سر ڪيڏارو

داستان پَھريون

1
ڏِٺو مُحَرَمُ ماھ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِيو؛
ڄاڻي ھيڪُ الله، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.
2
مُحَرَمَ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نہ اِمامَ؛
مَدِيني جا ڄاَم مؤلا، مُون کي ميڙِئين!
3
مِيرَ مَدِينِئان نِڪِري آئِيا نہ موٽِي؛
ڪارا رَڱِج ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي!
آن تنِين لَءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئيا.
4
سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛
ذَرو ناھ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين.
5
سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛
رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.

داستان ٻيو

1
چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِھيا، مَلَهہ مَدِينِئان مِيرَ؛
اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛
عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
2
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛
جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛
مُنھن نہ موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
3
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَھلِ بَيۡتَ آئِيا؛
ماري مِصِرِيُنِ سين، تن ڪافَرَ ڪَنبايا؛
سَچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، ھَھڙا سُورِھ سُپِرِين.
4
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛
ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛
ڪَرَھ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.
5
دوسِتَ ڪُھائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛
خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتيُون سَھائي؛
الله اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛
اِنهين مَنجِهہ آھي، ڪا اُونهي ڳالهہ اِسرارَ جي.

داستان ٽيون

1
ڏِٺو ڪالَهہ ڪَنھِين، جُهونجهارِڪو جَهڳِڙو؛
ھاٿِيُنِ ھَڏَ مُڇائِيا، ريلو رَتَ نَئِين؛
ڀانئِنِ سا سَنئِين، جِئان جِيءُ جوکو ٿِئي.
2
آيا، اُجارِين؛ تَنڪ، تَرارِيُون تِئُرا؛
سانگيُون سائُن ھَٿَ ۾، ڪُلَهنئُون نہ لاھِينِ؛
اُڀا ئِي آھِينِ، مُھائِي مَرَڻَ تي.
3
ھڻَڻَ، ھَڪلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِهيان اِيُ مَرَ ڪ؛
وِجَهنِ تان نہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.
4
بَھادُرَ گَڏِيا بَھادُرين، کَڙڳَ کِلۡوِلِ ڪَنِ؛
وِجَهنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھڻَنِ؛
ڪِرَن، ڪَنڌَ نَچَنِ، رِڻُ گَجِيو، راڙو ٿِيو.
5
ھوڏانهن ھُنِ ھاڪارِيو، ھيڏانهن ھِي ھَڻَنِ؛
سُرِنايُون ۽ سُنڌِڙا، ٻِنِين پارِ ٻُرَنِ؛
گهوٽَنِ ۽ گهوڙَنِ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
6
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا؛
ڪَڏَھِن مَنجِهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏَھِن واھي رِڻَ جا.
7
جِهمَندِيُون اَچَنِ، جهوليُون جُهونجهارَنِ جُون؛
پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، اُنِ جُون وَھُون واڪا ڪَنِ؛
پِٽِينِ پارَ ڪڍَنِ؛ رڻ گَجيو، راڙو ٿِيو.
8
”ڪانڌَ! ڪَلارين ڪَپڙين، وَرَ! وِناھِيو آءُ؛
جِتِ سانگِيُنِ جِي سَٽِ وَھي، اُتِ وِکَ وَڌندِي پاءِ؛
نان تان ڀَؤ مَ ڀاءِ، جان جان نُوڌين نہ چَڙِھِين“.
9
’ڀَڳو‘ آئوُن نہ چَوان؛ ’مارِيو‘، تہ وِسَھان؛
ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان؛
تہ پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾.
10
مُنھن مَٿاھان جن جا، سي پِٽِيو ڪَڍَنِ پاَر؛
”جيڏِيُون! ھِنَ جُهنجهارَ، اُجاري سَڀِ اَڇا ڪَيا“.
11
مَرُ مَرِين، آئوُن رُئَنءِ! موٽِي آءُ مَ، ڪانڌَ!
ڪَچَنِ وَڏا پاندَ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَنڙا.

داستان چوٿون

1
ڪا جا ڍُرِي ڍُنگرِي، ڪو جو وَرِيو واءُ؛
عَلِيءَ شير وِياءُ، رِڻَ ۾ پِيَن راتِڙِي.
2
جهيڙو لاھ، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سين؛
سا نہ پَسَندين عِيدَ، جا ھُوندِي مِيرَ حُسينَ سين.
3
ڪُوفِيُنِ قَھِرُڪَيو، ٿِيا جَماتِي يَزِيدَ سين؛
پَلِيتَن کي پِڙَ ۾، وَرِنَھُ وَرِ پِيو؛
سَڌَرِ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِيو.
4
ڪُوفِيُنِ ڪاغَذُ لِکِيو، وِچِ وِجِهي اَللھ؛
”اَسِين تابِعَ تُنھنجا، تُون اَسانجو شاھ؛
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تہ تَختُ تابِيني تُنھنجي“.
5
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نہ پِيارِينِ؛
اُتي عَليءَ شاھ کي، شَھزادا سارِينِ؛
نِڪِريو، نِھارِينِ؛ چَڙھ، مِيرَ مُحمَدَ عَرَبِي!
6
پِرِھ پَکِي آئِيو، ڪَربَلا مان ڪَھي؛
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھن ھلِي ھاڪَ ھَنئِي؛
”ڏِٺِيَمِ رُڪَ رُئِي، چَڙھ، مِيرَ مُحَمَدَ عَرَبِي!“

داستان پنجون

1
حَسَنُ ناھ حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نہ ٻاھُون؛
ساڙيھ شَھزادَنِ جو، آھي اَڳاھُون؛
يَزِيدَ! جُلاھُون، تيلان ڪَرِئين تَڪِڙيُون؟
2
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَيءِ! جي حَسَنُ ھو؛
ڀيڙو ڀيڙو پَنھنجي ڀاءُ سين، پَتَنگَ جِئَن پِيو؛
آھي ڪيرُ ٻِيو، جو ڪَري ھَلان مِيرَ حُسينَ تان؟
3
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائُو سَڀِ نہ ھُوَنِ؛
پِڙَ تي سيئِي پُوَنِ، موٽَڻُ جنِين ميھڻو.
4
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پاکَر جو پائي؛
اَڃا اُنَ کي جِئڻَ جو، آسانگو آھي؛
سُورِھ سو چائي، جو رُڳوئِي رِڻِ گِهڙي.
5
سُورِھ! مَرِين سوڀَ کي، تہ دِلِ جا وَھِمَ وِسارِ؛
ھَڻُ ڀالا، وِڙِھ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛
مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ تہ مَتارو ٿِئين.
6
حُرُ ھَلِي آئِيو، مانجِهي مَرِدانو؛
”آھِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ، پَرِوانو؛
مانَ راضِي ٿِئي، رَسُولُ رَبَ جو، نَبِي تو نانو؛
ھِيُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ! مَٿان ئي گهورِيان.“
7
ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَزَلَ ۾ اَصۡلا؛
چَڙھِي آئِيو جَنگِ تي، ھلِي ھُنَ پارا؛
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي: ”گهورِيُسِ آن مَٿاءِ“؛
”لَا يُکَلِّفُ الله نَفۡسًا اِلَّا وُسۡعَھا“، جيڪا پُڄَندِيَمِ سا؛
گهوٽَ بہ لڳا گهاءَ، سر پڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِيو.
8
پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻِي ھَزارِي ھولُ؛
جَوَھَرَ ۽ جَڙاءَ سين، ڪامِلَ سِرَ ڪَنگولُ؛
رَتو رَتَ رَتولُ، مولهيو مِيرَ حُسينَ جو.
9
ڏاڙھِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تہ ڏاڙھُونءَ گُلَ جِئَن؛
چوڏِھِينءَ ماھ چَنڊَ جِئَن، پِڙَ ۾ پا ڳَڙِياس؛
ميڙي ۾ مُحَمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ؛
تَنھِن سُورِھ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزا ٿِئي.
10
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادرِ ٿي ميڙِياسِ؛
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اگهياسِ؛
مِڙَئِي معافُ ڪَياسِ، خالقَ بَدِلي خُونَ جي.

داستان ڇھون

1
ڪَؤنر، ڪِلي جا ڪوڏِيا! جانڪِي تائِين جِي؛
مَٿان اَڙِنِ اُسِري، رُڪَ پِيالو پِيُ؛
ڳاھ ڳِجُهنِ جو ٿِيُ، ويٺي جن وَرِھ ٿِيا.
2
ڇَپَرِ جِئَن پَھُون، تِئَن رِڻُ ڳِجُهنِ رانئِيو؛
وَنِڪا وَنۡڪَنِ گَڏِيا، ڊوڙِيو ڏِيَنِ ڊَھُون؛
مُھاَينِ وَھُون، نِيرُ مَھانگو ڪَندِيُون.
3
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِ؛
سائُنِ سِرَ فِدا ڪَيا، اَڳِيان اِمامَنِ؛
”يُجَاھِدُونَ فِى سَبِيۡل الله“، ڪَمُ اِھو ئِي ڪَنِ؛
حُورُون ھارَ ٻڌَنِ، سِھرا شَھيدَنِ کي.
4
جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَليا فِردَوسَ ڏي؛
فانِي ٿِيا ’فى اَللھ‘ ۾، ھُوءِ سين ٿِيا ھُوءِ؛
رَبَ! ڏيکارِئين رُوءِ، اُنِين جي اِحَسانَ سين!
5
حسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛
گَهرِ ماڙُھين، جَهنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ؛
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، تہ لَڏِيو ھوتَ وَ‏ڃَنِ؛
اَلا! شَھزادَنِ، سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي!
6
حَسَنَ، مِيرَ حُسينَ جو، جن نہ ھِنئَڙي جارُ؛
خالِقُ، رَبُ جَبَارَ، ڪِينَ مَرھِيندو تن کي.

سر ڪيڏارو پورو ٿيو