سر سامونڊي

داستان پھريون

1
پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
وجِهي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي.
2
پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي.
3
پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
تون ويسِرِي وِکَ کَڻِين، هو پُورِيندا پَرَڏيھُ؛
سَمُنڊُ جِن ساڻيھُ، ڪوهُ نہ ويئِينءَ تِن سين؟
4
نَنگَرَئُون نيڻين، مَنُ اولِيءَ نہ اوهِري؛
سَٻاجهين سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳِھِيو هِنئون.
5
سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هَليا!
رُئان رَهنِ نہ سُپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟
مُونکي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهِري!
6
نہ سي تڙِ هوڙاڪَ، نہ وايُون وَڻِجارَنِ جُون!
سَرتيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پِڻُ چِڪِيَمِ چاڪَ؛
مارِينِمِ فِراقَ، پاڙيچيُون پِريُنِ جا.
7
وِيا اوهِرِي اوءِ، مُونکي ڇڏي ماڳَهِين؛
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نہ موٽيو ڪوءِ!
گُوندَرُ ماريندوءِ، ويچارِي! وِيَنِ جو.
8
اُونهي ۾ اوهِرِي، جڏهن ويا جي؛
موٽِي ماڳِ نہ آئِيا، ماءِ! سامُونڊِي سي؛
کارو تنِين کي، جيڪُسِ وَهُ ورِي ويو!
9
اُهِرِيا جِئائِين، ڍُڪَنِ تِن تَڙائيين!
سامُونڊينِ، سائِين! واءُ سَڻائو وارِئين!
10
سامُونڊِيَڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون؛
انگنِ چاڙهي اَنگُ، ويو وَڻِجارو اوهِرِي!
11
وڃيئِي وِسرِي شال! جو تو سودو سِکِيو؛
اَڃا آئين ڪالَ، پڻ ٿو سَفَرِ سَنبھِين!
12
ڳِرِيو جَهليو روءِ، مَٿي مُھُري هَٿڙا؛
کوءِ! سودو سَندوءِ، جو تون، ڍوليا! سِکِيو.
13
اُلوڙَڻَ نہ ڏِئي، وَرُ وِڌائين وَنجَهہ کي؛
رَهُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَنَ! مُون لائي؛
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ، سُپرِين!
14
جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ؛ جئن مون بِيٺي هُن ٿيلِيو؛
سعيو سامُونڊِيُن سين، اَڳهِين تان نہ ڪَيوم؛
وِجَهڻُ مَنجِهہ هُئومِ، پاڻُ وراڪي رَسِ سين.
15
ٻيڙِيءَ جي ڀُڻَنِ، نِينھُن نہ ڪَجي تِن سين؛
اُڀيُون ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُھ سِڙهُ ڏيئِي سِيرَ ٿيا.
16
هِنئَڙو ٻيڙِيءَ جان، ڏُتَڙِ پئي ڏينھن ٿيا!
پُڇيو تان نہ پِريان، ڪَرَلاهُو ٿِي ڪڏهين.
17
سَرَ نِسرِيا پاندَ، اُتَرَ لڳا، آءُ پِرِين!
مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَھِسين سُکائُون ڪَيون.
18
جيڪر اَچي هاڻِ، تہ ڪريان رُوحَ رُچَندِيُون؛
آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، هوندَ ڳَرِ لڳِي ڳالهيون ڪَريان.
19
آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، اَچي تہ جهيڙِيان؛
لايَءِ ڏِينھن گهڻا، مون سين ڪَيَءِ ٿورڙا.
20
لاهِيندا ئي ڪَنِ، ڳالهيُون هَلَڻَ سَندِيُون؛
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَهَ وِجهندا جِندڙو!
21
مونکي جِياريو، پِرِيُنِ جي ڳالهہ ڪري؛
ڊَٺو اَڄُ اَڏِيو، هِنئڙو ڪوٽَ بُرجَ جئن.
22
چِمڪيون چَوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچنِ جُون؛
ماءِ! سامُونڊِي آئيا، سَھسين ڪَري سِينگارَ؛
اُنِين جي پَچارَ، ڪالهونڪَرَ ڪانگُ ڪَري.

وائي

آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟ منھنجو نِينھُن اَپليو نہ رهي.
ويو وَڻِجارو اوهِرِي، مونکي چاڙهي چِيئَن؛
سامُونڊين جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھن؛
اُڏوهِيءَ جئَن ڏُکَڙا، چَڙهيا چوٽيءَ سِيئَن؛
گُوندَرَ مٿان جِندڙِي، وَريا وَليُن جِيئَن؛
مادَر! پائي مُنڊِيُون، وڃان هادِيءَ سِيئَن.

داستان ٻيو

1
اَڄُ پڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جُون؛
هَلڻَ هارا سُپِرِين، رُئان تان نہ رَهَنِ؛
آئون جَهلِيندِي ڪيترو؟ آيَلِ! سامُونڊين؛
پَڳَھَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.

2
لاهِيان جي نہ چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسران!
مَڙِهيو مَنجهاران، جِيُ مُنھنجو جن سين.
3
تَڙين تَنوارِينِ، ماءِ! سامُونڊِي آئِيا؛
مونکي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جون.
4
لَڳي اُتَرَ اوهِريا، واهُوندي وَرَنِ؛
آئون گهڻو ئِي گهورِيان، سؤدو سامُونڊِيَن؛
اَڱَڻِ جن اَچَنِ، عِيدَ وَرتِي اُنِ کي.
5
اَڱَڻِ آئِيا جان، تہ سَرَتِيُون مون سُکَ ٿيا؛
اَمُلَ پِرِينءَ مٿان، ٻَرڪِيو ٻين ڏيان.
6
سِڙهَ ٿي سِبيائُون، بَندَرَ جَن تَڙنِ تي؛
سِڙهَ سِبِي ساڄا ڪري، کُوها کَنيائُون؛
بيرَقُون بحرنِ ۾، ڇوڙي ڇَڏيائُون؛
لَھريُون لَنگهيائُون، لُطف سان لَطِيفُ چَئي.
7
سِڙهَ ٿي سِبيائُون، بَندَرَ جِن تَڙنِ تي؛
مُلان مُعلِمَ خبرون، پُڇِي پُوريائُون؛
سُتَڙُ سوٺِيائُون، اَوَتَڙِ ڪنھن نہ اولِيا.
8
بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلهہ نہ مِلي وارِئين؛
فَقِيراڻي ويسِ، اَمُلَ ڏِيَن اَتوريا.
9
اُڀيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻجارنِ جون؛
آڻيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي، سمُونڊ کي.
10
جَرَ ٿَڙَ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون؛
اَلا! ڪانڌُ اچي، آسائتِي آهيان!
11
جا جَرَ جاٽُون نہ ڏِئي، ڏِيا نہ موهي؛
سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پنھنجي ڪانڌَ جون؟

داستان ٽيون

1
پُران، مانَ پُڄان؛ بَندَرَ مون ڏُورِ ٿِيا؛
نہ مُون هَڙَ نہ هَنجَ ڪِي، جو آئون چَئِي چَڙهان؛
اِيھين ڪَجِ، پاتِڻِي! جنھن پَرِ پِرِينءَ مِڙان؛
ڪارُون تي ڪَريان، تو دَرِ اُڀِي، ناکُئا!
2
هَڙَ ۾ ڪِينَ هُئونِ، هُنئِين هُنِ نہ چاڙهيا؛
سارو ڏِينهُن سمنڊَ تي، لھِي سِجُ وِيونِ؛
جڏهين سائينءَ سَببُ ڪَيونِ، تڏهن سُتَڙِ ٿيا سَيَدُ چئي.
3
اسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِهيا؛
مُنھُن ڏيئِي مُون آئِيا، سَمهان سِيارا؛
اُڀِرَنِ سيِڪارا، پَسو وَرَ ٻين جا.
4
مون اُڀي تَڙَ هيٺِ، پِريُنِ پَڳَھَ ڇوڙِيا؛
ڪا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گهڻو.
5
مون اُڀي تَڙ پاسِ، پِريُنِ پَڳَھَ ڇوڙِيا؛
هو اَلله هارَ اُهِرِيا، آئون دَمِ دَمِ دُعا ڪَندياس؛
آهَ نہ لاهِيندياس، موٽِي ايندا مان ڳَري.
6
کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
سَودو ڪَنِ نہ سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
موتِي جي مَھراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
7
لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَيء لَنڪا جي اوهِرِيا؛
سُڻِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نہ سامُونڊيُنِ؛
پِرِهَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ؛
وَڏي ڀاڳ ڀِڙنِ، جي ڪَھيا ڪارُونڀار ڏي.
8
وَڻجارنِ ورِي، پِرِهَ پَڳَھَ ڇوڙِيا؛
اولِيُون پَسِي اُنِ جون، پِيَڙَمِ ڳَچَ ڳَرِي؛
وينديسِ، ماءِ! مَرِي، ساري سامُونڊيُنِ کي.
9
وَڻجاري جِي ماءِ، وَڻجارو نہ پَلِئين؟
آيو ٻارهين ماهِ، پڻ ٿو سَفَرِ سَنبَھي!
10
وَڻجاري ڪانڌاءِ، مُون وَرُ ويٺي گهارِيو!
لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولِيو هَلڻَ جون ڪري.
11
جي تون وَڻجارو ڪانڌُ، تہ مُون هَڏِ مَ لائون لَڌيُون!
پَرَ ڏيھَ مٿي سانگُ، اَٺئِي پَھرَ جنھن ڪيو.
12
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊيُنِ سِڙهَ سَنباهِيا؛
وِجهيو وَرُ ونجَهہ کي، روئي وَڻجارِي؛
مارِيندَءِ مارِي! پِرِهَ سُورَ پِريُنِ جا.

سر سامونڊي پورو ٿيو