سر ڪاپائتي

داستان پھريون

1
توڻي تُون ڪاتارِ، جِمَ ھيڪِلِي ڀيرِئين؛
ڏِٺِي ڪا ڏُئارِ، صَرافَ اِنهين سُٽَ ۾.
2
جان ڪَتِين تان ڪِتُ، ھِيءَ ھڏِ وِھاڻِي؛
ڪاپائِتِي سَڀَڪا، ڪِتي سيباڻِي؛
ڄاتو جِن ڄاتِي، تِنِ ھٿان پَھِي نہ ڇَڏِي.
3
ھيءَ ھڏِ وِھاڻي، جان ڪَتين تان ڪِتُ؛
ڪو پنَھنجي عِيدَ کي، ڀيري ڪَجِ ڀَرَتُ؛
مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچَ سَرتِيين.
4
ڪَتَڻَ جي ڪانہ ڪَرِين، سُتي ساھيِن ھڏُ؛
صُباحَ ايندَءِ اوچِتو، عيدَ اگهاڙَنِ گَڏُ؛
جِتِ سَرتِيون ڪَندَءِ سَڏَ، اُتِ سِڪَندِينءَ سينگارَ کي.
5
اَڄُ پڻ اُجَهڻَ کي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪالَ؛
ڀوري! توسين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيترا؟
6
اَڄُ پڻ اُجَهڻَ کي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪالَ؛
مونا اُٺجِي اُکَڙِيا، اَرٽَ ڍَرڪِي مالَ؛
ھيءِ! تنِين جي حالَ، جن ڪاپي منجهان ڪِينَ ڪَيو.
7
سي تو ويھِي وِڃائِيا، جي ڪَتَڻَ سندا ڏينھن؛
اَرِٽَ اوڏِي نہ ٿِئين، ڀورِي! ڀوري سِيئَن؛
ڪَنڌُ کَڻندِينءَ ڪِيئَن، اَڱڻِ عجِيبَنِ جي؟
8
سونَ سارِيڪا ھٿَڙا، ڪوھ نہ ڪَتِين رَڏِ؟
ويھي ڪُنڊَ، ڪاپو ڪَرِ، گُهتُون گوھيُون ڇَڏِ؛
تہ صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِيو ھوندَ مَٽائِيين.
9
ڀَڳو ئِي ڀيرِ، جانسين رَتو راسِ ٿِئي؛
بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، ھارِي! پاڻُ مَ ھيرِ؛
ڪِتُ ڪَتِينديُون ڪيرِ، نَئين سين نہ ڄاڻِجي؟
10
ڀيرِئين ۽ ڀانئِيين، اِئَن وِڏُوڻو ڪانڌُ؛
ويٺِي اورِ اَرَٽَ سين، ڳِچيءَ پايو پاندُ؛
تہ تُنھنجو ئي وِڻواندُ، ڪِتو وِتو نہ ٿِئي.
11
چائُتِ پائي چِتَ ۾، سَنهون ڪَتيو جَنِ؛
تِنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلِ نہ ڪَيو.
12
مُحَبَتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ؛
تِنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگهائِيو.
13
ڪو جو وَھُ ڪاپائِتِيَنِ، ڪنبَن ۽ ڪَتَنِ؛
ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجهہ اَچَنِ؛
اُنِ جِيءَ سُونھَنَ، سَيَدُ چئي، صَراف ئِي سِڪَنِ؛
اَگِهيا سُٽَ سَندَنِ، پائي ترازِيءَ نہ تورِيا.
14
سُٽُ اُنيِن جو سَڦرو، جي پَرِ ۾ پِڃائِينِ؛
آوازُ اَرَٽَ جو، ساھَ نہ سُڻائِينِ؛
لِڪايو، لَطِيفُ چئي، ڪَنبِيو ڪَتائِينِ؛
جي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلُهہ مَھانگو اُنِ جو.
15
ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجِهہ ڪِتَنِ؛
سُٽُ اُنِ جو سَڦَرو، مَٽِيو ماڻِڪَنِ؛
قادرَ ڪِيمَ ڪَڍَنِ، ٿيلهي ٿُلهي وارِيُون.
16
ڀيرِئين، ۽ ڀانئِيين، ڀانئِڻُ ڀَڃي ڇَڏِ؛
ڪِتو وِتو پورِھيو، ھوڏَ وِجَهنديَءِ ھڏِ؛
ھتي ڏيڍو مَٽِجِ ڏَڏِ! جتي ڏَڪَنِ ڏَھسئي وارِيُون.
17
اولياڻِيانِ اَرَٽَ، ڪيڏانهن ڪَتَڻَ واريون؟
پَھيُون مٿي پَٽَ، لُڙِجَنِ لاکِيڙَنِ جُون.
18
ڪَتي ڪَتي ڪالَهہ، اَڄُ نہ آتَڻِ آئِيُون؛
اَرَٽُ اُکلي مالَهہ، پُوري ويئِيون نِجُهرا.
19
نہ سي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نہ سي ڪاتارِيُون؛
پَسِيو بازارِيُون، ھنئَڙو مون لُوڻُ ٿِئي.
20
تاڃِي توريائُون، عَيبَ نِڪتا اَڳِيان؛
ڪوٺي ڪاپائِتِيُنِ کي، پَرِ ۾ پُڇِيائُون؛
اَگَلَڙي آءٌ، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نہ ٿِيا.

وائي

ڪا ھنئين سين لاءِ ڀوري! ڪا ھنئين سين لاءِ.
تُنبائي تاڪِيدَ سين، جِنِ پِڃايو پاءُ؛
لَسي تَندُ، لَطِيفُ چئي، ھلي تِنِ ھٿاءُ؛
پَھِيُون تُنھنجُون جِهرِڪَنِ جهورِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ؛
اَرَٽَ پاسي اوجِهرِين، توکي سُمَهڻَ آيو ساءُ؛
آڌيءَ، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، رِوئِي رِيجهائِجِ راءُ.

سر ڪاپائتي پورو ٿيو