگلورِ، تہ ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.
3
تان ڪِي وَٽِنِ ويھُ، جان آھينِ اوطاقُنِ ۾؛
سامِي سَفَرِ ھلِيا، ڏُورِ چِتائي ڏيھُ؛
ڇَڏي سُکُ ساڙيھُ، مٿي گَنگا گَجيا.
4

اَڄُ نہ اوطاقُنِ ۾، جاڳَرُ جوڳِيَڙَنِ جو؛
ساري سَناسِيُنِ کي، رُئَندين تان رو؛
پَسُ! پارِيان تو، لاھوتِي لڏي وِيا.
5
اَڄُ نہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ؛
آديسِي اُٿِي وِيا، مَڙھيُون مُون مارِينِ؛
جي جِيَ کي جِيارِينِ، سي لاھوتِي لَڏي وِيا.
6
اَڄُ نہ اوطاقُنِ ۾، سندي جوڳِيُنِ جوڙَ؛
ساري سَناسِيُنِ کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ؛
مَنَ جنِين سين موڙَ، سي لاھوتِي لڏي وِيا.
7
اَڄُ نہ اوطاقُنِ ۾، ڪَرڳَل ڪِينَ رُوئَنِ؛
نہ اُھي آديسِي اَسُکا، جن سين مَڙھيُون سُونھنِ؛
مَڙُھُ پُورِيائُون ماٺِ تي، واڄَٽَ ڪِينَ وَڄَنِ؛
وِيا نانگا سي نِڪِرِي، پَھرَ نہ پُورِبِيَنِ؛
سارِيو سَناسِيُنِ کي، اولاڪا اَچنِ؛
لاڄَئُون لاھوتِيَنِ، جوڙي ڏِنيُون جِيَ کي.
8
اَڄُ نہ اوطاقُنِ ۾، دُونھين، ڌُنڌُ، نہ لاٽَ؛
وِيا ويراڳِي، نِڪِرِي، چِتَ چَکائي چاٽَ؛
آءٌ مارِيَسِ تَنھين ماٽَ، جِيجان! جوڳِيَڙَنِ جي.
9
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِيءَ لاٿو جارُ؛
سندو پُورَبَ پارُ، آڇِيائِين اَنڌَن کي.
10
ھيءِ! جي ھئا ھتِ، تہ مَٿِن ھوندَ حَقُ ٿِيو؛
مَڻِيُون، مُورَتَ، مَتِ، مانَ وِسرِيُون ڪِي لَھان.

داستان نائون

1
بُکَ وِڌائُون بُگِرِيين، جوڳِي ڪندا جُڃَ؛
طَلَبَ نہ رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيَنِ اُڃَ؛
لاھوتِيُنِ، لَطِيفُ چئي، مَنُ ماري ڪيو مُڃَ؛
سامِي جهاڳي سُڃَ، وَسَنئُن کي ويجها ٿِيا.
2
نہ گِندا نہ گَبَرِي، نہ لانگوٽِي لِکَ؛
جيڏَنھن ڀَرينِ وِکَ، تيڏَنھن صاحِبُ سامھون.
3
ڪڇي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينھن جِي؛
جَھِڙا آيا جَڳَ ۾، تَھِڙا وِيا موٽِي؛
اُنيِن جِي چوٽِي، پُورَبِ ٿِيندِي پَڌِرِي.
4
جِئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تِئَن جي پُڇَنِ پَنڌُ؛
تہ رِڙھي لَڌائُون رَندُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چَئي.
5
جا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسيَنِ؛
روزا رِندَ رَکنِ، عيدَ نہ اوڏا ڪاپَڙِي.
6
جَنھن سَناسِيءَ سانڍِيو، گَندي ۽ گِراھ؛
اُنهي کان الله، اَڃا اَڳاھون ٿِيو.
7
ويٺو پُڇِين پَرُ، ڪَر ڪا ھنئارَ ھلَڻَ جي؛
اَڄُ، آديسِي! مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀُڪو.
8
پرِينديئِي پيرِ ٿِيا، ڇڏي گَنجو گامُ؛
گُروءَ سندي گَسَ ۾، جِن ڪَيا تَنَ تَمامُ؛
ويھي ڪَيو نہ وِچَ ۾، تِنِ آديسِيُنِ آرامُ؛
رَھ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَڙِي.
9
اَکِيُون، آلو ماھ، سدا سَناسِيُنِ جُون؛
واري نيڻَ نِنڊاھ، جاڳي جَهلِيا جوڳِئين.
10
اڃا سي آھينِ، جي سَزاوارَ سِڱِيُنِ جا؛
ويٺا وَڄائِينِ، جي سَنِاسِي! سُڻِئين.
11
مَرَڻُ مُسَلَمُ جِنِ، واحِدُ تِنِ نہ وسري؛
مٿي سَڳَرُ ڪاپَڙِي، ڪا نانگا نِنڊَ نہ ڪَنِ؛
نيڻَ سدائِين تِنِ، اوجاڳَنِ اُجارِيا.
12
ڏورَڻُ گَهڻو ڏاکِڙو، ڏورِجِ مَ رِءَ ڏِئي؛
تان تان ھوئِجِ حُجِري، جان سين يارُ جِئي؛
جڏَھن پاسي پاڻَ ٿِئي، تَڏھن ڇَڏِجِ تَڪِيو.
13
ڏورِ مَ ڏِئان ڌارَ، ڏورَڻُ گَهڻو ڏاکِڙو؛
ڪوڙين لَکَ ھزارَ، اِنَ اُونداھيءَ اَنڌا ڪَيا.
14
تو جو ڏِئو ڀانئِيو، سا سُورَجَ سُھائي؛
اَنڌَنِ اُونداھي، جي راتِ وِھامِي ڏينھن ٿِيو.
15
ناٿُ جَنھين نِنڌِ، تِتِ نہ نھارِيو جوڳِئين؛
ڪي ڪُوِيساھيا ڪاپَڙِي، پُرِيا پَراھين پَنڌِ؛
ھو ھنَھين ھنڌِ، ٿي ھنھئِين وِيا ھنگِلاجَ ڏي.
16
ناٿُ جَنھين نِنڌِ، تِتِ پِڻُ نِھاريو جوڳِئين؛
سي سُوِيساھيا ڪاپَڙِي، پُرِيا پَراھين پَنڌِ،
ھو ھئو ھنَ ھنڌِ، ھنِ ھنگِلاجان ھٿِ ڪيو.
17
گُذَرَ گَئِي گُذِرانُ، ڪِينَ قَبُولِجِ ڪاپَڙِي؛
عَلِيءَ جو مَيدانُ، سَکَرُ سَناسِيُنِ کي.
18
ھو جي ٿِيا ھرِڪيسَ، تِنِ لڳِي ڪينَ لِباسَ سين؛
وَتَنِ وِلهي ويسَ، لاھوتِي لَطِيفُ چئي.
19
بُکَ اُنيِن جِي بِکِيا، ڌُوڙِ اُنيِن جو ڌُوپُ؛
ڪَيائُون سو ئِي رُوپُ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
20
سِڱِيُون، سيلِيُون، گَبَرِيُون! ٽيئِي ٽولَ ٽَڳو؛
پَٽُ ھڻِي پَٽَ سين، ڀيري تِنِ ڀَڳو؛
لاھوتُ جِنِ لَڳو، سي مَڙِھيان مُورُ نہ نِڱِيا.
21
کوءِ گودَڙَ! ٻَنِ گَبَرِيُون! نيئِي کِدائُون کانءِ؛
جيڏانھين جوڳُ وِيو، نيڻَ تيڏانھين نانءِ؛
ڀُڻو اِيئَن ڀانءِ، تہ سِڱِيون شُومَتَ ھٿَ جُون.
22
جا گُرَ ڏِنِي گودِڙِي، سا مُون کي ٿِي مَرَڪُ؛
چيلا! ماري چَرَخُ، اوڍي ويھُ اَدَبَ سين.
23
جا گُرَ ڏِنِي گودِڙِي، سا ٿِئي لاھيندي لَڄَ؛
سندا تنھن سُھڄَ، چيلو چوندو ڪيتِرا؟
24
جا گُرَ ڏني گودِڙِي، سا مُون گَهڻِي سُھاءِ؛
نيئِي رَساڻي ماءِ، اوڍِئين جي اَدَبَ سين.
25
اَندَرِ رِلا رِليُون، ٻَھرِ پَٽولا؛
اِنَ پَرِ ڪاپَڙِي، گَڏَھ جا گولا.
26
ٻَھرِ رِلا رِليُون، اندَرِ پَٽولا؛
اِنَ پَرِ ڪاپَڙِي، خدا جا گولا.
27
گُلَ گُلَ پَسِي گودِڙيا، گهڻا مَ ڀانئيجِ؛
سوئِي سُڃاڻيجِ، ھيُ ھو آھي ھيڪِڙو.
28
پَٽَ ڇَڏِيائون پَٽَ ۾، ڏَنڊَ ڇَڏِيائُون ڏِسُ!
آلائِشان اَڳي ٿِيا، موٽِي ٿِيَنِ نہ مِسُ؛
ھيُ ڇَڏِيائُون حِسُ، وَڃِي ڪالَهہ ڪُلُ ٿِيا.

سر رامڪلي پورو ٿيو