سر سھڻي

داستان پھريون

1
وَهَ تِکَ، واهُڙَ تِکَ، جِت نِينھن، تِکَ نرالِي؛
جِن کي عِشقُ عَمِيَقَ جو، خِلوَتَ خِيالِي؛
وارِئين سا، والِي! هِنَئڙو جِن هَٿِ ڪيو.
2
واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اَڳي ٿيو؛
گَهرِ ويٺيون گَهڻا ڪريو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان؛
صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، سا جي ڏٺِي آن؛
هُوندَ نہ پَليو مان، گِهڙو سڀ گَهڙا کڻِي.
3
ڪَنڌِي اُڀيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهَڙُ“ ڪَنِ؛
ڪنِين سانگو ساهَ جو، ڪي ”گهورِيِسَ“ ڪيو گِهڙَنِ؛
ساهَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گِهڙنِ جي.
4
وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪري؛
گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ؛
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساهَڙُ سُپِرِين.
5
گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ؛
سر در يار فِدا شُد چه بَجا شُد، وَصۡلَ اِهوئِي وَنگُ؛
رات جنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين.
6
گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ؛
وَ اَمَّامَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ، اِيُ لَنگِهيائِين لُنگُهہ؛
سِڪَندِيَنِ کي، سَيَدُ چَئي، ڪِينَ جَهلِيندو جَهنگُ؛
راتِ جِنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين.
7
گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪري، اِلاهِي تُھارَ!
ڄَنگَهہ ڄَرڪي واتَ ۾ سِسِيءَ کي سيسارَ؛
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِهيَس وارَ؛
لَکين چُھٽيسِ لوهِڻيُون، ٿيلهيُون ٿَرَنِئُون ڌارَ؛
مِڙيا مَڇَ هزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي سُھڻِي.
8
گَهڙو ڀَڳو تہ گهوريِو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو؛
طالِبُ الۡمولىٰ مُذَڪَّرٌ، اِيُ ٻُڏَندَنُ ٻُوڙو؛
ڪوڙِهيو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ مَنَ ۾.
9
گَهڙو ڀَڳو تہ گهوريِو، پاڻان هو حِجابُ؛
واڄَٽُ وڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ؛
ساهَڙَ رِءَ صَوابُ، آءٌ گهڻو ئِي گهورِيان.
10
گَهڙو ڀَڳو تہ گهوريِو، تان ڪِي تَرُ، هِنيان!
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيھاڻِي ڏِيان؛
ميھارَنِ مِيان، سَئون سُونھايَم پيچِرو.
11
گَهڙو ڀَڳو تہ گهوريِو، آسَرَ مَ لاهيجِ؛
لَا تَقۡنَطُو ا مِنۡ رَّحۡمَةِ اللهِ، تُرهي اِنَ تَريجِ؛
حَبِيباڻِي هيجِ، پَسِين مُنھُن ميھارَ جو.
12
گَهڙو ڀَڳو، مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِيا؛
تِنھان پوءِ سُئا، سُھڻِيءَ سَڏَ ميھارَ جا.
13
پاڻُ مَ کَڻجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ؛
لُڙُ لنگهائي، سُھڻِي! پِرتِ وِجهنديءِ پارِ؛
سي تُرتُ لنگِهينديُون تارِ، اُڪَنڍَ آڳَھُ جن سين.
14
پاڻُ مَ کَڻجِ پاڻَ سين، رِءِ وَسِيلي وانءُ؛
مَٿان سائِرَ، سُھڻِي! پِرتِ وٺجي پانءُ؛
نينھن ڳِنهندي نانءُ، ونءُ پِريان جي پارَ ڏي.
15
ڪونهي آڳَھُ اَهِڙو، جھڙِي مُحبتَ مَنِ؛
اُڀيُون اورئين پارَ ڏي، ڪُوڙيُون ڪَکَ پُڇَنِ؛
نَدِي تِن نيڙُ ٿِئي، جي رِيءَ تُرهي تَرَنِ؛
سِڪَ رَساڻي، سُھڻِي! اَصۡلِ عاشِقَنِ؛
سي جَهليُون ڪينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميھارَ کي.
16
پُڇَنِ جي ميھارَ کي، پُڇي سي ميھارَ؛
تُرَهو تِنِين بارُ، عِشقُ جنِين کي آڪِرو.
17
ساهَڙُ، سا سُھڻِي، سائِرُ پڻ سو ئِي؛
اهي نِجو ئِي، ڳُجُهہ: ڳُجهاندَرَ ڳالهڙِي.

وائي

ڪھڙي مَنجهہ حِساب؟ هُئڻُ مُنھِنجو هوتَ ري، لا!
گولِي! ڀَڄُ گُناهَ کان، ڪونهي سُولُ ثَوابَ؛
نڪِي تَقاوَتَ ۾، نڪِي مَنجِهہ رَبابَ؛
خُدِيائِي خُوبُ ٿِئين، لائِين جي لُعابَ؛
پَلِيتُ ئِي پاڪُ ٿِئي، جُنبِيو مَنجِهہ جِنابَ؛
سو نہ ڪَنھن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ؛
هُوءِ جي جَرڪِيا جَرَ تي، سي تان سَڀ حُبابَ؛
هادِيءَ سين هُنَ پاَر ڏي، رِڙهِين ساڻُ رِڪابَ؛
چَنبو وِجِهي چورَ کي، آءُ ڇَڙَ، عُقابَ!
دِيدُ وِڃاءِ مَ دوسَتَ جو هَلِي مَنجِهہ حِجابَ؛
ڪَسرَتَ آهي قُربَ ۾، اِدۡغامَ ۾ اِعۡرابَ؛
فَنا وجِهي فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيُ ڪَبابَ؛
ڏي طَھُورا تن کي، جي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ؛
مُٺِيءَ ڪيا مرضَ ۾، جاوا سَڀِ جَوابَ.

داستان ٻيو

1
ڪَرَڳَلَ ڪوچَ ڪُنَ گهڻا، جِتِ جَرَ واڳُو جِئائِين؛
پاڻُ اُڇلِي آبَ ۾، وَهَ سِرِ وِڌائِين؛
لَھريُون لَنگهيائِين، لُطف ساڻ لَطِيفُ چئِي.
2
دَهشَتَ دَمَ دَرياهَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ؛
بيحَدِ باڳُو بَحرَ ۾، هيبَتَناڪِ هَزارَ؛
سارِيان ڪانَ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توهان ڌارَ؛
ساهَڙ ڄامَ! سَتارَ! سِگهو رَسجِ سِيرَ ۾.
3
دَهشَتَ دَمَ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪَڙڪو ڪُنُ ڪري؛
توڏي تاڪُن وِچَ ۾، مَٿان وِيرَ وَري؛
آءُ، ساهَڙَ! مُنھِنجا سُپِرِين! پِرِتان پيرَ ڀَري؛
هادِيءَ، هَٿ ڌَري، اونهي مان اُڪارِئين.
4
دَهشَتَ دَمَ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙڪو؛
آهيم اُنهين پارَ جو، دِلِ اندرِ دَڙڪو؛
ڀَڃي سِڪ، سَيَدَ چَئي، سِيرَ سَندو سَڙڪو؛
والِي! ڪَج وَڙُ ڪو، تہ ٻارِ لَنگهيان ٻاجهہ سين.
5
دَهشَتَ دَمَ دَرياهَ ۾، جِتِ جايوُن جانارَنِ؛
نَڪو سَندو سِيرَ جو، مَپُ نہ مَلاحَنِ؛
دَرَندا دَرياهَ ۾، واڪا ڪيو وَرَنِ؛
سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هَليا هيٺ وَڃَنِ؛
پُرزو پئدا نہ ٿِئي، تَختو مَنجهان تَنِ؛
ڪو جو قَھرُ ڪُنَنِ، ويا ڪِينَ وَرَنِ؛
اُتي اَڻتارُنِ، ساهَڙَ! سِيرَ لَنگهاءِ تُون.
6
دَرَهَڙَ ڌَنۡسَ دَرياهَ ۾، جِتِ لَھريُون ڪَنِ لوڙا؛
سَئين اَچي سمُونڊَ ۾، ٿِيا سِيڻايا سوڙا؛
جي تارُو هُئا توڙا، تن هَرٻو ڀانيو هيڪڙو.

داستان ٽيون

1
تَڙَ تَڪَڙِ تارِ گِهڙڻَ، اِيُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ؛
ڏَهَ ڏَهَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ؛
عَقُل، مَتِ، شَرَمُ، ٽيئِي نِينھَن نِھوڙِيا.
2
گهيڙان ڪَري نہ گُهورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کان نہ لَھي؛
جَنھِنکي سِڪَ ساهَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ؛
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَهَمَنِ ڪِي وَهلُورَ؛
جَنھِنکي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تَنھِنکي نَدِي ناهِ نِگاهَ ۾.
3
جِئان گِهڙي تِئان گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون؛
ڏَمَ سين جُسو ظاهِرا، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ؛
سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنھِنکي سِڪَ ساهَڙَ جِي.
4
جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪوڙيُون؛
جن کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، سي گهيڙَ نہ پُڇَنِ گهاٽَ؛
جن کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀانئِينِ وِکَڙِي.
5
ڪنھن جنھن گهيڙَ گِهڙِي، جئن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ؛
سالمُ ويئِي سُھڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪَيوسِ؛
اُهِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ؛
حَقَان حَقُ ٿِيوسِ، هُئِي طالِبِ حَقُ جِي.
6
هُئِي طالِبَ حَقُ جِي، توڏِي لاڪُون توڙَ؛
نہ مَلاحُ نہ مَڪُڙِي، نڪِي ٻَڌي نوڙَ؛
پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُھڻِيءَ ليکي سِيرَ ۾.
7
توڏِي توڙائِين، نِينھَن نوازِي سُھڻِي؛
ڳِچِيءَ هارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين؛
سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانهن عالَمَ آسِرو.
8
توڏِي! تُھائِين جي، سي هِتي ڇَڏِ حِرصَ؛
ساهَڙَ ڌاران سُھڻِي! کوٽِيُون ڪَنِ کِرسَ؛
وَڏِي اِيَ وِرسَ، جِيئن ڏَمَ وَٽِ ڏِينھَن گُذارِئين.
9
ساري سِکُ سَبَقُ، شرِيعَتَ سَندو، سُھڻِي!
طرِيقَتان تِکو وَهي، حَقِيقَتَ جو حَقُ؛
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلُ عاشِقنِ کي.
10
صَبُرُ شاڪِرَنِ، آهي اوطاقُنِ ۾؛
جي واصُل ٿِيا وِصال ۾، سي ذرو ظاهِرُ نہ ڪَنِ؛
وِيبَتَ واهَرَ تَرَنِ، هِنئَڙا، جَنِ هَڄِي ويا.
11
سِياري سِھَ راتِ ۾، جا گِهڙي وَسندي مِينھَن؛
هَلو تہ پُڇُون سُھڻِي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينھَن؛
جنھن کي راتو ڏِينھَن، ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
12
سانوَڻَ گِهڙي سَڀَڪا، هِيءُ سَرَهِي سِياري؛
تَنُ وِڌائِين تارِ ۾، اَرواحَ جي آري؛
مُحبَتِي ماري، ڪونهي دادُ دَرياهَ ۾.
13
واهُڙَ! ڀَريُون مَ پاءِ، تو پِڻُ ليکو ڏيڻو؛
سدا سانوَڻَ ڏِينھَڙا، هِئن نہ هُونداءِ؛
وهاڻي وينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لَھِي.
14
مُحَبَتِي ميھارَ جُون، دِلِ اَندرِ دُونھِيُون؛
آڻيو وِجهي آرَ ۾، لُھاڻو لُوهيُون؛
جي ساهڙ جُون سُونھيُون، سِير سِراڙو تن کي.

وائي

مَدَتَ ٿِيُ، ميھارَ! يارَ! ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
اُونها ڪُنَ، اَتانگَ تَڙَ، اولِي هَڻُ، آڌارَ!
ڏِينهَن ڏُهِلا ڏَمَ سين، آهِيان اَوهان ڌارَ؛
ٻِڇَلِ ٻانڊِي ٻارِ ڪَري، اَتِ اُبَتا آرَ؛
تِتي گِهڙِي سُھڻِي، آڳَھَ رِءَ آڌارَ؛
”ڪارِي راتِ، ڪَچو گَهڙو“، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ؛
سَنڀُوڙو سِيڻاهِ سين، سِگهو رَسُ، سَنگهارَ!
اوراران آهُون ڪَرِيان، پَھچان شَلَ پرارَ؛
سُڻِيو جهانءِ جِهڄي هِنئون، سانڀارا سَنڀارَ؛
آيَم ريلي ريءَ سين، اَللهَ تو آهارَ؛
تارِ تَرَندَيَسِ، لُڙَ لَنگِهينديَسِ، وِينديَسِ وَٽِ وَڇارَ؛
پُورِينديَسِ پارِ مَڻِي، سَھسَين جي سيسارَ؛
گولِي گهاگهائي گِهڙي، جَکَنِ ٿا جانارَ.

داستان چوٿون

1
اَدِيُونَ! سڀ اَندامَ، چَڙَنِ مُنھِنجار چورِيا؛
لارُنِ جا لَنؤ لائِي، سا ڪِيئن آڇِيان عامَ؟
لَڳِيس جنھن جي لامَ، سو دِلاسا دوست مُنجي.
2
ڪارا ڪُن، ڪارِي تُڳِي، جت ڪارِيھَرَ ڪَڙڪا؛
مَئي مَتي مِھراڻَ ۾ ، اَچنِ دُپارا دَڙڪا؛
وِيندي ساهَڙَ سامهان، جهولَ ڏِنسِ جَهڙڪا؛
کرِڪِنِ جا کَڙڪا، سُونھان ٿِيَڙَسِ سِيرَ ۾.
3
جِياريَسِ سَنڀارَ، ڪُھُ ڪَرِيندَمِ گڏجِي؟
ويروتارَ وُجُودَ ۾، پِرِيُنِءَ جي پَچارَ؛
سَڄَڻَ هُونِ ڌارَ، جي هِنئين ۾ حَلُ ٿِيا.
4
ٻيلي پارِ ٻُرِي، مون کي چَڙَنِ چورِيو؛
مُحَبَتِي ميھارَ جِي، سُتِي شاخَ چُرِي؛
مَٿي جهوڪَ جُهرِي، پَوَندِيَسِ پاريچَنِ جي.
5
هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جِي؛
چِتُ چَڙَنِ چورِيو، جؤنڪَ ٿِيَڙَمِ جُوءِ؛
مُحَبَتِي ميھارَ جِي، بِاللهِ پِييَمِ بُوءِ؛
وڃِي رُوءِ بَرُوءِ، ديکيان دوستَ ميھارَ کي.
6
ڪِٿي ٿِيو ميھارُ؟ ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي؟
ڪِٿي دُونھِي دوستَ جِي؟ ڪِٿي پَرِيون پارُ؟
جَنھن مُون سَڀِ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوٽُون ڏِنِيُون.
7
ميھاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِريمَ جِي؛
تنھن مُنڌَ مَتوالِي ڪِي، سندِيءَ ساءَ سُرِڪَ؛
لَڳِيَس ڪامَ ڪِرِڪَ، لوهان تِکِي لَطِيفُ چئي.
8
مَري تان مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلهو مَ ٿِئي؛
وَڇِنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ؛
ساهَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکو مِھڻو.
9
چاهَڪَ چَرِي، تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ٻيٽَ؛
لُڙَ لَنگِهيندِيُون ليٽَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
10
چاهَڪَ چَرِي، تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ڪُنَ؛
ڪوڙِيين ڪَرَ کَڻندِيُون، ساهَڙَ جي سَمَنَ؛
مينھُون ساڻُ اَمَنَ، پَرچِي پارِ لَنگِهيندِيُون.

داستان پنجون

1
ساندَه سَڀ دَرياهُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي؛
ڇڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙي، جِتي جِيَ وِڙاهُ؛
پَسيو ڏوه ڏَڪي هِنئون، آرِ مَٿي اَرِواحَ؛
جي توهُ ٿِئي توڏانهن، تہ وِيرَ وَهِيڻو ناهِ ڪي.
2
سِڪَڻَ وارَنِ سُٿِرو، جي دَهشَتَ سان دَرِياهُ؛
اوڙَڪِ اُنِين جو نہ رهي، آرَ بِنا اَرِواحَ؛
ويندي ساهَڙَ سامهون، صَدقو ڪنديون ساهُ؛
جن کي حُبَ اُنهِين جِي آهِ، ساهَڙُ ساڻِي تن جو.
3
گِهڙيا سي چَڙهيا، اِئين اَٿيئِي؛
مئي متي مَھراڻ ۾، پَؤ ٽپو ڏيئِي؛
ته ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاهَ سين.
4
اَکيُون مُنھن ميھارَ ڏي، رَکيُون جن جوڙي؛
رِءَ سَنڊَ، سَيَدُ چئي، تارِ گِهڙَن توڙي؛
تنين کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَ ڪِي.
5
جيڏانهن چِتَ چاهُ گهڻو، آرُ بہ اوڏانھِين؛
وڃِي وَهُ واڪا ڪيو، تِکو تيڏانھِين؛
ميھارُ مِلائِين، لَھرُنِ منجِهہ، لَطِيفُ چئي.
6
پَلِيان، پَلِيو نہ رهي، نِرتُون نِينھُن نِبارُ؛
گِهڙان، گهورِيو ڄِندُڙو! اُٿَلَ مُون اَپارُ؛
جنِين مَنِ ميھارُ، هَلَڻُ تنِ حَقُ ٿِيو.
7
سَندو ڏَمَ ڏَهَڪارُ، هَڏَهِين ڪونهي هِنَ کي؛
هِيءَ پاڻِيءَ سين پانھنجو، پُسائي نہ سِينگارُ؛
ڪارَڻِ مُنڌَ ميھارُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَ تَري.
8
جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نہ هوءِ؛
اوهيَرَ اَچيو، اَديُون! پَھُ پِريان جو پوءِ؛
جي ڪَچو چَوَنِمِ ڪوءِ، تہ مَرڪُ ڀانيان مِھڻو.
9
تہَ ڪَرڪِينءَ سُئِي؟ جي سِيرَ نہ گِهڙِيِ سُھڻِي؛
هِتِ حياتِيءَ ڏِينھَڙا، هَڏَهن تان نہ هُئي؛
چُڪيءَ تنھن چَرِي ڪئِي، جو ڏِنُسُ اُنَ ڏُهِي؛
سُھڻِي کي، سَيَدُ چئي، وڌو قُربَ ڪُھِي؛
هُنئِين هُوندَ مُئي، پَرَ ٻُڏِيءَ جا ٻِيڻا ٿيا.
10
ڪا جا ڪُن ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻ ۾؛
اَکيُون تنھن آبَ کي، آڌِيءَ اُڪِيرِينِ؛
توڻي تِڪوُن ڏِينِ، تہ بہ اُڃَ اُنِين کي نہ لَھي.
11
دائِمَ جا دَرِياهَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوهُ؟
آهس اِيُ اَندوهُ، پاڻِي ڪِٿي پِيان.
12
لھرَ مِڙوئِي لالَ، وَهَڻُ کَٿُورِيان وتَرو؛
اوٻارا عَبيرَ جا، جَرَ مان اَچن جالَ؛
ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَ، سِڪَ پِريان جي سُھڻِي.
13
جيڪِي ڏِٺُءِ تارِ ۾، ڪَنڌِي سو ڪَھيج؛
جَرُ وڏو، جهاجَهہ گَهڻِي، پاندُ مَ پُسائيجِ؛
ساهَڙُ ساڱاهيجِ، تہ ثابِتُ لَنگِهين سِيرَ مان.
14
جا هَڙَ اَندَرِ جِيَ، ساهَڙَ ڏِنِي ساهَ کي؛
سا هَڙَ ڇُڙي نہ ساهَ جِي، سا هَڙَ ساهَڙَ رِيَ؛
ساهَڙَ ميڙِ، سَمِيعَ! تہ سا هَڙَ ڇُڙي ساهَ جِي.

وائي

اَکيون پيرَ ڪَري، وَڃجي، وو! وَڃجي.
سُپيرِيان جِي ڳالهڙِي، ڪنھن سان ڪِينَ ڪجي؛
لِڪائي لوڪَ کان، ڳُجَهڙِي ڳوٺِ نِجي؛
مُحَبَتِيءَ ميھارَ جو، سُور نہ ڪنھن سَلجي.

داستان ڇھون

1
ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَڻَ لِکيا اَڳي هُئا؛
نڪا ڪُنۡ فَيَڪُوۡنُ هُئِي، نَڪا ٻِي پَچارَ؛
مَلَڪَنِئان مَھَندِ هُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوَارَ؛
مُحَبَتَ ساڻُ ميھارُ، لايائِين لَطِيفُ چئي.
2
گهيڙَ لَنگهيو گهاري، مِيثاقان ميھارَ ڏي؛
اَلَسۡتُ بِرَبِّکُمۡ قَالُوۡا بَلىٰ، پَر اِها پاري؛
ڏِسيو ڏيکاري، پِرت پِريان جو پيچِرو.
3
اَلَسۡتُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن چَيائُون؛
مِيثاقان ميھارَ سين، لَڌيُون مُون لائُون؛
سو موٽي ڪِيئن پانھُون؟ جو مَحفُوظان مُعافُ ٿِيو.
4
اَلَسۡتُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن اَمُرُ ڪيو اَحَدَ؛
هو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھڻِيءَ سِڪَڻَ سَڌَ؛
دِلو دَؤرَ دَرِياهَ جي، ڪيو اِرادي اَڌَ؛
جيڪِي آيسِ ڏانهن عَھدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
5
اَلَسۡتَ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن جاڳايو جَلِيلَ؛
سَنئِين راهَ، سَيَدُ چئي، سوٺائُون سَبِيلَ؛
وَحدَتَ جِي وادِيءَ ۾، ڪوڙين ڪي قَلِيلَ؛
دَرِياهَ جي دَلِيلَ، لَکين لَھوارا ڪيا.
6
کامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان؛
تَنَ ۾ تَئُونسَ پِرِينءَ جِي، پِيان نہ ڍاپان؛
جي سَمُنڊَ مُنھن ڪريان، توءِ سُرِڪيائِي نہ ٿِئي.
7
ڪارِي راتِ، ڪَچو گَهڙو، اُڻٽِيھَ اُونداهِي؛
چَنڊ نالو ناهِ ڪو، دَرِياهَ دَڙَ لائِي؛
ساهَڙَ ڪارَڻ سُھڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي؛
اِي ڪَمُ اِلاهِي، ناتَ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِهڙي؟
8
ڪارِي راتِ، ڪَچو گَهڙو، نڪا سِيڻھَ ساڻُ؛
وِجهي وَيرَمَ نہ ڪري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ؛
مُحَبَتَ کي مھراڻُ، سُڪِي سَڀُ پَٽُ ٿِيو.
9
اورارِ نہ پَرارِ، ويچارِي وَهَ وِچَ ۾!
سُڪِي ڏَنِيءَ سُپِرِين، ٻِيو مِڙوئِي تارِ؛
تُون گِهڙُ، ڪِيمَ نِھارِ، ٻُڏندَنِ سين ٻاجُهون ڪري.
10
هِنَ پارِ، نہ هُنَ، ويچارِي وَهَ وِچَ ۾!
نِيڇُ نِھاري نہ گِهڙِي، تنھن ۾ پيس تُنَ؛
اَلله! ساڻُ اَمُنَ، آران ڪنھن اُڪارِئين.
11
سَھسين سائِرَ گَجَنِ، توءِ سَھَجَ نہ مَٽِي سُھڻِي؛
تہ ڪي نِينھَن ڇِڄَنِ، پَرِتَھِين پِريُنِ جي؟
12
سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏِي! هَٿُ مَ لاءِ؛
صُباحَ تو چَوَنداءِ: ”اَسان تو اُڪارِيو“.
13
سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏِين، توءِ مَ لَڳُ؛
جي ڀانئِين پِرِينءَ مِڙان، تہ پُور اُبتي وَڳُ؛
پاءِ تيڏاهِين پَڳُ، ناهِ جيڏاهِين نِجُهرو.
14
سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جي، ساهَڙُ ساڻِي تن جو؛
لَھرنِ سِرِ لَطِيفُ چئي، ڪُلهنِ چاڙهيو ني؛
جي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تِن اُماڻي اورهُون.
15
سُڪِيءَ جي سانباهَ ۾، ٻُڏِين، توءِ ٻُڏُ؛
ڪَکَ، ڪانڊيرا، ڪاٺيُون، ميڙي، ٻَڌُ مَ مَڏُ؛
نڪو ساهَڙُ سَڏُ، نڪا سُڄي سُھڻِي.
16
جي تو بيتَ ڀانيا، سي آيتُون آهِينِ؛
نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي.

داستان ستون

1
ٻوڙِئين، چاڙِهئين، تُون ڌَڻِي! ٻِئي جو دعوىٰ رَسي نہ دَمُ؛
هِن مُنھِنجي حالَ جو، ميھرَ تي مَعۡلَمُ؛
رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جو اَچِي پِيو اَجهور ۾.
2
ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِياسِ، وَهَڻُ جَنازو سُھڻِي؛
ٻَگها جي ٻيٽَنِ جا، ڪُلها تن ڏِناسِ؛
اَکئين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي.
3
اُڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحنِ سَڏَ ڪري؛
آءٌ پِڻُ وِجهان هَٿَڙا، اَئِين پِڻُ وِجهو ڄارُ؛
گهوريُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِلَنِئُون سُپِرِين.
4
ڪَنڌِي جَهليو ڪانھَن، عاشِقُ اُڀو آهُون ڪري؛
تو ڪِيئن ٻوڙِي سُھڻِي؟ ٻيلِي مُنھِنجِي ٻانھَن؛
دَرِياهَ! تو تي دانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينھَن قِيامَ جي.
5
جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀُريوُن پَون ڀَواريوُن؛
تانگهہ نہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نہ ماٽِيَڙَنِ؛
ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاهِيا سَنڪَنِ؛
تُون ڪِيئن تن تَڙَنِ، اَچيو، اَسارِي! گِهڙِين؟
6
سانڀارا سَڏَ ڪيو، اُڀا چَوَنِمِ: ”آءُ“؛
هِڪ تِکو ئِي تارِ وَهي، ٻِيو لُڙُ، لَھريُون ۽ واءُ؛
ساڻِي جن اَللهُ، ٻُجهان سي نہ ٻُڏندِيُون.
7
هارِي! حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساهَڙَ جو؛
خوابَ، خيالَ، خَطرا، تن کي تَرَڪُ ڏِئيجِ؛
اَندَرُ آئِينو ڪري، پَرِ ۾ سو پَسيجِ؛
اِنهيءَ راهَ رَميجِ، تہ مُشاهِدو ماڻِئين.
8
سانڀارا سيئِي، تَنُ جنِين جو طالِبُو؛
مَنُ پِريان نيئِي، پڳھِيو پاڻ ڳَري.

داستان اٺون

1
ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي هاتِڪَ هَٿَ وِجَهنِ؛
پَسو لَڄَ، لَطِيفُ چڱي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ؛
توڻي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، ناتَ ساڻِن وڃن سِيرَ ۾.
2
ڪَچِي ڪانِي ڪانھَن، ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان؛
يا لَنگهائي، لَطِيفُ چئي، يا ڌُريان ڪري دانھَن؛
ڪَما حَقَہُّ ڪَکَنِ جِي، آهي ڳالهہ اَڳانھَن؛
جيڪِي ڏي ٻُڏَنِ کي ٻانھَن، ناتَ ساڻِن وڃن سِيرَ ۾.
3
آهِئين هُتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو؛
لَھريُون، لُڙَ، لَطِيفُ چئي، جَهليا جُنگَ جُواڻَ؛
اُونهي تَڙِ آگَهٽِيا، آڏي پائي آڻَ؛
جي پِيا مُنھن مھراڻَ، تن ٻانڊِيُنِ ٻيٽُ نہ اُڄَھي.
4
ڪَچي ساڻُ ڪَھي، پَڪو پُڇي نہ سُھڻِي؛
لَنگهيو لُڙُ، لَطِيفُ چئي، وَڇارَنِ وَهي؛
سا ڪِئن نِينھَن نھَي؟ جنھنکي نِينھَن نَڌو کڻِي.
5
ڪڍيا جي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِئي؛
پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نہ جَهلِي ڌَمالَ؛
سپَڪَ ڀانيا سُھڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ؛
آڪي جا اَحوالَ، مَعۡلُمُ ٿيا مھراڻَ ۾.
6
ڪَچو تان ڪوهُ؟ پَڪو نَظَرُ پِريُنِ جو؛
ساهَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوهُ؛
جي ڇَٽو جي ڇوهُ، تہ پُورِيندِيَسِ پارِ مَڻِي.
7
ڪَچي ڪَٽُ نہ جَهليو، ڀيلو پِيو ڀُرِي؛
سارَ ڇَڏيائِين سِيرَ ۾، ٻانھُنِ کان ٻُرِي؛
لَٽي لَھريُون ويئِيُون، چؤڌارِي چُرِي؛
هِنئَڙي مَنجهہ هُرِي، ماهِيَتَ مَلَڪَ الۡمَوتَ جي.
8
ڀيلي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِئِي؛
”ٻِرَ! ٻِرَ! ٻُڏِي سُھڻِي!“ وِيرُنِ ۾ وائِي؛
ڪَچي ڪيرائِي، لال لَهرنِ وِچَ ۾.
9
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي؛
ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، مُنھن تي موٽائي؛
سو سُڻُ هِنئين سين، سُھڻِي! جيڪِي فائِقُ فَرمائي؛
مؤجُون مُنجهائي، مارِينِئِي مَھراڻَ جون.
10
ڀِرُ، ڀَليرا سُپِرِين! ڀَلا ۾ بيراهَ؛
تو رِءَ تارِي ناهِ ڪا، والِي! تو رِءَ واهَ؛
ساهَڙَ جي صَلاحَ، تَنَ کي ڪَڍِي تارِ مان.
11
تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلحُ ساهَڙَ جو؛
اُتِ آڏو اَچي ڪِين ڪِي، ٻيلِيپَو ٻِئي جو؛
ميھرَ! ڪَج مُنھنجو، ڪو اوڪَرُ ڪَنھِين آرَ تان.

داستان نائون

1
جَرِ ٿَرِ تِکَ تَنوارَ، وَڻ ٽِڻ وائِي هيڪڙِي؛
سڀيئِي شَئِ ٿِيا، سُورِئَ سَزاوارَ؛
هَمَہَ مَنصُورَ هَزارَ، ڪَھڙا چاڙهيو چاڙهئين.
2
سَڀَتِ پَچار پِريُنِ جِي، سَڀَتِ هوت حُضُورُ؛
مُلڪُ مِڙيو مَنصُورُ، ڪُھِي ڪُھَندين ڪيترا؟
3
لَھرنِ لَکَ لِباسَ، پاڻِي پَسَڻُ هيڪِڙو؛
اُونهي تَنھِن عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ؛
جِتِ ناهِ نِھايتَ نِينھَن جِي، کوءِ اُتِ پنھنجِي کاسَ؛
تَڙَنِ جِي تَلاسَ، لاهِ تہ لالَنَ لَڳِ ٿِئين.
4
وَڃان ڪِينَ وَرِي، هُوندَ رِءَ چَئي رَهِي رَهان؛
دُونھِينءَ پاسي دوسَ جي، ماڳَهين پَئان مَرِي؛
صُورَتَ نہ سُنھن ڪا، ڪَيسِ چِتَ چَرِي؛
وِصالان فِراقَ جِي، سُڄي ڳالهہ ڳرِي؛
تيلاهِين تَرِي، مُنھن ڳِنِيو موٽيو وڃان.
5
جي قِيامَ مِڙَنِ، تہ ڪَرَ اوڏا سُپِرِين؛
تِھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.
6
آئون ڪِ نہ ڄاڻان اِيئن؟ تہ جَرَ گِهڙي جوکو ٿئي؛
قَضا جا ڪَرِيمَ جِي، تَنھن کان ڪَنڌُ ڪَڍِبو ڪِيئن؟
هِڪُ لِکِئي، ٻِئي نِينھَن، آڻي اولِيَسِ اول ۾.
7
نہ ڪاتِيءَ نہ ڪانھَن، نڪو ڏوهُ قَلَمَ جو؛
اَنگُ اُتيئِي لِکِيو، جِتِ نہ رَسي ٻانھَن؛
ڪَنھِنکي ڏِيان دانھَن؟ قَضا قَلَمُ وَهائِيو.
8
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ؛
عَدَدُ ناهِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.
9
سِڪَ تُنھِنجِي، سُپِرِين! اَندر ٿِي اَجَهلَ؛
ٻَرڪِيو ٻاهر نِڪري، کُوري کانئِي کَلَ؛
رِءَ سِيراهِيءَ سَل، مُونکي ڏِنا سَڄَڻين.
10
ڪِي تران ڪِي تارِ مُون، ڪِي سَگهان ڪِي سَگُهہ؛
آڏو ڏيجِ مَ لَڳُ، مُون هيڪلِيءَ، وَلَھا.
11
ڏِٺي ڏِينھَن ٿِيامَ، ڪوهُ ڄاڻان ڪھڙا پِرِين؟
سَھسين سِڄَ اُلَھِي، واجهائِيندي وِيامِ؛
تنِين سالَ ٿِيامَ، جنِين ساعَتَ نہ سَھان.

ابيات متفرقه

1
ساهَڙَ ڌاران سُھڻِي، نِسورِي ناپاڪَ؛
نَجاسَتَ ناهِ ڪري، اُنِين جِي اوطاقَ؛
هُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تنِين پاڪَ ٿِئي.
2
ساهَڙَ ڌاران سُھڻِي، هِيءَ تان جُنبِي جوءِ؛
هِنَ پاڻِيءَ سين پانھنجو، مُورِ نہ مَٿو ڌوءِ؛
جي پِرِينءَ پاسي هوءِ، تہ ڪَر توڏِيءَ تَڙُ ڪيو.
3
ساهَڙَ ڌاران سُھڻِي، هِي تان جُهڪِي زالَ؛
توڏِيءَ تَپُ شرُوع ٿِيو، هَئِ! هِيڻيءَ جي حالَ؛
جَڏِيءَ رِءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي آهُون ڪري.
4
ساهَڙَ ڌاران سُھڻِي، آهي ۾ آزارَ؛
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکَندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ؛
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ؛
جي پَسي مُنھن ميھارَ، تہ سِگهيائِي سَگِهي ٿئي.
5
ڏِيھاڻِي ڏَمَرُ ڪري، مَٿي مُحَبَتَ مُون؛
تنھِن کي اَچِي تُون، پِرِيَمِ! ڪوهُ نہ پَلئِين.
6
جان جان هُئِي جِئَرِي، وِرِچِي نہ ويٺِي؛
وڃِي ڀُون پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.
7
جان جان هُئِي جِئَرِي، ويٺِي نہ ويساندِ؛
لُڙهِي لَھرِن پاندِ، مُيائِي ميھارَ ڏي.
8
وَرُ اُونداهِي راتَڙِي، کوءِ چانڊُوڻِيءَ چنڊان؛
اوري ميھاران، مُنھن مَ پَسان ڪو ٻيوَ.
9
سائِر ٻوڙِي سُھڻِي، نہ ڍوري نہ ڍنڍِ؛
اَکين مَنجهہ اُڪَنڍَ، مُيائِي ميھار ڏي.
10
سانوڻَ لَھرِيُون، ٿَرَ وارِي، تِرَ وارَ؛
اِنھان ئِي اَپارَ، مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪيا.

وائي

مُنھِنجُون سڀيئِي، آيَلِ! ماءِ، مَنَ مُرادُون پُنيُون.
جھڙِي پِرِيان ڳالهڙِي، تَھڙِي ٻِي نہ ڪاءِ؛
ڪجي تان ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تان سيباءِ؛
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُر جَنھن جُڳاءِ؛
ڪانهي حَدَ حَمَدَ جِي، تہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ؛
ڳَڻِيو، ڳَڻِيان ڪيتريُون، وَڏيُون وَڏاياءِ؟
سو مُون هَٿان نہ ٿِئي، جيڪِي تو جُڳاءِ؛
تو سَڄِيُون، تو سَنديُون، سِڪَن توهِين ساءِ؛
اُڃَ تُنھِنجي اُڃيُون، لوچِنِ توهِين لاءِ؛
دِلِ دانھُنِ ري نہ رهي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.

سر سھڻي پورو ٿيو