سر ليلا چنيسر

داستان پھريون

1
داغُ تُنھنجو دائِما، ماري مَعذُورين؛
سائينءَ ڪارَڻِ سُپرين! وَڃِجِ مَ ڏُورين؛
آءٌ تو حُضُورين، مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾.
2
مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾، ھائِيءَ ھڻِي ھارُ؛
سوڀِي! سُکُ سيَدُ چئي، ڪَرِئين ڪوھ قَرارُ؟
راجا رِيساڻو گهڻو، سَٽاڻو سردارُ؛
چؤڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيھان ڏيھ ڏَھڪارُ؛
ٺاڪُرُ اکِيين ٺارُ، مَڻِئي تي ٿِي مَٽِئين!
3
چَنيسَرُ چَؤرَنگُ، ٻِرَنگو لوڪُ ٻِيو؛
تنھن سين ڇِنِيو سَنگُ، وَڃِيو ھارَ ھٿُ ڇُھين!
4
مَڻِئي تي موھجِي، مُوڙِھي ڪَيُءِ مَرَڪُ؛
چئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ؛
وَرِي ويو وَرَقُ، آيُءِ ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
5
مَڻِئي مَٿي جي ھئا، تِن چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ؛
ھارُ کَٽَندِيَسِ ھوڏَ ۾، نيبَھُ ٿيندُمِ نِتُ؛
ڪؤنرُوءَ جو ڪِرِتُ، مُونھان مَٿاھون ٿِيو.
6
مَڻِيو ناھ مَڻِيُون، جو تُون پَسِي ھارُ ھرکِئين؛
اَصۡلِ آھي اَڳَهين، سَندِيُون ڪُوڙَ ڪَڻِيون؛
اِنَ گهوڙَنِ ھنئي گَهڻِيُون، دوسَنِئان دُورِ ڪَيون.
7
تو جو ڀانيو ھارُ، سو سُورَنِ جو سَڳڙو؛
چنيسَرُ چِتُ کڻي، ٿِيو پورِھيَتِ جو پارُ؛
اَوَڻت جو آچارُ، ڪانڌ ڪَنھين سين مَ ڪَري.
8
نہ ڪِي ھو ٻانھڙِيُنِ ۾، نہ ڪِي ڳَرِ ھئومِ؛
نہ مُون، سِينڌِ نہ سُرمو، نہ سِينگارُ ڪَيومِ؛
تيلانھ ڪانڌُ سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ ڳِڙي.
9
سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙھا ھارَ؛
ٻانھوٽا ٻانھنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ؛
تيلانھ پِيَ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھنجي ڇَڏِئِي.
10
اُو ڏَمِرِيو ڏِسُ! حِيلو ھُنھِنين ھارَ جو؛
سُڻو سَڀ سَرَتِيُون! وَرُ نہ ڪَنھِين وَسِ؛
دَعَوىٰ پَھرِئين دَسِ، ڀَڃِيو ٿو ڀورا ڪَري.
11
پُوچا ڏِٺَمِ پيرَ، ڍَڪَڻَ مٿي ڍولَ جا؛
مون ڀانيو تَنھن ويرَ، ڪوجِهي ڪَندو پَرِيئَڙِي.
12
سَوَڙِيين سُتَڙِياءِ، پَکو سَھو وِلارِيو؛
چَنيسَرَ ڪانڌاءِ! تان مُون ھِئَن نہ ڀانئيو!

داستان ٻيو

1
ٿِڙِڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرِڪِي تَڪَبُرَ ۾ پئي؛
اَچِيو اَچِيو، ”اَڳَلِي!“، چَئي لِيلا کي لوڪُ؛
اندَرُ اوڀالَن سين، ساڙي ڪَيائُونس سوڪُ؛
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچاريءَ وِسرِي.
2
ھئِينءَ تہ گَهڻو ھوشِيارُ، ڪَلَ بہ ھيَئِ ڪانڌَ جِي؟
تو ڀانيو موچارِي ٿيان، ڳِچئَ پائي ھارُ!
ڪانڌَ، ڪُوڙيءَ جو نہ وَڻي، سَئين ڀَتين سِينگارُ؛
وَھمَ لَھي وِينجهارُ، دِليُون پَرکي داسَڙو.
3
وڏيرِي ھياسِ، ميڙو مُون گَهرِ سَرَتِيين؛
ھٿَ ڇُھَڻَ ھارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِياسِ؛
ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
4
وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
دُھلين دَمامين، نَقرين، ٿي پَلِپَلِ پُڇِياسِ؛
ڍولي ڍيلِياسِ، ٿِيَسِ ڏُھاڳِڻِ ڏيھَ ۾.
5
وَڏيرِي ھياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
دائِيين، ٻائِيين، دَرِبانَنِ، پَرِ ۾ ٿي پُڇِياسِ؛
دُھلين دَمامين، نَقرين، ٿي وِچَ ۾ وِھارِياسِ؛
ھيَسِ دادُلِي دوسَنِ جي، کَڻي ھلڪِي ھارَ ڪَياسِ؛
تِنھان پوءِ ٿِياسِ، ڪانيارِي ڪانڌَ جِي.
6
ھيَسِ ھندورَنِ ۾، پِييَمِ ڪانَہ پَرُوڙَ؛
مَڻِئي سنَدي مامِري، ڪوجهي وِڌَيَسِ ڪُوڙَ؛
سامهان ٿِيَمِ سُورَ، وِيو وِلُٽي وَلَھو!
7
لِيلا! جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ؛
وَرَ سين وِڙِھيو اُٿِئين، مُوڙھي! مُٺُءِ پاڻُ؛
ڀوري! ڪَيُءِ ڀاڻُ، تي آيُءِ ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
8
لِيلا! پُورِي نہ پَئِين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ؛
تو جو ڀانيو پانھنجو، سو رِيساڻو راڄاڻُ؛
پاڻان ڌارَ پِرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِنجو نہ وَڻي.
9
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! تُون مَ لکاءِ؛
دوسُ تُنھنجو داسڙو، کاندِ وَڏيائِي کاءِ؛
تہ ڍولو ڍَڪَ سَندِياءِ، عَيبَنِ کي آڏو پَئي.
10
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! تُون مَ لکاءِ؛
اِيُ ڪانڌُ ڪَنھِجو نہ ٿِئي، نہ ڪا مُون نہ تُون؛
رُئندِيُون ڏِٺيون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادليُون.
11
لِيلا! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون سوڀِي! سِکِئين؛
پائي پاندُ ڳِچيءَ ۾، پاڻُ غَرِيبيءَ گَڏِ؛
ھڏِ نہ چَوَندُءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِئَين ڪانڌَ کي.

داستان ٽيون

1
چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري؛
جان مُون پوءِ پَرُوڙِيو، تہ ھيُ نہ ماڻي ماڳُ؛
ڏَمِرِيو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏِئي سُھاڳِڻِيين.
2
چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري؛
ڪانڌَ ڪَنھِين جو نہ وَڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ؛
جي ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، تہ دوسَ دَسائي داسَڙو.
3
سَڀيئِي سُھاڳِڻيُون، سَڀنِي مُنھن جَڙاءُ؛
سَڀَ ڪَنھين ڀانيو پاڻَ کي، تہ اِيندو مُون ڳَرِ راءُ؛
پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسي پاڻُ لَڄائِيُون.
4
اَوَڳُڻ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا!
جِئَن تو رُسَڻَ سنديون رُوحَ ۾، تِئَن مون ڀيڻِي ناھ؛ ڀَتار!
سائِينءَ لڳِ، سَتارَ! ميٽِ مَدايُون مُنھنجيُون.
5
جي مُون مُوڙھي مَتِ، تہ تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!
اصۡلِ اَوايِنِ جا، عَيبَ ڍَڪِئين تُون اَتِ؛
اِيَ، پِرَ! تُنھنجي پَتِ، جِئَن وِلهيُون ڍَڪِئين وَلَھا!
6
ڪوڙين تُنھنجُون ڪامِڻِيُون، تون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌُ؛
مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا! تہ وَڃان نہ وِڻِواندُ؛
مون ڳِچيءَ ۾ پاندُ؛ تو، چنيسَرَ! ھٿَ ۾.

سر ليلا چنيسر پورو ٿيو