سر ڪاموڏ

داستان پھريون

1
تُون سَمو، آءٌ گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ؛
پَسِي راڻِيُنِ رُوءِ، مَتان ماڱَرِ مَٽِئِين!
2
تُون سَمو آءٌ گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ؛
پَسِي لِيَ لَغارَ، متان مَاڱَرِ مَٽِئِين!
3
تون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي ، آءٌ مُھاڻِي مَي؛
مُون کي ڏُھاڳُ مَ ڏي، آءٌ جا نالي سُيَسِ تُنھنجي.
4
تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آءٌ گَندِري غَرِيبِ؛
تو سين ڄامَ! قرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.
5
کِکيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ ھاڻا ڇَڄَ؛
پاندُ جنِين جي پاندَ سِين، لَڳو ٿِئي لَڄَ؛
سَمو ڄامُ سُھَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سين.
6
ڪارِيُون، ڪوجِهيون، ڪُوڙِيُون، مُورِ نہ موچارِيُون؛
وَٺِي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکيءَ جُون کارِيُون؛
اُنِين جُون آرِيُون، سمي ري ڪيرُ سھي!
7
گَندُ جِن جِيءَ گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ؛
اُنِين جِيءَ اوطاقَ، راڄا رِيجِهي آئِيو.
8
ٿِيا تَماچِيءَ ڄامَ سين، مُھاڻا مَحرُومَ؛
نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندِريءَ، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ؛
جي ڪِنجُهرَ، جي رُومَ، سي سَڀِ اِنعامِي ٿِيا.
9
نہ وَڍي، نہ وِڪِڻي، نہ ماري نہ ڌاري؛
کارو وِڌائِين کُوھ ۾، نِرِتُون نِھاري؛
سائِي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.
10
نہ وَڍي نہ وِڪِڻي، نہ کَڻي ۾ کاري؛
اُھجَ، سُھجَ ساھمِيُون، ڌُرِيان نہ ڌاري؛
سائي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.
11
پاٻوڙو پيشِ ڪَيو، نَئون نُورِيءَ نيئِي؛
حاضُرُ ھيُون ھڪِيُون، سَمِيُون سڀيئِي؛
نَوازي نيئِي، گاڏِيءَ چاڙھي گَندِرِي.
12
مُھاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نہ گِيرَبُ نہ گاءُ؛
نيڻَنِ سِين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ؛
سَمو سَڀِنِ مُلاءُ، ھيرِيائِين حِرفَتَ سين.
13
نورِيءَ جي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَهلُ ھوءِ؛
سَمو سِرُ سَڀِنِ ۾، مي مُورِڇِيو سوءِ؛
اَچيو اُڀِيَن پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.
14
ھٿين پيرين آرِکَڻين، مُنھن نہ مُھاڻِي؛
جِئَن سَڳو وِچِ سُرِندَڙي، تِئن راڻِيُنِ ۾ راڻِي؛
اَصُلُ ھئي اُنَ کي، اَھِلَ ڄاماڻِي؛
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانھَن ۾.
15
تَھِڙو ڪِنجُهرَ ڪِينَ ٻِيو، جَھِڙي سُونھَن سَندِياسِ؛
مَڏَ، مِياڻِيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ؛
مورِڇَلَ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِيءَ تي ھڻي.
16
کوءِ سَمِيُون! ٻَنِ سُومِريُون! جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ؛
وَرُ سي ڪِنجُهرَ ڄائِيُون، جِن تَماچِيءَ جِي تاتِ؛
راڻِيُن مُلان راتِ، ماڻِڪُ مي پِرائِيو.

وائي

ھيري ھٿُ وِڌائِين، ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾.
نَوازَشِ نُوريءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين.
گَندَگِيءَ گوشو ڪَيو، عَطُرَ اوتَ اوتِيائِين.
اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائين.
پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو ھنڌُ ڪونہ مَٽِيائِين.
قِيمَت ڪَمِيڻَن سين، جَھڙِيءَ وَٽَ وَٽِيائِين.
موتِي مڇِيءَ ھٽَ تي، ڪوڏِنِ جِئن ڪَڍِيائِين.
ماڻِڪَ مِياڻِنِ ۾، ڇِلُرَنِ جِئن ڇَٽِيائِين.
ڏيئِي سونُ سُوال ۾، رُپي راندِ ڪَيائِين.
پاڻِيَٺَ آڻي پاڻَ سين، لَعلُون سَڀِ لُٽِيائِين.
فيروزا فَقِيرَنِ تان، گهوري سَڀِ گهورِيائِين.
اُتي عَبۡدُاللَطِيفُ چئِي، اُڇِلي اَمُلَ ڏِنائِين.

داستان ٻيو

1
سِرُ سَلابَتَ سُپِرِين، مَرَڪَڻَ! تُون مَ مَريجِ؛
آھيين ٺارُ اَکِيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ؛
تَماچِي تڳيجِ، ڪو ڏِينھُن ڪِنجُهرَ ڪَنڌِيين.
2
ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھ؛
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءَ؛
لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِنجُهرُ ھندورو ٿِئي.
3
ھيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي پِرِين سَندامِ؛
ڪوڙِيين ڪاڄَ سِڌامِ، اَڻَ سِڌو ڪونَ رھيو.
4
ھيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪنڌِيءَ ڪَوۡنرَ تَرَنِ؛
وَرِئي واھوندَنِ، ڪِنجُهرُ کَٿُورِي ٿِئي.
5
سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائِڻَ آئِيُون؛
ڄامَ ھٿَ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄُٻيرِنِ وِچَ ۾.
6
نُورِيءَ جي نَوازِيو، ٿِيو تَماچِي تي؛
گاڏِيءَ چاڙھيءَ گَندِرِي، ماڙِھو ڪَيو مي؛
ڪِنجُهرِ چُوندا ڪي، تہ سَچُ سَڀائِي ڳالَهڙِي.
7
ڄامان اَڳي جي ڄائِيُون، تِن جِي نِرِتِ نُورِيءَ کي ناھ؛
نہ مَنَھن نہ مارِڪي، نہ وَڃَنِ ڪنھن وِھانءِ؛
سي ڪِنجُهرَ ڪَندِيُون ڪانھ، جِن تَماچِي تَڪِيو.
8
نہ ڪَنھن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ؛
نَنڍِيءَ وَڏِي گَندِرِيءَ، سَڀِنِ آھ سِياءُ؛
”لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُولَدۡ“، اِيُ نِجابَتَ نِياءُ؛
ڪِبِرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِي ڄامَ جو.
9
پَکا پَکارِيو، ڄامُ تَماچِي آئِيو؛
گُوندَرَ لاھيو، گَندِرِيُون! آتَڻَ اُجارِيو؛
ڪِنجُهرُ قَرارِيو، سَمي سامَ بَخشِي.
10
ڪو جو ڪامَڻُ مَي، آھي اکَڙِيُنِ ۾؛
تَنُ تَماچِي ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني؛
عِشقُ اِئَن ڪَري، جِئَن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪَيو.

سر ڪاموڏ پورو ٿيو