سر بروو سنڌي

داستان پھريون

1
ڇا کي وَڃيو ڇو، ٻيلِي ٿِئين ٻِيَنِ جو؟
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو؛
سَؤکو ھُوندو سو، جنھن جو عِشۡقُ الله سين.
2
جِئَن ڪا ڪانِي ڪانھَن، لُسَندي لاتِيون ڪَري؛
اَچِي پَئي اوچتِي، دَرِدَ پِريان جِي دانھَن؛
ويڄَ! ڏَنڀِئين ڪُھ ٻانھن؟ سُورَھنئين کي سامُھان.
3
ڌَرَتِي دُونَھ جِئَن، سِرَ ڀَرِ سُپيرِيُنِ ڏي؛
لَڳو آھ، لَطِيفُ چئي، تَنُ پِريان ڏي تِئَن؛
حاصُلُ ٿِئي ھئَن، قَرِينو قَرِيبَ جو.
4
لَڳِيءَ جو، لَطِيفُ چَئي، نڪو قال نہ قِيلُ؛
لِکئي لامُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ؛
ھِنئَڙا! ٿِيُ سُڌِيرُ، ڪالهہ قَرِيبَنِ لَڏِيو.
5
ڪي اوڏائِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ بہ اوڏا سُپِرِين؛
ڪي سَنڀِرجَن نہ ڪَڏھِين، ڪي نہ وِسرَنِ مُورِ؛
جِئَن مينھن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين.
6
ڪوٺي ڪُٺائُون، اَڄُ پڻ اَکَڙِيُن سين؛
ماسُ وِراھي ھَلِيا، ڪَرنگَلُ ڇَڏِيائُون؛
”وَتَوَاصَوۡ ابِالۡحَقِّ وَتَوَاصَوۡابِالصَّبۡرِ“ اِئين اُتائُون؛
مُئِي مارِيائُون، کِلِي گهائِيو سَڄَڻين.
7
ماڙھُو گُهرِنِ مالُ، آئون سَڀ ڏِينھن گُهران سُپِرِين؛
دُنيا تَنھن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ؛
ڪَيَسِ نامَ نھالُ، پَسَڻُ تان پَري ٿِيو.
8
ڪَڏَھن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏَھن کُلَنِ دَرَ دوسِتَنِ جا؛
ڪَڏَھن اَچان، اَچَڻُ نہ لَھان، ڪَڏَھن ڪوٺِيو نِينِ؛
ڪَڏَھن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏَھن ڳُجهاندَرَ ڳَرَھين؛
اَھڙائِي آھينِ، صاحِبَ مُنھنجا سُپِرِين.
9
صُورَتَ گهڻو سُھڻا، ٽاڻا سَندَنِ ٽُوھ؛
ريلو ڏِئي رُوحَ، جو کائي، سو کامِي مَري.

داستان ٻيو

1
جانِبَ! تُون جيڏو، آھين شانَ شَعُورَ سين؛
مُون تي ڪَرِ، مُنھنجا پِرِين! توھ تُسِي تيڏو؛
اِيُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو؟ جِئَن نَوازِينِم نِگاھ سين.
2
جانِبَ مُنھنجي جِيءَ ۾، تُنھنجِي طَمَعَ پوءِ؛
وَٺُ ڪاتِي، وَڍِ اَنگُڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ؛
ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ! سَنئون نِھارِئين.
3
جانِبَ! اِيئَن نہ جُڳاءِ، جِيئَن مارِيو، موٽِيو نہ پُڇِين؛
رَتِيءَ رَتُ نہ سِنجُري، سِڪَ تُنھنجي ساءِ؛
اَسان تو ئِي لاءِ، پَرِ ۾ پُوڄائُون ڪَيُون.
4
جَڏھن پَوي يادِ، صُحۡبَتَ سُپيرِيُنِ جي؛
فَرِيادُون فَرِيادِ، ناگَھ وَڃَنِ نِڱِيو.
5
ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، جِيئَن لُھارَ لَپيٽِيو؛
مُنھِنجو جِيُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪَيو.
6
نازَ مَنجهاران نِڪرِي، جَڏھِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ؛
ڀُون پڻ ”بِسِمِ الله“ چئِي، راھ چُمي ٿِي رَندُ؛
اُڀِيُون گَهڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيۡرَتَ ھَنڌُ؛
سائِينءَ جو سَوگَندُ، ساڄَنُ سَڀَنِئان سُھڻو.
7
فانِي نِي فانِي، دُنيا دَمُ نہ ھيڪِڙو؛
لَٽي لوڙھ لَتُنِ سين، جوڙِيندَءِ، جانِي!
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَڪَنھين.
8
اَڄُ پِڻُ اَنگِيَمِ اَنگَ، ھٿان حَبِيبَنِ جي؛
جا پَرِ سَوۡنٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِئِي.
9
اَڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيھي دَرِ آئِيو؛
سُکَنِ اَچِي ڏکَنِ کي، مُحۡڪَمُ ڏِنِي موڙَ؛
جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِئِي.

داستان ٽيون

1
عِشۡقُ اَھڙِي ذات، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي؛
ڏِينھان ڏورَڻُ ڏونگَرين، روئَڻُ سَڄيائِي راتِ؛
اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان! مَحۡبُوبَنِ جِي.
2
يارُ سَڏائي سَڀُڪو، جانِي زِبانِي؛
آھي آسانِي، ڪَمَ پِئي ٿِي ڪَلَ پَوي.
3
آدِمِيُنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو؛
ھاڻِ کائي سَڀُڪو، سَندو ماڙُھوءَ ماسُ؛
دِلبَرَ! ھنَ دُنيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ؛
ٻئي سَڀُ لوڪَ لِباسُ، ڪو ھڪَدِلِ ھوندو ھيڪِڙو.
4
شُڪُرُ گَڏِياسُون، سپِرِين! جِئَري، جانِي يارَ!
ويٺي جن جي وَٽِ ۾، ڪوڙين ٿِيا قَرارَ؛
ڌَڻِيَم! ڪَرِ مَ ڌار، پاڙو تِن پِرِيُنِ کان.
5
کوڙي، کَڻُ مَ سُپِرِين! کَنيَئِي تان کوڙِ؛
عادَتَ جا اَکِيُن جِي، سا نيئِي نِباھجِ توڙِ؛
مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِج، سُپِرِين!
6
ڪِئان سِکِئين سُپِرِين، ڪاسائِڪِي ڪارِ؟
تِکِي ڪاتِي ھٿِ ڪَري، مُنِيءَ سين مَ مارِ؛
چوري چاڪَ نِھارِ؛ سورَنِ سانگهيڙا ڪَيا.

سر بروو سنڌي پورو ٿيو