سر سورٺ

داستان پھريون

1
الله جي آسَ ڪري، ھليو ھيائِين؛
چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين؛
ڏولِي راءِ ڏياچَ جي، ڏُوران ڏِٺائِين؛
وَينَتِي واحِدَ دَرِ، تَنھن ويرَ ڪَيائِين؛
”سَٻاجها سائِين! راءُ رِيجهائِين راڳَ سين“.
2
”پَرِديسان پنڌُ ڪَري، ھلِي آيو ھُون؛
اُونچو تون عرشَ تي، آن ڀورو مٿي ڀُون؛
ڪِيئَن تُسَندين تُون؟ ھيُ سِرَ سوالِي مَڱَڻو“.
3
”پَرِديسان پنڌُ ڪَري، سُڻَي آيُسِ شانُ؛
مَڱان ڪَھڙِي مَتِ سين؟ نِسورو نادانُ؛
سو ڪو ڏِيارئِين ڏانُ، جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري“.
4
”سَردِيءَ سالِمُ نہ رَھان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ؛
اَمَنُ ڏيجِ اَمانَ تون، سائِلُ ھڻي سازُ؛
رَبابِيءَ کي رازُ، خالِصُ ڏيجِ خَلِيلَ جو“.
5
”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا: جاجِڪُ وٺي جِيُ؛
ڪَنان ’نارٌ حامِيَه‘، ھاڻِ بَچائِجِ ھيُ؛
والي! ڏِياريئِي وِيُ، جِتِ آھي ’جَنَاتُ عَدۡنِ‘“.
6
”ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنَ کي، آيُسِ تُنھنجي دَرِ؛
سُونھارا سورَٺِ وَرَ! ڪا مُنھنجِي ڪَرِ؛
ڀلا! ڀيري ڀَر، پالهو پاندُ پينارَ جو“.

داستان ٻيو

1
جاجِڪُ جُهوناڳَڙہَ ۾، ڪو عَطائِي آيو؛
تَنھن ڪامِلَ ڪَڍِي ڪِينَرو، ويھِي وَڄايو؛
شَھرُ سَڄو ئِي سُرَ سين، تَندُنِ تَپايو؛
دايُون دَرِماندِيُون ٿِيُون، ٻايُنِ ٻاڏايو؛
چارَڻَ ٿي چايو، تہ مارِي آھي مَڱڻو.
2
نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ؛
راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ؛
رازُ ڪَيائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھِلَ؛
”اَنَا اَحۡمَدُ بِلا مِيمِ“، سَئِنَ ھنئِي سائِلَ؛
ڪَنھن ڪَنھن پَيئِي ڪلَ، تہ ھرِدوئِي ھيڪُ ٿِيا.
3
ڪِنِين ڪِنِين ماڙُھين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي؛
رَسيا جي رَمۡزَ کي، تن پارسِي پائِي؛
”اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّہ“ ورتِي اِيَ وائِي؛
راجا راڳائِي، ھرِدوئِي ھيڪُ ٿِيا.
4
سِرَ جِي ھئائِين ھليو، چارَڻُ چِتائي؛
سو مُوڙا جَهلي نہ مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي؛
”تو دَرِ آيُسِ تي، جِئَن تو ناھ نہ سِکيو“.
5
”جي مِيراثِي مَڱڻا، آءٌ پُڻِ مَنجهان تَنِ؛
ڪِي ڪَھُ مُنھنجي ڪَنِ، اِرۡثَ مَنجهاران اُنِ جي“.
6
”ڪا جا ڳالِھ ڳَرِي، ٻِيجَليا! ٻُڌاءِ مُون؛
پيٺين جِئَن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري؛
ڪِ تو پَنڌُ پري، ڪِ مَڱَ جَهلِيندين؟ مَڱڻا“!
7
”مَڱَ نہ جَهلِيان مُورَھين، نہ مُون پَنڌُ پَري؛
ڳَڻِي آيُسِ ڳالَهڙِي، ڳُجِهي تو ڳَري؛
سا سَمجِهج سورَٺِ وَرَ! وِيندُسِ ڪِينَ وَري؛
پَريان پيرَ ڀَري، تو لَءِ آيو آھيان“.
8
سِرُ مَڱي سِرُ گُهري، سِرَ رِءَ ٿِئي نہ صلاحَ؛
غَرِيبَنِئُون نہ گُذِري، ٿو ماري مِيرَ مَلاحَ؛
نايو نَوابَنِ جا، سورِيو ڪَڍي ساھ؛
خالقُ سَنجِهہ صُباحَ، ڪونہ ڇَڏيندو ڪِٿَھين.

داستان ٽيون

1
ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ؛
راجا رَتولَنِ ۾، سيباڻو سُلطانَ؛
”آءُ مٿاھون مَڱڻا! مُقابِلِ مَيدانَ؛
گهورِيان لَکَ، لَطِيفُ چئي، تُنھنجي قَدمَنِ تان قُرِبانَ؛
مَٿو ھيءُ مِزمانَ! ھلِي آءُ تہ ھتِ ڏِيَنءِ“.
2
”آءُ مٿاھون مَڱڻا! چڙھي ۾ چَؤڏولَ؛
توکي گهوٽَ گُهرائِيو، راڄا مَنجِهہ رَتولَ؛
ٻيجَلَ! توسين ٻولَ، وِھاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي“.
3
مَحَلين آيو مَڱڻو، کَڻِي سازُ سِرِي؛
لَڳِي تَندُ تُنبيرَ جِي، پِيا ڪوٽَ ڪِرِي؛
ھنڌين ماڳين ھوءِ ٿِي، تُنھنجِي ٻِيجَلَ! دانھَن ٻُرِي؛
سِسِي تَنھن سُلطانَ کان، اچِي گهوٽَ گُهرِي؛
جُهونا ڳَڙھ جُهرِي، پُوندي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
4
ڏاتارَ ۽ مَڱڻي، ڪونہ وسِيلو وِچِ؛
سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ؛
جي ھتي جي ھُتِ، تہ ڳالِهہ مِڙِيائِي ھيڪِڙِي.
5
”جاجِڪَ! تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ چئي؛
جَنھن ۾ مالُ نہ مِرِيءَ جيترو، تَنھن تون طَمَعَدارُ؛
جي اچيئِي ڪَمِ ڪَپارُ، تہ وِيھَ ڀيرا وڍَي ڏِيَنءِ“.
6
”ٻيلي! ٻَئِي پارَ، جان مُون نيڻَ ھڻِي نِھارِيا؛
چوري رَکِيَم چِتَ ۾، ڏِسِيُنِ جا ڏاتارَ؛
ھيُ سِرُ توھان ڌارَ، ٻِيجي ڪَنھن نہ ٻولِيو“.
7
”سو جِيُ، مَڱَڻھارَ! مَ ھوءِ، جَنھن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪَيو؛
جو مُون مُل مُورِ نہ سَپَڄي، تان جي سو گُهرِيوءِ؛
تان جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي“.
8
”مَٿو مَٿائِين گهورِيان، مَٿو تو مَٿاءِ؛
ھڏو ھيُ ھٿِ ڪَري، جاجِڪَ! وَھلو جاءِ؛
تُون سين اَنِيراءِ، جِمَ واچا ۾ وِلَھو وَھين“.
9
”مَٿو مُورِ نہ پاڙِيان، تُنھنجي تَندُ تَنوارَ؛
سِرَ ۾ سَڃَڻَ ناھ ڪِي، موٽُ مَ، مَڱڻھارَ!
ڪِينهي منجِهہ ڪَپارَ، لَڄيندو ٿو لاھيان“.
10
”سؤ سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَر تورِيان؛
اُٽَلَ اوڏانھِين ٿِئي، جيڏانھن ٻِيجَلَ ٻُرائي؛
سَکِڻو ھڏُ آھي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھ ڪِي“.
11
”مَٿي اُتي مُنھنجي، جي ڪوڙين ھوَنِ ڪَپارَ؛
تہ وارِيو وارِيو وَڍِيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ؛
تہ پِڻُ تَندُ تَنوارَ، مُوھان مٿائُون، مَڱڻا“.
12
”جو تو ڏِيَڻُ، ڏِياچَ! لاھيو اِي سِرُ سَڀِڪو ڏي؛
ڪِي نانھِ جَھڙو ڏي، جو سَنَدَ ٿِئي سُواليِين“.
13
پَسِي پاٽُ پُرِ ٿِيو، سندو جادِمَ جُودُ؛
مَڱَ وِھاڻِيءَ مڱڻا! مَٿو ھيرَ مَوجُودُ؛
بَلَڪِ آھي بُودُ، ناڪَسِيءَ، نابُودُ ۾.
14
چارَڻَ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا؛
صَدا جي سَيَدُ چئي، وائِي ڪَيائِين واتا؛
تَنھن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وڏِيءَ داتا؛
مَرڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءِ ڏياچَ جي.

داستان چوٿون

1
رِءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِ؛
نُورُ تَجَلَو نُورَ سين، نِميو نيڻَ پَسَنِ؛
خِيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چِمِڪَنِ؛
لَڌائِين لَطِيفُ چئي، سَندا ڏاڻَ ڏِسِيَنِ؛
تيلان مُلڪَ ڌَڻِينِ، مَڃِيو مَڱڻھارَ کي.
2
”مَرُ تہ آئين، مَڱڻا! مامَ پَرُوڙِي مُون؛
جيڪا ڳاھَ ڳالهائِيين، سا سَڀِ سَمجهي سُون؛
تَنھن ۾ تُسِجِ تُون، جيڪِي پَوَيئِي پَٽَ ۾“.
3
”چارَڻَ! تُنھنجي چَنگَ جو، عَجَبُ آھمِ اِيُ؛
ھڻِي آيو ھٿَن سين، جِئَرو رکِيو جِيُ؛
راتِ مُنھنجو رِيُ، ڪاٽِيو تو ڪُماچَ سين“.
4
”تانُ نہ آھي تَندُ جو، رُون رُون ڪري رازُ؛
ھڻَندَڙَ سَندا ھٿَڙا، سَڀِڪو چئي سازُ؛
سَٽَ ڏيئِي شَھبازُ، ٿِيُ، تہ ٿوڪُ پِرائِيين“.
5
”تَندُ تُمارِيءَ تانُ، ڪَھيو سو قَبُولُ پِيو؛
سِرُ تہ آھي سَٽَ ۾، پَرَ ٻِيو ڪِي مَڱِجِ دانُ؛
خاڪِ، مِٽِي ڪا بانُ، ڪاٽِيا پوءِ ڪُجُهہ نَھِين“.
6
”چارَڻَ! ٻولِجِ ڪِي ٻِيو، گُهرِيُءِ سو گهورِيان؛
گَهرُ، سورَٺِ نہ پَڙي، جان تَندُنِ بَرابَرِ تورِيان؛
ڳُجِهي آھمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري، تان اورِيان؛
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان؟ ڪِ، جاجِڪَ! جُسي سين ڏِيَنءِ؟
7
ٽيئِي پَرِچيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو، ڪنڌُ؛
”تَنھن جِھوئِي ناھِ ڪِي، جو تو، چارَڻَ! ڪَيو پَنڌُ؛
اِيُ شُڪُرُ اَلۡحَمۡدُ، جِئَن مَٿو گُهرِيوءِ مَڱڻا!“
8
ڪَنجهي ڪيرَتِ ڪِينَرو، واڄو وِلاتي؛
ھنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھن پارِسَ پيراتِي؛
ڏِسَنديئِي ڏِياچَ کي، ظاھرُ ٿِيو ذاتِي؛
ڪَڍِي تَنھِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرَٽُ ڪَپارَ ۾.
9
گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَڻِ ٿِيُون پِٽِينِ؛
سَھِسين سورَٺِ جَھڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ؛
چوٽا چارَڻَ ھٿَ ۾، سِرُ سِينگاريو ڏِينِ؛
ناريُون ناڏَ ڪَرِينِ: ”راڄا راتِ رَمَگيو!“
10
سورَٺِ مُئِي، سُکُ ٿِيو، خِيما ھنيا کَنگهارَ؛
ٿِيو راڳُ، رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ؛
سو ڍَٽين پَٽين پارَ، پسو! راڄا راضِي ٿِيو.

سر سورٺ پورو ٿيو