سر سريراڳ

داستان پھريون

1
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاھ مَ چَرُ؛
اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ تہ خالي نہ ٿئين.
2
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ رکِج چيتُ؛
سِڙهُ ڌُئاري صافُ ڪر، صابُڻَ ساڻ سُپيتُ؛
سامُونڊِي! سُچيتُ، ٿِيُ تہ پَھچِين پارَ کي.
3
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِ مَ چورُ؛
ڪَڍِي ڇَڏِ قَلبَ مان، ماري ڪُوڙو ڪورُ؛
هُنَ ڀَرِ سَندو هورُ، مٿان تو معافُ ٿئي.
4
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چيتاريج چِتُ؛
دائِما دُوربِيءَ ۾، پَسِين وِلاتُن وِتُ؛
نيھُ نيکاري نِتُ، مَلاحَ! گَڏ مُعۡلِمَ سين.
5
ڪايو ڪَمايومِ، موتِي مون نہ وَڻجِيا!
سِيھي جو سَيَدُ چئي، وَکَرُ وِهايومِ؛
هَھِڙو حالُ سندومِ، توهَ تُنھنجي اُبَھان!
6
ڪَچُ ڪَمايومِ ڪوڙُ، ڀَڳَمِ عَھدَ اَللهَ جا!
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، سو چوٽِيءَ تائين چُورُ!
مَعلومُ اَٿيئِي مُورُ، ڳُوڙها! اِنهي ڳالهہ جو.
7
ڪُوڙُ ڪَمايُءِ ڪَچُ، اُٿي اورِ اَللهَ سين؛
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، صاحِبَ وڻي سَچُ؛
مُحبتَ سندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ! ٻارجِ مَچُ؛
اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، تہ سَودو ٿِئيئِي سَفَرو.
8
لُڙَ، لَھِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نہ آبَ جو؛
الله! اُتِ مَ اولِئَين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ؛
جوکو ٿِئي مَ جَھازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ؛
لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غارِيبي غُرابَ کي!
9
سِڙهَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُھاڻا سندن مِيرَ؛
ساٿِي سَفَرِ هَليا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ؛
جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رَکِين ٻاجَهہ سين.
10
منجهان پيئي مَڪُڙِيءَ، ڪا جا پاڻِيءَ بُوند؛
سيئِي ڏِٺم رُوند، وَکَرُ جِن وِڃائِيو.

وائي

سَھسين شُڪرانا، ڪوڙِيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
حَمد چئج حڪيم کي، جورِ هڻِي جانا؛
تو ڏيکاري تو ڌڻِي، باطِنَ جا بانا؛
مَتان، مردَ! وسارئين، صاحبَ جو ثَنا؛
دوستُ رکِي دل ۾، پَڙهَ لالَنُ لِسانا؛
جَفا ڏيئِي جِيَ کي، ٿِيُ فِڪرَ منجهہ فَنا؛
تُسِي تو سين توهُ ڪري، مَنَ آگو اَحِسانا؛
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، ٻانَهپَ سين، ٻانا!
صاحبَ وڻي سَچَ سين، ٿِيُ دانھُ، دِيوانا!
جي تَسلِيمَ سين تَحقِيقُ هئا، سي ڪِئن اَمانا؟
جاڳيا جي جَبارَ لَءِ، سيئِي سَمانا؛
فَاذۡکُرُونِيۡ، اَذۡکُرۡکُمۡ، ڪَھِيو قُرآنا؛
وَاشۡکُرُوۡالِيۡ وَلَا تَکۡفُرُوۡنِ، ڪَڍُ تون ڪُفرانا؛
سَڀِ سَنوريا سُپِرينءَ، ڪُوَلَ تو ڪَنا؛
چَڱِي چئج چاهَ سين، مَدحَ اِيَ مَنا؛
تائِبَ ٿيو تَڪڙا، جوشا، جُوانا!
نہ لَھين تُون لَطِيفُ کان، اَمَنُ اِيمانا.

داستان ٻيو

1
جيڪِي منجِهہ جَھانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنھِنجي؛
لُطفَ جِي، لَطِيفُ چَئي، تو وٽ ڪَمِي ڪانَ؛
عَدُلَ ڇُٽان آئون نہ، ڪو ڦيرو ڪَج فَضُلَ جو!
2
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو؛
اُنِ جِيَ، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِٽِيءَ لڌو مانُ؛
ڪوڙين ڪَن سَلامُ، آڳَھِ اَچيو اُنِ جي.
3
سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ؛
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛
جي ماسو جُڙيئِي مالَ، تہ پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.
4
سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ سيويو جِنِ؛
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جُواهرنِ؛
لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لائُون مان لَھرنِ؛
ڪانهي قِيمتَ تِنِ، مُلهہ مَھانگو اُنِ جو.
5
سيوِيو جن سُبحانُ، وِيرِ نہ وِڙهي تن سين؛
توبَھَ جي تاثِيرَ سين، تَرِي ويا طوفانُ؛
ڏيئِي تَوَڪلَ تَڪِيو، آرُ لَنگِهيا آسانُ؛
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُن واهَرُو.
6
سارِي رات سُجانَ، سَودو ڪَن صاحبَ سين؛
ٻانهپَ ڀَري ٻيڙِيُون، هليا جوپَ جُوانَ؛
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي مَنجِهہ لَنگِهي ويا.
7
اِيَ گَتِ غَواصَنِ، جِئن سَمنڊُ سوجِهيائُون؛
پيھِي مَنجِهہ پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون؛
آڻي ڏنائُون، هيرو لال هَٿنِ سين.
8
آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏيا غَواصَنِ؛
جَهرِيُون جهاڳي آئِيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ؛
سمنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِيا.
9
ويا جي عَمِيقَ ڏي، مُنھن ڪائو ڏيئِي؛
تِن سِپُون سوجهي ڪَڍيُون، پاتاران پيھِي؛
پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيُنِ سين.
10
آڏو چِڪَڻُ چاڙُ، مُنھنجِي موجَ نہ سھي مَڪُڙِي؛
ميڙي مَٺاينِ جو، بيحَدِ چاڙهيمَ بارُ؛
چَوَڻَ چارو ناهِ ڪو، بَديُون بي شُمارُ؛
ڪَپرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِئين اِحسانَ سين.
11
ويرَ مَ لاهي ويھُ، مٿي آرَ اوڙاهَ جي؛
پَسِي پاڙي واريُون، ڪج اَنديشو ايھُ؛
ويندو نہ پَسِين ڏيھُ، پَتَڻِ هُن پارِ مَڻي؟
12
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي سِٽِي صاحِبُ؛
ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِيُ آگي جو عَجَبُ؛
اِيُ سائينءَ جو سَبَبُ، جِئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان.
13
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪري اَللهُ؛
پاڻهين وجهي ڪُنَ ۾، پاڻهين اُڪاري اوڙاهُ؛
تنھن واحدَ کي واهُ، جو سُتَڙِ سڀيئي ڪري.

وائي

ڪَنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمَنُ! اَمانَ!
يا اِلاهِي! ٻاجَهہ ٻِلاٽِي ڀانئِيان.
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناه ڪو، اَپَرِ ٿيا عِصيانَ؛
خَبرَ ناه قَبرَ جِي، نِسورا نِسيانَ؛
والِي! رَسج وَهِلو، اَرَکِ ٿيا اَنسانَ؛
سُڻُ سَٻاجها سُپرِين، نَعرو نِگهبانَ!
مَدِيُون پَسِي منھنجون، شَرِمايا شَيطانَ!
هِنَ منھنجي حالَ تي، هَيء هَيء ڪَن حَيوانَ!
سائِين! سُکاڻِي آهِئَين، سامُونڊِي، سُبحانَ!
تُرَهو ڇِنُم تارِ ۾، رَسِج تون رَحمانَ!
ٻيلِي جو ٻُڏنِ جو، مون تي موٽي مانَ؛
ويٺو پِني پِنَڻو، ڪَر ڀيرو مٿي ڀانَ؛
خالِقَ تان خوبُ ڪيا، گولَنِ جا گُذِرانَ؛
آئون پڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ؛
سَڀِ سُوالِي سَمِگيا، داتا ڏيئِي دانَ؛
وِلها سڀِ وَنھِيا ڪيا، تنھنجي جُودَ، جُوانَ؛
مَتان مُونکي ڇَڏِئين، ٻيلِي سندا ٻانَ!
وِيرَ! وَسِيلو آهِئين، داڙوُ ۾ دِيوانَ؛
لاءِ ڏُهارِينِ ڏِينھَن کي، خِيمو اَڏِيو خانَ؛
اُتي عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ!

داستان ٽيون

1
کُوها ڪالهہ کڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسَري؛
اَلا جُهري مَ اُنِ جي، اولي جي اَڻِي؛
وَڻجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِيين.
2
وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نہ ٿِئي؛
ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِئي نہ ضاءِ؛
سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَھِ جَنھنجي اُبَھِين.
3
اورِيائين آڻِينِ، ميڙيو مُعۡلِمَ خَبرُون؛
سا تان سُڌِ نہ ڏِينِ، جتي وَهُ ويڌَ ڪري.
4
ٻيڙِي پُراڻِي، وَکُرَ پاءِ مَ وِتَرو؛
تَري ۾ تُنَ پيا، پاسَنِئُون پاڻِي؛
هِيءِ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙھُ ڪالهوڻي ڏِينھَن کي.
5
تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي؛
کُوهو جُهرُ جهنو ٿيو، لاڄُو سَڀ لَڙياسِ؛
جيلان سَڌَرُ سکاڻياسِ، وَهي تي وَهَ سامهون.
6
ويٺو تُنَ تُنِينسِ، مَکِ ڏيھاڻِي مَڪُڙِي؛
سَنباهي، سَيَدُ چئي، مٿي نينڊوُءِ نِينسِ؛
وَٽائي وَڏاندَرا، لاڄُو لَڳائِينسِ؛
آخرِ اُهِرائِينسِ، تہ جوکو ٿِئي نہ جھازَ کي.
7
اَچِي سو ڏٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين؛
سُتي لوڪ لَطِيفُ چئي، يادِ نہ ذرو ڪيوءِ؛
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاهَ تي آندوءِ؛
سو ڇِتَرُ ڇُوهي کان رَکِين! جو پِيو پُراڻو پوءِ؛
جھازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرِتوءِ!
سَيَدُ! ساٿُ سندوءِ، پُرِ بَندَرِ پَھچائِين!
8
جُتو وانءُ جَھازَ! گَڏيو غُرابَنِ سين؛
پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻجِ سازَ؛
اَچنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُنڊَ جا.
9
دَنگِي وِچ درياهَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي؛
هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونھَڻَ سڀ سَڙيا؛
مُعۡلِمَ ماڳِ نہ اَڳِئين، فِرَنگِي مَنجهہ ڦِرِيا؛
مَلاحَ! تُنھنجِي مَڪُڙِيءَ، اچِي چورَ چڙهيا؛
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تُنھنجِي!
10
ٻيڙِياتا! ٻيئِي، تو نہ ڦَٻَنديُون ڳالَهڙِيُون؛
سَڄِيُون راتِيُون سُمِهين، ڀَرُ سُکاڻَ ڏيئِي؛
صُباحَ سَڀيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبرُون.
11
وَهَ تِکَ وَهَڪَرا، جِت لَنگَر نہ ٺَھِرَنِ؛
وڏاندَريُون وَهَ سامُهيُون، جَهجهي زورِ جُنبَنِ؛
نيڍوُءَ ۾ ناتارِيُون، وَڻِجارا وِجَهنِ؛
مُلان مُعۡلِمَنِ، مُون ڳَرِي سُئِي ڳالهڙِي.
12
وَڻِجارا! ويٺي، تو نہ سَرَندِي شاهَ ري؛
مَکِ پَنھنجِي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَر چيٺي؛
پاسا پاکَڙِينِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي؛
جي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وڙهندِي تِن سين.
13
ناکُئو نِگھبانُ، مُعۡلِمَ مُنجي خَبرُون؛
جِن ساري کَنيو سَمنڊَ تي، سَفَرَ جو سامانُ؛
لُطفَ ساڻ لَطِيفُ چَئي، تِن لَنگهيو طُوفانُ؛
سَنڀاري سُبۡحانُ، وڃِي عادَنِئُون اُکَتَا.
14
بَندَرِ جان ڀَئِي، تہ سُکاڻِيا مَ سُمهو؛
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي منجهہ مَھِي؛
ايڏو سُورُ سَھِي، ننڊ نہ ڪجي، ناکُئا!
15
سُتا سَڀِ پَئِي، سَندي مُعۡلِمَ آسري؛
اَئِين پڻ سُمهو، ناکُئا! بَندَرِ ناه ڀَئِي؛
جن جِي سَيدَ لَڄَ کَنئِي، سي سڀ لَنگهيندا لَڪيُون.

وائي

ساٿِينِ نَنڌا بارَ، وو! تن پانڌِينِ نَنڌا بارَ؛
توکي آرِسُ اَکَڙِيُنِ ۾!
پاتا پاڙيوارِيين، پَڳھَ منجِهہ پاتارَ؛
پَتڻُ ٿو پُورَ ڪري، آئِي تُنھنجڙِي وارَ؛
سَڄِيُون راتيُون سُمهِين، کِيو منجهہ خُمارَ؛
ڪِ تو ڪَنين نہ سُئِي، هَلڻَ جِي هاڪارَ؟
تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا، سَچِي اِيَ سَنڀارَ؛
نِنڊَ نہ ڪجي ايترِي، سُڻجِ اَدا يارَ!
سائينءَ مُڪين سَچَ کي، تون ڪُوڙو منجهہ قَطارَ؛
ڪِ تو ڪَنين نہ سُئِي، ڪَپَرَ جي ڪُوڪارَ؟
گِهڙان ٿِي رِءَ گَهڙي، اِلاهِي تُھارَ!
هو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِئان رَکُ سَتارَ!
ڪُلُّ نَفۡسٌ ذَائِقَةُ الۡـمَوۡتِ، پَڙهو اِيَ پَچارَ؛
شِڪارُ تون شَھبازَ جو، تون تان مَنجِهہ شِڪارَ!
يَوۡمَ يَفِرُّ الۡـمَرۡءُ مِنۡ اَخِيۡهِ، جِت ڀَڄَندا ڀارَ؛
تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچجِ تُون اوسارَ!
لَکَ مِڙيئِي لُٽِيا، هُنئَھِين ويا هَزارَ؛
ڏِنئہ جي اَللهَ کي، هُوندَ ٿِئين پَرِيين پارَ؛
جوٽَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُنِي تُنھنجي دارَ؛
جِيفو آهِ حَديثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ؛
وَٽِيءَ ڪين وِلَهنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهارَ؛
سا ڪِئَن هَلي تو سين، جا ڀَڳِي کان ڀَتارَ؟
جِيَڻُ جالَ نہ نِبَھي، سُڻجِ اِيَ سَنڀارَ؛
جِمَ وِسارِئين ويسِرا! ڀِتِيُن جِي ڀُلڪارَ.

داستان چوٿون

1
سَڀيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حوالي ڪَمَ؛
ٿِيُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ؛
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصَل ڪري حاجَ تو.
2
چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، مَٺايُون مَٺَنِ؛
جو وَڙُ جُڙي جِن سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.
3
مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُھِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ؛
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.
4
وِتُ وِيمي جو جي لَھِين، تہ ٻِي ڪارِ نہ ڪَرِئين ڪا؛
سا پَرُوڙِج ڳالهڙِي، وَڻجارَنِ وٽان؛
موتِي جِن هَٿان، آندَءِ گهڻي اَدَبَ سين.
5
اَمُلَ آڇِ مَ اُنِ کي، جي نہ پَرُوڙِينِ مَٽِ؛
جِتِ گَڏِجيئِي جوهَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ؛
جنِين سونَ سين سَٽِ، تِن هَڻِي رِيُ رَدِ ڪيو.
6
سونا! وانءُ صَرافَ سِيئَن، لَڏو لاهِ مَ لَڏِ؛
سودو سوئِي ڇَڏِ، جَنھن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِي.
7
جُھ صَرافَنِ لَڏِيو، تہ تُون پڻ لَڏِجِ، سونَ!
قَدُرُ لَھَندُءِ ڪونَ، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏُونءَ سين.
8
اَگِهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي!
پَلَيءِ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران!
9
ويا سي وِينجهارَ! هِيرو لال وِنڌِينِ جي؛
تِنِين سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نہ سارَ؛
ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُھارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻِيين.
10
وڃن مَ وِينجهارَ! پاڻِيَٺَ جي پَرَکَڻا؛
ڪَنۡيَرُ پايو اَکئين، لَھَنِ سَڀَڪَنھِن سارَ؛
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدرُ مَنجِهہ ڪِنارَ؛
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!
11
ماڻِڪُ، مُنڌَ هَٿان، پيتِيءَ ۾ پُرزا ٿيو!
سَڄو تان، سَيَدُ چئي، لَھي لَکُ سَوا؛
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمان پَري ٿيو.
12
جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو؛
سَنئون تِن سُڀاڳُ، اَمُلُ جن اوباهِيو.
13
چورُ اُڀو اِئن چوءِ، تہ آئون اُهوئِي آهيان؛
جي اَسِي اَکِيُنِ هوءِ، نہ لِڪي کي ڪونہ لَھي.

وائي

جاڳو، يارا! جيڏِيُون! پاڻُ پَرَنِجي؛
جاڳو جوشان، جيڏِيُون! پاڻُ پَرَنِجي.
هَلَندي حَبِيبَن ڏي، ويلو وِچِ نہ ڪجي؛
مَٿان اُهِسَ اُسِرِي، پَتنگَ جِئَن پَئِجي؛
عَرضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي؛
ڪري نِيازُ نِڪَڻو، واحِدَ ڏي وَرجي؛
آهي مَوتُ مِڙَن تي، گوڙِيُون ڪيو گَجي؛
اَجَلُ ايندُءِ اوچتو، جو سَدا ٿو سڄي؛
اَڳيان اُونداهيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪجي؛
کَڻُ تون قُوتُ قَبَرَ جو، گهڻو ٿو گُهرجي؛
آگو عيبَ اوهانجا، ڍَڪيا ڳُجَهہ ٻُجهي؛
جيڪِي وَهي وُجُودَ ۾، صاحبُ سو سَمجهي؛
ڊِڄِي ڊاءِ ڌَڻِيءَ جي، جيڪو ڀَيءِ ڀَڄي؛
اَمَنُ آهي اُن کي، جو مَنجهہ اَلله اَجهي.

داستان پنجون

1
لَھرِيُن ليکو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا؛
آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا؛
اُٿِي اَسارا! وِيرِ وِڙَهنديءِ ويسِرا!
2
ڪالهہ وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَھازَ؛
تُنھنجِي اَڄُ تَرازَ، آهي آرَ اَکِيُنِ ۾.
3
مُلاحِظو مَھراڻَ جو، مُورِ مَ لاهِ مَناءُ؛
سامُونڊِي! سَنڀالِ ڪِي! سُمَهڻَ آيُءِ ساءُ؛
جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ تَرازَ کي.
4
تاري وانءُ تَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ، مَلاحَ!
دانھُون ڪَنِ درياهَ جون، اُونهي جا آگاهَ؛
سُونھَنِ جي صَلاحَ، وَٺُ تہ وِيرِ لَنگهي وَڃِين.
5
سُونھان سَڌِيون ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَ جون؛
ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ؛
عِجِزَ جي اَڌَ راتِ کي، وَکرُ وِهائِين؛
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنهِي سِيرَ مان.
6
قَرڦُلَ ڦوٽا، پارچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون؛
ڪوٺيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون؛
لاڄُنِ مَنجهہ، لَطِيفُ چئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون؛
نَذرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَهندي چَيائُون؛
جي ڇُوهي ڇوڙيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ سين!
7
وِچينءَ جان ويھِي، جَرَ پَلؤ پائِيان؛
”تَڙِ ٻيڙا! گَهرِ سُپِرِين!“ اُوسَھِ اِيَ پيئِي؛
جِئن وَڻِجارو سين وَکَرين، سَرَها سَڀيئِي؛
حُرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُونگِيا نہ سيئِي؛
پاڻهين اُوُءِ پيھِي، کَنڊَ کيڙائُو آئِيا.

داستان ڇھون

1
تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنھنجو تُرَهو؛
اُونهي ۾ آڻي، ڪو نہ ڏيندُءِ ڪو ٻيو!
2
ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِهِين ويسِرو!
هَڪِيو هوئجِ هوشيارُ، کِنوڻِ کِنوندَيءِ اوچتي.
3
کِنوڻِ کِنوايو، آيَءِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي!
جِنِين نہ ڀَؤ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تِن کي.
4
سامُونڊِي! ٿو سَنبَھِين، ساڄو جَهلِ سُکاڻُ؛
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھراڻُ؛
جِنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تِنِ کي.
5
نَڪو سُک نَکَٽين، نہ ويساندِ نَئين؛
جيڪا اَچيئِي سامُھِين، ڀانئَيِن سا سَنئين!
مُوڙِي ڪوه مَئين؟ جِئن سَڄيُون راتِيُون سمهين!
6
اَهُکِي راهَ اَللهَ جِي، اَهُکِي، اَهُکِيءَ ڀَتِ؛
هُوءِ جي ڏيھائِي ڏيھَ جا، تن پڻ مُوڙهي مَتِ؛
آڇاڙانِ اُبَتِ، گِهڙِجِ گهاٽي نِينھَن سين.
7
تَنَ ۾ تَرازَ توهَ جِي، گَهڻو لَھُ گهوري؛
اَدَبَ ۽ اِخِلاص جا، سِڙهَ ٻَڌجِ سوري؛
وَکرَ وينَتِيُن جو، تنھن ۾ پائج توري؛
ته عادَنِئُون اوري، تُنھنجو تَوائِي نہ ٿِئي.
8
سمنڊُ جي سيوِين، تِنِين ماڻڪَ ميڙيا؛
ڇِلرَ جي چوئِين، تِن سانکوٽا ۽ سُتيون.

سر سريراڳ پورو ٿيو