سر کنڀات

داستان پھريون

1
ڀَلا ئِي آهِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھنجي؛
سَٻاجها سِرِ چَڙهيو، ڏوراپو نہ ڏِينِ؛
مان ڏي مَديُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايِن ۾.
2
تون چَنڊَ! اُهوئِي، جو هُتِ پَسِين ٿو پِرِينءَ کي؛
آڏِتُ چئج اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئِي؛
هيڪاندِيءَ هوئِي، سانگُ مَ پَوي سَڄَڻين!
3
مَرُ هيڪاندا هُونِ پِرِين، سانگِ مَ وڃن سيڻَ!
رهيا آهِينِ روحَ ۾، نِتُ جِنِين جا نيڻَ؛
وِماسِيا جِن ويڻَ، ٿو تارِيءَ تَڳي تِنِ هِنئون.
4
رات سَھائِي، ڀُون سَنئِين، ڀائِي! گُهرجي ڀَلُ؛
آهُرَ ۾ ايلاچِيُون، چَندَن چَرِي چَلُ؛
مون توئِي سين ڳالهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ؛
هاهُرَ ڪندو هَلُ، تہ کِجايُون کَرَنِ کي.
5
چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀِرين، سَھسين ڪَرِئين سينگارَ؛
پَلَڪَ پِريان جي نہ پَڙِين، جي حِيلَنِ ڪَرِئين هَزارَ؛
جھڙو تون سَڀَ ڄَمارَ، تھڙو دَمُ دوست جو.
6
سھسين سِجَنِ اُڀري، چوراسِي چَنڊَنِ؛
بالله ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداهِي ڀانئِيان.
7
چَنڊَ! تنھنجِي ذاتِ، پاڙيان نہ پِرِيُنِ سين؛
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجهرا.
8
چَنڊَ! چوانءِ سَچُ، جي مَٺِي نہ ڀانئِئين؛
ڪَڏهن اُڀرِين سَنهڙو، ڪَڏهن اُڀرِين ڳَچُ؛
مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرِينءَ جِي.
9
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ؛
سُورجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ؛
تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکِيندي دِلبَرُ؛
جَهڪو ٿيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
10
تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَنَ! اُڀِرِين؛
جَھڙِي تو صُبوح، تَھڙِي صافِي سَڄَڻين.
11
توڏانهن گهڻو نِھاريان، تارا! تيلاهِين؛
سَڄَڻُ جيڏاهِين، تون تيڏاهِين اُڀِرين.
12
هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منھنجا سُپرِين؛
سَڄَڻَ ماکيءَ مَنڌِ، ڪَؤڙا ٿين نہ ڪَڏَهِين.
13
تارا، تِرَ، تِروڪِڻيؤن، مَٿِن ڦُلَڙيُون؛
کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مون پِرِينءَ پُڄاڻا پيئِيُون.

وائي

وَهلِي وَنءُ مَ وِهامِي! رَهُ رات! رائِينديس پرِينءَ کي.
شَمع ٿِينديَس شَب ۾، اِن خوشيء کان کامِي؛
بابُوئن سندِي باه جِئَن، ٻَران شال اُجهامِي!
پِرتِ جا پِيتَم جِي، سا ڪِينَ پروڙي عامِي؛
مونکي مون پِريُن جو، آهي دَردُ دَوامِي؛
آهيان يارُ سَيَدَ جو، ڪانَ رهِي ڪا خامِي؛
هُوءَ جا لَنؤُ، لَطِيفُ چئي، مونکي آهي مُدامِي؛
روشَنُ ٿِيان رُڃُنِ ۾، جي هُئان لَنؤُ اِنھيءَ لامي؛
ڪارِي سا قِيامَ سَنئِين، هوتُ جنھنجو حامِي؛
آيَم تَنھِين لوڪَ سان، جيسِين مان چَوَن سامِي.

داستان ٻيو

1
ناسِيندي نِگاهَ، پھرين ڪج پِرِينِ ڏي؛
اَحوالَ عاجزن جا، آکِجِ لَڳِ اللهَ؛
روزُ نِھارينِ راهَ، اَکيُون اَوهانجي آسِري.
2
چَڱا چَنڊَ! چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين؛
مَٿان اَڱڻ اُڀرِي، پِريُنِ جي پَئيجِ؛
جِهيڻو ڳالهائيجِ، پيرين وجِهي هَٿڙا.
3
اُڀِرُ چَنڊَ! پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مُون ڏُورِ؛
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورِ؛
پيرين آئون نہ پُڄڻِي، ٻاٻُل ڏِئي نہ ٻُور؛
جنھن تي چڙهِي اَسُورِ، سَنجهي سَڄَڻَ سِيٽيان.
4
ڌَڻِي! ڪَرِيندين ڪَڏهِين، حياتِيءَ هيڪاندِ؟
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رنجائي راندِ؛
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرهِيان ڪن سين؟
5
هِنئَڙي سَڄَڻَ سارِيا، ڪِٿي هُوندَمِ هيرَ؟
اَچِي لالَنَ! نہ ڏِئين، مَٿي پَلَنگَن پيرَ؟
ٿِي ورُونھڻ ويرَ، ڳُجُهہ ڳَرَهِيان ڪن سين؟
6
ڪَرَهو نہ ڪيڪانُ، پيرين آئون نہ پُڄڻِي؛
جو مون راتِ رَساڻي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ؛
مُون نہ وَهِيڻو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان.
7
ڪَرَها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ؛
منھنجو هلڻ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ؛
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻيو وَڳُ، لاڻِي کاءِ؛
اِئين اُٺَ! اُٺاءِ، جِيئن هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون.
8
ڪَسَرَ ڇڏ ڪَنواٽَ! وِکُون وِجُهہ وَڌَندِيُون؛
سَنئِين سُپيرِيُنِ جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ؛
ڇَڏ جهورِي، ڏي جهاٽَ، تہ هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون.
9
آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکريُون چَري؛
ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪيو لاڻِي کاءِ؛
اِنَ مَئي سندي، ماءِ! مُون کي ڳالهڙين ڳوڙها ڪيو.
10
مَيا! مَڃُ مِنٿَ، اَڄ منھنجي ڪَرَها!
جهاڳِيندي جَرَ پَٽيُون، مَتان ڪَرِئين ڪَٿَ؛
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِئين.
11
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيُنِ ڳُتيَس مالَ؛
ڪَدِيفي جِي ڪَرَها! هيدِي پايَنءِ حالَ؛
چَندَنُ چارِيَنءِ جالَ، جي مُون رات رَساڻِئين.
12
مَيا! تو مَھارَ، سڄِي پايان سونَ جِي؛
چارِيَنءِ چَندَنَ چوٽِيُون، نايو ميندِيءَ ڏارَ؛
سَندِي پِيَ پَچارَ، جي مُون رات رَساڻِئين.
13
اُٺُ نہ وڃي وَڳَ سين، چَري نہ چانگو؛
لَڳيسِ نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِيو نانگو؛
ڇَڏي سِرَ سانگو، رڙهي رَندِ پِرين جي.
14
وِهي مَنجهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري؛
ماءِ! منھنجي ڪَرَهي، پَڌَرِ پَڳَ نہ لَڳ؛
جَڳَ سين جھڙو جَڳَ، هِنئين سين هُتِ چَري.
15
اَڄ نہ اَڳينءَ ڍارَ، ڪَرَهو جيئن ڪالهہ هو؛
اَڱَڻَ آيو نہ ڪري، پاهوڙي پَچارَ؛
جيڪُسِ مَنجهہ قَطار، ڪا وَلِ چِنائين وِهُ جي.
16
مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَليُن کي؛
خَبَر ٿِي کيٽَ ڌَڻيُنِ کي وِڏُوڙا واهِي؛
ڪَرَهي ڪاڪَتَ ڇڏِي، وَريسِ نہ وائِي؛
چانگي چَرِيائِي، ويئِي ويچاري وِسرِي.
17
وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پنھنجي ڪَرَهي؛
وَليُون واسَ وَرنيُون، پَھرِيُون مَٿي پَٽَ؛
چانگي چَٽِي چَٽَ، تہ پوءِ نہ رَهَندو پَئِدَ ري.
18
ڪَرَهي کي ڪَئِين، وِڌَمَ پَئدَ پَلَڻَ جا؛
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻ نَئِين؛
چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحبَ! وِجُهہ سَئِين؛
اوباهيوس اَئِين! لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
19
چانگي چَئِي چُڪياسِ، مَٿان اَڪَ نہ اُلَھي!
جنھن وَلِ گهڻا وِهاٽيا، اُنَ سين آرِ لَڳياسِ؛
چوڌارِي چَندنَ وَڻَ، پَچِي پُوڄَ پِياسِ؛
رُئاري رَتُ ڪَياسِ، هِنَ ڪُڌاتُوري ڪَرَهي.
20
اُٿي اَڙائِينس، ڇڏيو تہ ڇيڪَ ٿِيو؛
کارايان، کِڙِيو وڃي، پَلاڻي پائِينسِ؛
ڏانوَڻِ تنھن ڏائِينسِ، جِئن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻو.
21
دُو دَستِي، دُو پيرَ، سِيني سَنگَهرَ رُڪَ جِي؛
ماءِ! مُنھنجي ڪَرَهي، تازي ڦُلَنِ هيرَ؛
تنھن ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ؟ جو مُونھِين وَٽِ مَسَ رَهي!
22
ڪِنين ڪامَڻَ ڪَياءِ؟ ڪِيئَن ڀَنڀولِئين؟ ڪَرَها!
اَکِيُن مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاءِ!
وَڳَ ڪِ وِسرِياءِ؟ ٻَڌو جِئَن گهاڻي وَهِين.
23
کائي نہ کَٽَڻھارَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪري؛
اَگَرَ اوڏو نہ وَڃي، سِرکَنڊَ لَھي نہ سارَ؛
لاڻِيءَ جي لَغارَ، مَيو مَتارو ڪيو.
24
چانگا! چَندَنُ نہ چَرِين، مَيا! پِئَين نہ موڪَ؛
اَگَرَ اوڏو نہ وَڃِين، ٿُڪيو ڇَڏِئين ٿوڪَ؛
لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪَھڙي اَکرِ آئڙِي؟
25
جِئان ڪوڙِ ٻہ ڪاٺيُون، پَنجين لَکين پاءُ؛
مَيو تنھن ماڳاءِ، ڏِيھاڻي ڏارَ چَري.
26
لَکِ لاکِيڻو ڪَرَهو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهِ؛
ايلاچيون آهُرَ ۾، پُوڄَ مَيي کي پاءِ؛
ڪَٿ نہ ڪَندو ڪاءِ، جُھ پَلاڻيو تہ پِرِينءَ مِڙي.

وائي 1

سَڌين سيڻَ نہ هُونِ، نِينھُن نِياپي نہ ٿِئي؛
ڪارِيءَ رات رَتَ ڦڙا، جان جان نيڻَ نہ رُونِ؛
موٽَڻ جنِين ميھڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ؛
جِن مُسافر سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.

وائي 2

توڻي تَڙِئين تُون، يا اَلا! تو دَرُ توءِ نہ ڇڏيان!
مون کي سو مُشاهِدو، جي مُنھن نہ ڏِئين مُون؛
مُون ٻيا درَ گهڻا نِھاريا، آهِئين تُون ئِي تُون.

 

سر کنڀات پورو ٿيو