سر رپ

داستان پھريون

1
گُوندَرَ ڪَيو غَرَقُ، ماءُ! مُنھِنجو ڄِندُڙو؛
ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳرَ پَنڌڙَو.
2
گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙِيَمِ سَڄَڻين؛
مادَرِ! مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِينءَ جي.
3
گُوندَرَ ھَٿَ نہ پيرَ، وِرِھ مَنجِهينِ وَھَڻو؛
ڪُڙھ ۾ قطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ؛
مُون جِئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪِلي رِءِ سَڄَڻين؟
4
اُٺي جِئَن مورَنِ، اوڀَرَ وَلَهارَنِ ۾؛
سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُھ ڦوڙائو سَڄَڻين.
5
ڳَرَنِ ۾ ڳَرَھيج، روئي ڪَجِ مَ پَڌِرا؛
تان سُوراڻي سَھيجِ، جان لا ھِيندَڙُ ڪو لَھين.
6
ڳُرَ ۾، ڳُجهو روءُ، پَڌَر وِجُهہ مَ پَرِينءَ ري؛
سُورَنِ سُڀَرُ ھوءُ، ھِنئَڙا! ڪُمَ ڪَڻَنِ جِئَن.
7
جاءِ نہ سَڄو ڏِينھُن، ھِنئَڙو اوٺي وَڳَ جِئَن؛
مُون پِرِيان سين نِينھُن، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ نہ ڪَيو.
8
پَلَ پَلَ ۾ پَلِيانسِ، پَلُ نہ رَھي پِرِينءَ ري؛
جِئَن جهوريءَ کان جَهلِيانسِ، جِهڄِيو تِئَن جهوريءَ پَوي.
9
ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَنئُون نہ لَھي؛
اَڄُ مُنھنجي چِتَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ؛
آءُ سَڄڻ! لَھُ سارَ، وِرِھَ ويڙھِي آھِيان.
10
مُون مَنجهيئي مِينھُن ڪوھ ڪَرِيندِيَسِ ڪَڪَرين؟
سَرَلو سارو ڏِينھُن، مُون پِرِيان جو نہ لَھي.
11
جُھ سي سَنڀِرِ جَنِ، سَھ تنين سين اورِيان؛
لُئَن لُئَن ھيٺِ وَڄَنِ، رَڳُون رَبابَنِ جِئَن.
12
چَتُرُ رَھي نہ چِتُ، ويڻين واڳِيو نہ رَھي؛
رَئيءَ لَٽِجي نِتُ، ھِنئَڙو واٽَ وِرِکَ جئَن.
13
چوري چوري چِتُ، جان نَئينءَ وِھاڻِيءَ نِڪِران؛
نِينھُن گُهرائي نِتُ، پِريان سَندي پيرَ ۾.
14
چيتارِيان چُڻِڪَنِ، وِسارِيان نہ وِسِري؛
ويرو تارَ ڏکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي ھَڏَ جِئَن.
15
چيتاري چَونَدِياسِ، ڳالِهيُون سَڀوئي سَڄَڻين؛
جُھ مُقابِلِ ٿِياسِ، تہ سَڀِ وَڃَنِمِ وِسِري.

داستان ٻيو

1
سَڄَڻَ سان نہ ڀيٽَ، ڳُجُهہ ڳَرھِيان ڪِنِ سين؛
ڳالِهيُون اِنھيءَ ريٽَ، سَلا ٻَڌي مورِيُون.
2
ڳالِهيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌي وَڻَ ٿِيوُن؛
پَرَ سين مُون نہ ڪَيُون، گوشي پِرِين نہ گَڏِيا.
3
گَونِي ۽ گُونِي، پِرِين پَٽائين گَجَ جِئن؛
جي مَنَ مجُوني، سي ڪِئَن وَڃَنِ وِسِرِي؟
4
اَندَرِ اَندَرِيُون، جِئَن سي وانجِهيءَ لَٺِ ۾؛
مُون تَنَ تيترِيُون، تہ ”ڪِئَن مِلِبو سَڄَڻين؟“
5
جِئَن سي کُوھِيءَ نارَ، وَھَنِ واريءَ گاڏُئان؛
ھِنئَڙو پِرِيان ڌارَ، نِبيرِيانسِ نہ نِبِري.
6
سَٻَرُ سِيُ پِيو، نہ مُون سَوَڙِ، نہ گَبرو؛
نہ مُون ڪانڌُ، نہ قُوتُ ڪي، جوڀَنُ وَھِي وِيو؛
تنِين حالُ ڪِھو، نِڌَرَ جنِين نجُهرا؟
7
اُتَرُ اوتُون ڏي، نہ مُون سَوَڙِ نہ گَبرو؛
سِيُ سارِينديُون سي، جنِين نِڌَرَ نجُهرا؟
8
اُتَرُ ڏِني اوتَ، نہ مُون سَوَڙِ، نہ گَبرو؛
چارَئي چُنِيءَ پوتَ، مُون ريڙھِيندي راتِ گَئِي.
9
نِينھُن نھِائِينءَ جان، ڍَڪِيو ڪوھ نہ ڍڪِئين؟
ڄَرَ ڄَيري ڇَڏي، تہ ڪِئن پَچَندا ٿانءَ؟
سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالَهڙِي.
10
نِينھُن نِھائِينءَ جِئَن، ڍَڪِيو ڪوھ نہ ڍَڪئِين؟
ڄَرَ ڄيري ڇَڏي، تہ رَڇَ پَچَندا ڪِئَن؟
تُون پڻ ڪَريج تِئَن، جِئَن ڪنڀارَڪَرِن ڪَمَ سين.
11
نھِائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين!
سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نہ نِڪري.
12
نيڻَ نِھائِين جان، سُتي لوڪَ ڍَڪِيان؛
اُجهامِيو ٻَران، توکي سارِيو سُپِرِين!
13
ڪي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽيءَ پائي مَنِيو؛
تَنھن مان تِرَ جيتِري، جي پَئي خَبَرَ کرَنِ؛
ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي!

سر رپ پورو ٿيو