سر حُسيني

داستان پھريون

1
لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، ھلِي ڪَرِ ھمَٿَ؛
سِڄُ سامُھون مُنھن ۾، مَتان ڪَرِئين ڪَٿَ؛
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙھي سِڄِ ڳالهہ مِڙِين.
2
اُلَھي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏونگَرُ؛
سَسُئِيءَ کي سَيَدُ چئي، سُورَن جو سَمَرُ؛
ڪُٺَلِ رَکِيو، ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي.
3
ويٺي مُون وِيو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان؛
آئون ڏُورِيندي ڪيترو، پَھِڻن پيرُ پِيو؟
سُورَنِ ساڻُ سِھو، اَچي ٿِيُمِ، جيڏِيُون!
4
سَرَتِيُون! سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين ھلي؛
پاڻي ناھ، پَنڌُ گهڻو، اَڳِيان رائو رُڳِي رُڃَ؛
مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا ڏِئي پاراتو پِرِينءَ کي.
5
پَٽِيءَ نہ پيرونِ، اوڏِيءَ ڇَڪَ نہ ڇَمِيا؛
پويون ھيُ ڀيرونِ، نِينھن نِباھي ھليا.
6
سُيَءِ ڪا تنوارَ، ڪِي ھنئِين ٿِي ھٿَ کَڻِين!
سَوين رُليُون سَسُئِيون، ھوتاڻَنِ ھزارَ؛
ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نہ سِکيا.

داستان ٻيو

1
ڪِي ڌَرَتَتِي، ماءِ! ڪِي ڄَرَ سَندِي سَڄَڻين؛
ھلي ۽ واجهاءِ، ٻِنِين ڄيرَنِ وِچَ ۾.
2
مَٿيان مَٿي مَچُ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَنِ جو؛
مُون کي طَعنا تي ڏِئين، جئن نہ پَرُوڙِئين سَچُ؛
اَمڙِ! اوري اَچُ، تہ سِٽَ سُڻايَنءِ سُورَ جِي.
3
مَٿي مَنجهانِ مِينھُن، پَسو! پاڻيءَ جئن وَھي؛
مُون ڀانيو نِينھُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.
4
مَنجهان مُنھنجي رُوحَ، جي وَڃي ساڄَنُ وِسِرِي؛
تہ مَرُ لَڳي لُوھَ، ٿَرَ ٻاٻِيھو ٿِي مَران!
5
پَھِي ڪامَ پِڃاءِ؛ اَمَڙِ! مُنھنجي آسِري؛
ڏيئِي لَتَ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻيءَ پاءِ؛
ڪَتِيُمِ جنھِين لاءِ، سو ڪوھيارو ڪيچِ وِيو.
6
کوءِ ھاڙھو! ٻَنِ ھوتُ! کوءِ پُنهون، ٻَنِ پِرِيَتَڻو!
مادَر! مُون مَوتُ، پَسَڻان پرائيو.
7
کوءِ ٻولِي! ٻَنِ ٻَروچُ! گهورِي ذاتِ جَتَنِ جِي!
مُون کي چَئِي ”لوچُ“، پيھي وِيا ڇَپرين.
8
جِئن جِئن تَپي ڏِينھُن، تِئن تِئن تاڻي پَنڌَ ۾؛
ڪو آڳانجهو نِينھن، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سين.
9
جان جِئَين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري؛
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ھلُ، ڪانهي ويلَ وِھڻَ جي.
10
تَتِيءَ ٿڌِيءَ ڪاھِ، ڪانهي ويلَ وِھڻَ جي؛
مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نہ لَھين پِرينءَ جو.

وائي

شاديءَ جو سِينگارُ، آيَلِ! مَرَڪُ مُنھجو مُون پِرِين.
آھي ڳَھ ڳِچِيءَ جو، ڏِئي ھالورا ھارُ؛
آھي اُگهاڙيِن کي؛ جانِبَ جو جنسارُ؛
آھئين کاڄُ بُکِيَنِ جو، تُون تان طَعامُ تيارُ؛
اَعلىٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسِتاڻو دِيدارُ؛
حُسنَ ھوتَ پُنهونءَ جي، ڪَڪورِيو ڪوھيارُ؛
سُڃَ ڪَيائِين سُرَھي، واسِيائِين وَڻِڪارُ؛
ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪيُون، عَطُرُ ٿِيو آوارُ؛
ڪوڙيين ٿِيا ڪيترا، نالي تان نِثارُ؛
سَدا صلابَتَ جِي، گولِي گِرِفِتارُ؛
گهورِيان گَهرُ گِهٽِيءَ تان، اَچي جِئان آڌارُ؛
اَدِيُون! عَبدُاللَطِيفُ چئي، مِليو مُون مَنَٺارُ.

داستان ٽيون

1
ڪو گُهمندي گهورُ، آيُمِ ٻاروچَنِ جو؛
ڇَڏِيندِيَسِ ڀَنڀورُ، ھنئون ھتِ نہ وِندُري.
2
ڀَنڀورَجَنِ سُکَنِ، مُون کي ساٿان کارِيو؛
ھاڻي ساڻُ ڏکَنِ، تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
3
ڀينَرُ! ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَھو؛
اَڳي اِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرائِيا.
4
ڀينَرُ! ھنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونھُون؛
سَوارو سُونھُون، پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي!
5
ڀَنڀوران اُجاڙُ، سَرَتِيُون! سَکَرُ ڀانئِيان؛
مُون سين تنھن پَھاڙُ، ڏُکان ھڏِ نہ ڏوريو.
6
اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون! سَکَرُ ڀانئِيان؛
آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اکينِ سان.
7
ڀُلِيو سَڀُ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ ھوتَ نہ ھليو؛
شَھرَ سُڃاتو ڪِينَ ڪِي، آرِياڻِي اَتورُ؛
ماڻِيو تنِين مورُ، ديکِيو جنِين دِلِ سين.
8
بُرو ھو ڀَنڀورُ، جو آرِياڻِيءَ اُجارِيو؛
لاٿو سَڀَ لوڪَ تان، ھاڙھي ڌَڻِيءَ ھورُ؛
ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکيُون، پُنهون ڪَيائُون پورُ؛
آيو سو اَتورُ، جنھن ڏُکيُون ڏِکَ وِھارِيُون.

داستان چوٿون

1
لَڄايا مُونھان، ساجُهرِ تي سيڻَ وِيا؛
پِيَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھنجي ذاتِ جي.
2
آئون جي ھيَسِ ھڏُ، اَدِيُون! آرِيچَنِ جو؛
ساٿَ لَڏِيندي سَڏُ، ھوندَ ڪوھيارا ڪَرِينِ مُون.
3
ھيَسِ جي سِياءِ، تہ ڪَيُمِ ڏُکُ ڏيرَنِ تي؛
اَدَبَ وچان اُنِ سين، ڳالهہ نہ ڪَيَمِ ڪاءِ؛
ذات مُنھنجِي، ماءِ! ڪَچو ٿِي ڪيچيُن کي.
4
ساٿِي توءِ ھلَنِ، پَٿَرِ جي وارَ ڪَرِيان؛
جيڪُسِ ٻاروچَنِ، ڪو ڏِ ٺو عَيبُ اکِينِ سين.
5
ساٿِيُن سَئِين نہ جاڳِين، پوءِ ڪُڄاڙِيان روءِ؟
اِيءَ پَرِ ڪُپَرِ ھوءِ، جئن ھو سانگِي، تُون سُمهين.
6
مُون سَڏِيندي سَڏڙا، ساٿِي سَڏُ نہ ڏِينِ؛
وِلِهيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نہ تنوارِينِ؛
ھيڏا ھاڃا ٿِينِ، بُري ھنَ ڀَنڀورَ ۾!
7
ڪَھان، تان ڪيچانَ پري! وِھان، تان وَٽِ مُون!
ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي.
8
ڪَھان تہ ڪيچان پَري! سُمهان تان سِرَ ھيٺ!
ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون! جيھِيءَ پَرِ ٿِي.

وائي

ھوتَ! ھوتَ! اي ھوتا! ڏِيَندِيس ماھُ مِرُنِ کي؛
آئون جَرا جِيُ ڪَري.
ڏيئِي باھ ڀَنڀورَ کي، آئون آيَسِ تو ڳَري؛
آرياڻِي پُنهونءَ ري، مُون کي، سَرِتِيُون! تان نہ سَري؛
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏکِي ڏکَ ڏَري؛
آءُ اوراھون، سَپِرِين! وَڃُ مَ، پِيَ! پري؛
مُون ڏِٺِي، مُون وِسَھو، وِرچِي تان نہ وري؛
ڏکِيءَ جي ڏيکارِئين، ڌاران مُنھن مَري؛
پيالي پِرِيُنِ جي، موھيَسِ ميٺَ ڪَري؛
آرِيءَ جي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري؛
توکي توءِ نہ ڇَڏِيان، جي وَڃان ڀُونءِ تَري؛
ڌَڙُ وِجَهنديَس ڌُوڙ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري؛
ھلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏکِي، پَسُ ڏَري؛
پِرِين! کَڻِجِ پانھنجِيُون، اکِيُون ٻاجَهہ ڀَري؛
اَدِيُون! عَبدُاللَطِيفُ چئي، مَنَ ڪا مَھرَ ڪَري.

داستان پنجون

1
ليڙَنِ لَنگهي لَسَ، مانباڻِيان مَٿي وِيا؛
وَ ٺِي وَرُ واٽَ ٿيا، پُنهون ڄامُ پَھسَ؛
ھئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
2
ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَي، پَھڻَ پَٿَراڻِيُون ڀانئِيان؛
جتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُنھنجا مِٽَ؛
سيڻَنِ جِيءَ سَھٽَ، ڏُونگَرُ ڏولِي مُون ٿِيو.
3
مُسافِرِنَئُون، ماءِ! وِرِھ وِھايُمِ وِتَرو؛
اَچِي ٿِيَمِ اوچتِي، تن سانگِيُنِ سين ساڃاءِ؛
جِيجان! جَهلَ مَ پاءِ، ھنئون ھوتَ ھڻِي وِيا!
4
ڪِيئن اَڙايُءِ پاندُ، پَلَءُ پَرَڏيھيُنِ سين؟
مَتِيُون مُوڙھيُءِ، سَسُئِي! ڪَيُءِ ڪوھيارو ڪانڌُ؛
رُلِي! ڀانئِيُءِ راندِ، ٻانڀَڻِ! عِشقُ ٻَروچَ جو!
5
مُنھنجو پاڙِيچَنِ، ڪَچو ڪونہ ڍَڪِيو؛
پاسي چَڙھي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلِتِي جَنِ؛
تيلان ٻاروچَنِ، نِڌَرِ ڇڏِي نِنڊ ۾.
6
حُسينِيءَ جِي ھاڪَ، مادَرِ! مارِي آھيان؛
ڏِينھان ڏورَڻُ ڏکَ سين، راتِيان چِڪَنِ چاڪَ؛
ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، مَتان پوئِمِ پِرِينءَ سين.
7
جيڪِي فِراقان، سو وِصالان نہ ٿِئي؛
اَچِي اوطاقان، مُون کي پِرِيُنِ پَري ڪَيو.
8
ڦِرِي آءُ، فِراقَ! مُونکي وِصالان وِچُ پِيو؛
جي ٿي چِڪِيَمِ، سي پِرِينءَ گڏجِي پُورِيا.

وائي

پُنهون پَريشانُ، ٻَرِ! ٻَرِ! نڪو خانُ نہ مانُ؛
ھيءِ! ھيءِ! حالُ مُنھنجو.
مُونکي بُکَ بوتَنِ جي، ناقي ڀانئِيان نانُ؛
شَھرُ صَحرا ڀانئِيان، مُون ليکي مَيدانُ؛
رُئان ٿي رُڃُنِ ۾، آرِيءَ لَءِ عُرِيانُ؛
پِٽِيان مُنھن پَسَڻَ لَءِ، ھتي ٿِي حَيرانُ؛
آھي آرِيءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪارِي ڪانُ؛
ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَن جو سامانُ؛
وِجِهجِ پِڪَ پينارِ تي، پِرِيَمِ! کائِي پانُ؛
ڪَڏھن ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ؟
آھئين، عَبدُاللَطِيفُ کي، اَڳيان تُون اَڳوانُ.

داستان ڇھون

1
آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾؛
پَسِي پَھرَ پُنهونءَ جِي، نَنھن سِيئن نيڻَ ٺَرِيامِ؛
گُوندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.
2
ڏيکارِيُسِ ڏکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيُنِ جو؛
سُونھائي سُورَنِ، ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين.
3
سَؤ سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پڻ ڏِيان سَٽِ؛
جي مُون مِڙي مَٽِ، تہ وِرِھ وِھايان ھيڪِڙو.
4
سُورَنِ سانگهارو، ڪَڏھن تان ڪونَ ڪَيو؛
آيَلِ! اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وَھي.
5
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَھا ٿِيا قَضاڪَ!
اَھکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پوءِ مَ ماڪَ!
اَکَڙِينِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرڏيھيُنِ جو.
6
ڏُکويُون ڏيھان، جيڪُسِ لَڏي ويئِيُون؛
ھاڻي ڪِنِ مُلان، پُڇان پِرِيُنِ خَبَرُون؟
7
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سڀڪنھِين، مُون وٽِ وَٿاڻانِ؛
ڀَرِيُون ڪَيو ڀُڻانِ، وَيا وِھائُو نِڪري.
8
ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَنڌُ، سُورائِتِي! سَندِرو؛
ڪيچَ اَڳاھون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرِين!
9
ڏکَ سُکَنِ جي سُونھَن، گهورِيا سُکَ ڏکَنِ ري!
جنِين جِيءَ وِرُونھَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.

داستان ستون

1
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جڏھن پِرِينءَ کي؛
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
2
پُڇيو ئِي، تان پُورِ؛ ناتَ پُڇَڻُ ھوءِ مَ پِرِينءَ کي؛
ڏورَڻَ وارِيُون ڏُورِ، ھڏِ نہ آھينِ ھوتَ کي.
3
ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَھان! شالَ مَ مِلان ھوتَ!
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِئي.
4
آئون ڏورِيَنءَ، شالَ م لَھنءِ! پِرِين! ھئين پَري!
ھڏِ نہ ساھ سَري، تَنَ تَسَلِي نہ ٿِئي!
5
ڇَڏِيَمِ حُجَ ھلَڻَ جِي، چَکِيَمِ چاڙھيڪا؛
اَدِيُون! آڙِيڪا، ھنئڙي پِيَمِ ھوتَ سين.
6
جيڪا ڪَندي سَنگُ، مُون جئن ٻاروچَنِ سين؛
اَنگُنِ چاڙھي اَنگُ، رُئندِي سا رَتَ ڦُڙا.

داستان اٺون

1
آتَڻُ اورانگهي وِيا، آئون ٿي مَران، ماءِ!
پِٿُون ٿِيندِيَس پيرَ تي، ’ھَءِ! ھَءِ!‘ ڪَري ھاءِ!
جِئڻُ مُون نہ جڳاءِ، پِرِيُنِ تان پاسو ڪَيو.
2
ڄاڻِي جي ڄاتومِ، تہ پوندو فلق فِراقَ جو؛
اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُريائين ڌوتومِ؛
پوءِ تان ڪونَ ڪَيومِ، ھوندَ ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
3
دُکائِيندِي دُونھَڙا، مُنڌَ! سيڻانِي وَڃُ؛
پِرِياڻونِ مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙھندو لَڪِيين.
4
ڇِڄ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙھندو لَڪِيين؛
مَڇُڻِ ٿِئين پُئان، وَڳَ واٽَ ئِي نہ لَھين.
5
پُڇِيوئِي جان دوستُ، تان پاسي ڪر پَرِھيزَ کي؛
جنِين ڏِٺو ھوتُ، تن دِينَ سَڀيئي دُورِ ڪيا.

وائي

مُون کي ڇَپَرِ مَ ڇَڏيجا، ٻاروچا! پَلَئ لَڳِي آھيان.
ڇورِي ڇِنِي آھيان، نِينھُن نِباھي نيجا؛
ڇورِي ڇَڏي ڇَپَرين، ڪيچِي! ڪِيمَ وَڃيجا؛
پُنهون مُنھنجو آن سين، ساٿُ سلامَتَ نيجا.
مون تان وَڙُ وِڃائِيو، اَئِين پنھنجو وَڙُ ڪَريجا؛
جوڳيَڪو ويسُ ڪَري، سِگَهڙِي سارَ لَھيجا؛
آرِياڻِي! عَبدُاللَطِيفُ چئي، مُون تي وَھلو وَرُ ڪَريجا.

داستان نائون

1
ڪاتِيءَ تان نہ ڪَنھِين، مَنُ وِجُهلَڻَ وَڍِيو؛
ماريَسِ سُورَ تَنھِين، جو نہ جِئاري، جيڏِيُون!
2
جِئ مُنھنجو جَنِ، اَنگڙِيارو وَڍِيو؛
پُڄاڻا پِرِيَنِ، سِبان، سَڄو نہ ٿِئي!
3
رو، وِسانئي راندِ، پَھ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا؛
ھوتَنِ سين ھيڪاندِ، ھيَمِ ٻاٽي ڏِينھڙا.
4
رُئَڻُ ۽ راڙو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري؛
ڪُٺَلِ کي قَلبَ ۾، قُرب جو ڪاڙھو؛
ھوتَنِ لَءِ ھاڙھو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.
5
روئِي ڪَندِينءَ ڪوھ؟ ھاڻي ڪو ھوتُ وَري؟
جيڏيُون! جيڏوئِي ڪَيو، ساڻُسِ سيڻَ سِتوھ؛
ڊوھي اَٿيان! ڊوھ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري!
6
کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَنڱَر مَ ڏِيو؛
ھيڪَرَ اُجهايو، ڏيئي ٻُرَ لُھارَ جِئن.
7
تُون جي ڪالَهہ مئِي، تہ ڪالَهہ ئِي گَڏِينءَ پِرِينءَ کي؛
ڪَڏَھن ڪانَ سُئِي، تہ ڪا سَگِهي گَڏِي سَڄَڻين.
8
اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳَ ۾!
مَٿي پوءِ پِرِيان، خُونُ مُنھنجو جيڏِيُون.
9
مَرُ، مَٿا ڏيئِي، پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾؛
تہ سَرَتِيون سڀيئِي، واکاڻِينِئِي ويٺِيُون.

داستان ڏھون

1
واڪِيو واڪِيو وِک، پاٻوھيو پيرُ کَڻي؛
سي نہ چَڙَھندِيون ڏِکَ، موڙي پيرُ، مَرَن جي.
2
وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻِ لِکَ لَکائِيين؛
ڏُکُ تِنين کي ڏِکَ، حُبُ جنِين کي ھوتَ جو.
3
واڪو ھڏِ مَ لاھ، سَڏَنِ مَٿي سَڏَڙا؛
مانَ تُنھنجِي ڪاءِ، سَڳَر ۾ سارَ ٿِئي!
4
سُورَنِ سانڍيياسِ، پُورَنِ پالِي آھيان؛
سُکَنِ جي، سَيَدُ چئي، پُکي نہ پِيياس؛
جيڪسِ آئون ھياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جي.
5
ڪِينهي طالِبَ تاتِ جا، نہ تہ آھي تاتِ تِيارُ؛
ڏورِيان پيو ڏُڪارُ، گهورِندَڙَ کَڻي وِيا.
6
ڪنھن جنھن نِينھن نَنڌاھ، جي مُون واجهائِيندي نہ وَرو؛
جيڪِي مُئي ڪنداھ، سو جانبَ! ڪَرِيو جِئري.
7
مَتان ٿِئين مَلُورُ، ڪِينَ اَڳاھون آھيان؛
ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏُورُ، حَدَ ٻِنِين جِي ھيڪِڙِي.

داستان يارھون

1
جِئن اُتُنِ آرِيءَ ڄامَ، اُئَن تان اوٺِيُنِ نہ ڪَيو؛
ٻڙڪِي ٻاھرِ نِڪِتِي، گاذَرِ مَنجهان گامَ؛
ساھ ڏِنائِين سامَ، سُتِي سَڳَرَ پَٽِيين.
2
لَڪِيُون! آن لَڳا، ڪي پلَءَ پانڌِيَڙَنِ جا؟
توھان گَهڻيرو، ماءِ! رُوندا اُوءِ رَتُ وِيا.
3
ڏوٿِيُنِ چَيُسِ ”ڏُورِ، ڪيچُ اَڳاھون پَنڌُ ٿِيو“؛
پاڻا چَڙھي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.
4
سَسُئِيءَ جِي سِرِيءَ سان، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌِي؛
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، مُنڌَ ھئِي ماندِي؛
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئي، آرياڻِيءَ آندِي؛
پُنهونءَ پيراندِي، نِماڻِيءَ نَصِيب ٿِي.
5
ھَءِ ٿو وڃي ھوتُ، آئون ڪِ اَڳَڀَرِي ٿِيان؛
مَتان چوءِ بَلوچُ، ”ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِيو“.
6
ڪَمِيڻِيُنِ ھٿان، ٿينِ مُورائِين مَدِيُون؛
تُون ڪَر پاڻَ وَڙان، موٽُ سَٻاجها سُپرِين!
7
نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي سڱِيڻِي؛
آھيان ڪَمِيڻِي، ذاتِ ٻَروچِيءَ نہ جُڙان.
8
ڪيچِ مَ خَبَرَ ھوءِ، ھنَ مُنھنجِي ذاتِ جِي!
مَتان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ مُنھنجِي لوءَ ۾!

داستان ٻارھون

1
ڏِٺان جي ٻَروچُ، مُون جئن ھوتُ اکِينِ سين؛
مُون کي چَيان ”لوچ“، پاڻا پيٺِيُون ڇَپَرين.
2
’ووءِ! ووءِ!‘ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻِ ’ووءِ!‘ وِسارِئين!
پاڻِي ھار مَ پَڌِرو، روءُ مَنجهان ئي رَتُ؛
صَبُرُ وڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
3
ماٺِ ماريندِيَءِ پِرِينءَ جِي، مَڇُڻِ، رُئِين رَت!
ڇورِي! ڇَڏِ مَ سَتُ، ھمَتَ ھوتُ وِڃائِيو.
4
جَڙَ جِئري جن سين، مُئي پڻ سين تَنِ؛
جي ھتِ نہ ھوتُ پَسَنِ، سي ڪَنھن پَرِ ڪيچِ پَسَندِيُون؟
5
اَوجَهڙِ وَتان آنءُ، ٻِيُون سَڀِ سَڳَرِ ساٿَ جي؛
جا نِينھَن ڳِنهندِي نانءُ، سا مُون جِئن پَوندِي مامِري.
6
ٻَڌو ڪَنھن ٻَنڌاڻِ، ھنئڙو ھوتاڻِيءَ سين؛
ڪا جا پِييَسِ ڪاڻِ، نِبيرِيانسِ، نہ نِبِري!
7
ڏُونگَرُ ڏَنا نُوڻِ، مُون پارِکُو پُڇِيا؛
ھيڪِليُون ھلَنِ جي، سي تاڪُنِ سَندِي تُوڻِ؛
اِي اَھکِي ڀُوڻِ، سُونھَنِ رِءَ نہ سُٿِرِي.
8
لَکين لوڙائُو، سَھسين آھنِ سُڃَ ۾؛
بَرَ ۾ بورائُو، کَڻُ، پِيادِي! پاڻَ سين.
9
نِينھن مَ نالو ڳِنُ، پِرِيَتَڻي پيرَ ٻِيا؛
سُورَن ساڻُ مَ ڇِنُ، وِرھ وِھائجِ وِتَرو.
10
سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تن ڳِچِيءَ سِرِ ڳَھُ ڪَيو؛
ٻِيُون ڪوھ ٻُجَهنِ، قَدُرُ ڪِيمِيا اِنَ جو؟
11
ھارِي! ھنئون مَ لوڏِ، سُکَنِ پَوَندِينءَ، سَسُئِي!
ڪوھيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَھ قَطارِيو.
12
حُسينِي حُسينَ لَءِ، بِيبِيءَ پاڻَ چئِي؛
تھان پوءِ ٿئِي، خَبَرَ ٻِي خلقَ کي.

 

سر حسيني پورو ٿيو