سر کاھوڙي

داستان پھريون

1
کاھوڙِيُنِ خَفِيءَ سين، سوجهي لَڌو سُبُحانُ؛
عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِهيا لا مَڪانُ؛
ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛
سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي.
2
مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي؛
رَھِي اَچِجي راتڙِِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ؛
تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾.
3
ويئُون پَٻِ پَئِي، کيرُون کاھوڙِيُن جُون؛
آئون تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي!
رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.
4
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِيا، سَنجهي سَعيو نہ ڪَرِين؟
سَوارا سَنڊَ کَڻِي، کاھوڙِي وِيا؛
آڻِيندين ڪِيا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيھَ جو؟
5
ڏوٿِي سا ڏورِين، جا جُوءِ سُئِي، نہ ٻُڌِي؛
پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ؛
وِڄا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
6
ڀَڪُلِيا ڀُوڻَنِ، ڌَڙَ کي گَڏِيو ڌُوڙِ ۾؛
ڳالِهيُون، ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌرِ پَئِي نہ ڪَنِ؛
ڪا مُلِ آھي تَن، مُون پِريان جي ڳالَهڙِي.
7
تان وَنئُن ويھِي آءُ، اڱَڻ کاھوڙِيُنِ جي؛
جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءُ؛
ڏوٿِيُنِ ڪنھن ڏُکاءُ، سُمِهي سُک نہ ماڻِيو.
8
ڏُٿُ نہ کُٽو ڏوٿِيين، جيڪِي ڏُٿُ ڪَرِينِ؛
اُھۡڃاڻِيُون عالَمَ جُون، اوريائِين آڻِينِ؛
تِھان پوءِ ڏسِينِ، پِرِيان سَندِي ڳالهڙِي.
9
جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، تہ ڏُونگَرَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو؛
ڇَپَرُ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِڙِيُون سُتَنِ کي!
10
مُون کاھوڙِي لَکِيا، گَهرين نہ گهارِينِ؛
واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ؛
گُوندَرِ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿَ گَدُ ٿِيا.
11
کاھوڙِيُنِ کَڻِي، ساجُهرُ ٻَڌا سَندِرا؛
ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَڻِي؛
ڏَکَنِ ڏِيلُ ھڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.
12
کَڻَنِ نہ ڪَيڪانَ، پَنڌَ پَراھين ھلِيا؛
ڏوٿَيِرا ڪَنھن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏُنھن جابانَ؛
کاھوڙِيُنِ اُھڃاڻَ، اَنگ نہ سَڄِي اَڳِڙِي.
13
سُڪا مُنھن سَندِنِ، پيرين پُراڻا کيٿِڙا؛
سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونھان جِتِ مُنجَهن؛
ڳُجها ڳُجهيُون ڪَنِ، تِھان پَراھين پَنڌَ جُون.
14
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرِڪَڻا پيرين؛
ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاھوڙِي گَڏِيا؟

داستان ٻيو

1
پِيوجن پَرو، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو؛
ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچي لاھوتِي ٿِيا.
2
پيئِي جن پَرکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي؛
واري سَڀُ وَرقَ، لوچي لاھوتِي ٿِيا.
3
پيئِي جنِين باسَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي؛
ڇَڏي سَڀِ لِباسَ، لوچي لاھوتِي ٿِيا.
4
ڪَھڙو اَٿيئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾؟
پَسِي تنھن پاھڻَ کي، اَچي نہ آرامُ؛
مَتان ڏُونگرَ ڏورِئين، اُجِهين ڪُھ عَوامُ؟
ھرا ڪَري حَرام، کامُ تہ کاھوڙِي ٿِئين.
5
ڏيھُ ڏيھائِي ناھ، جِتي پيرُ نہ پَکِيان؛
تِتي کاھوڙِيان، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِيا.
6
جِتِ نہ پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باھڙِي؛
ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاھوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟

داستان ٽيون

1
اَچِي پِيا آٽ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛
اُوءِ بصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ؛
ڪَنَن آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَن جِئَن گُهمَنِ؛
فِراقِيءَ فرمان جو، آھي ٻَرُ ٻوڙَنِ؛
لَنگها ٿِيا لاھوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ؛
کَپَتِ کاھوڙِيَنِ، آھ اُٿِئي پئي نہ لَھي.
2
ڏِسِي ڏوري ڏُونگَرَين، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛
ڪُرَندان ڪِي پَرُوڙِيو، رَندُ سي نہ رِڙھنِ؛
ٻيئِي دارَ دَيُون ڪَيو، پِيرَتِ تان نہ پُڇَنِ؛
ڌُوڙِپِرِيان لَءِ ڌارِ ڪَيو، ويچارا وِجَهنِ؛
خَبَرَ کاھوڙِيَنِ، آھي لِکَ لاھوت جي.
3
ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنھين پاتو پيرِيين؛
جِيان مُنجهڻَ ماڙُھئين، سَڄَڻَ تِيان ئِي سيرُ؛
اُنَ ڀُون سَندو ڀيرُ، ڪوڙِنِ مَنجهان ڪو لَھي.
4
سُونھپَ ۾ سَپَ گهڻا، مُنجَهڻُ ماکِي ھوءِ؛
پَرو تَنھين پوءِ، جو اُجِهي پوءِ اُنِ تان.
5
ڏوري ڏوري ڏيھ، ماءِ! کاھوڙِي آئِيا؛
مَيَنِ پيرين کيھ، ڪُھ ڄاڻان ڪَنھن پارَ جِي.
6
جَهنگَلِ ھلِيا، سي نہ ڀُلِيا، راھ ھلِيا ڦُرِجَنِ؛
اَوَجَهڙِ سي نہ پَوَنِ، ٻيئِي جنِين ڇَڏِيُون.
7
جَهنگَلُ آھيڙِيُنِ کي، ڀَنَڻُ ڪَيو رُوندو؛
نہ ڪُتا، نہ ڪوڙِڪُون، چَڙھيو اُڀو چُوندو؛
ھڏھين نہ ھوندو، اِنھان پوءِ عالَمَ ۾.
8
وَرُ سا سُڃِي ويڙھ، جنھن ۾ سَڄَڻُ ھيڪڙو؛
سو ماڳُ ئِي ڦيرِ، جِتي ڪوڙِ ڪُماڙُھئين.
9
ڪارِي راتِ، اَڇو ڏِينھن، اِيُ صِفَتان نُور؛
جِتي پِرِينءَ حضُورُ، تِتي رَنگُ نہ رُوپُ ڪر.
10
ڏُونگَرين ڏسِجَنِ، اَڄُ پِڻُ رُيُون اُنِ جُون؛
ڏوٿِيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙان اَچَنِ؛
خِيما کاھوڙِيَنِ، اَڄُ نہ اُنهين ڀيڻِيين.
11
کاھوڙِي کَرا، سُوڌِي خَبَرَ پَکِيا؛
سوجهي جن ڪَيا مَٿي اَڱڻِ آھيرا.

سر کاھوڙي پورو ٿيو