سر بلاول

داستان پھريون

1
وِسَھُہ اِنهين ويڻَ کي، جِئَن دَعوَتَ ڪِي داتا؛
مَضۡمَضَہۡ واتا، وِجُهہ تہ ڏيئِي واتَ ۾.
2
پيُ مَ طَھُورا، وانءُ اورانگهي اورِيان؛
وِچان جي وِصالَ کي، سي سَڀِ اُجُورا؛
حاصُلُ حُضُورا، سَمي جي سَڀِ ٿِئي.
3
سَما! تو سِرَ ڇَٽُ، ناتَ پاڳارا پُرۡسَ ٻِيا؛
ڳَھَڻَ! تُنھِنجي ڳَڃَڙي، اچي جالَ جَڳٽُ؛
جِنِ جيھا ئِي پَٽُ، تِنِ تيھا ئِي بِکِيا.
4
سمو تِنِ سَڏَ ڪري، جِنِ تي وڏو ويرُ؛
اُٿي تہ آجِي ٿِيان، پائي پاکوڙي پيرُ؛
تو رِءَ ٻِيو ڪيرُ، سَرَڻِيُنِ جا سوٺا سَھي.
5
سَرَڻِيُنِ جا سوٺا سَھي، وَسِيلو وِلَهنِ؛
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئي، اَڳِيان لالُ لَکَنِ؛
جِتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇَنِ، اُتِ پاٻوھي پَڌِرو.
6
تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِھارِجِ سَڀَرو؛
ڏِيندُءِ لَکَ، لَطِيفُ چَئي، راڄَ راھوءَ جي رَسُ؛
وِلَها جنھن وَنھِيا ڪَيا، پاڳَ تَنھِنجِي پَسُ؛
ڪوڙين لاھي ڪَسُ، جي ڳالهائي ڳاٽُ کڻي.
7
علاؤالدِينُ آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ؛
ڪَنھِين ڪِينَ ھمَٿِيو، ڪانَ جَهلِيندو ڪيرُ؟
سُومِرينِ سامَ کَنئِي، اَبڙي ڪَيو اُٺَ پيرُ؛
ھو مُھانئِين مِيرُ، پر مَسِتُوراتِنِ مارِيو.
8
سَرَڻِيُنِ جي سُکَ لَءِ، سامَ کَنئِي سَردارَ؛
جي آيوُن اَبڙي جي آڌارَ، سي سُونگ نہ ڏِيندِيُون سُومِرِيُون.
9
ٻِيَنِ مِڙَنِي ڏِنيُون، ڏِئي نہ ڏُونگَرَ راءُ؛
اَڻَ ڏِٺِيُنِ آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏِئي ڪِئاءُ؛
لورِيُون لَکَ مَٿاءُ، اُنَ مَٿيري موٽائِيُون.
10
اَبڙو اَڳاھنِ ۾، ڀَرَ جَهلو ڀارِي؛
سَمي سُوالِيُنِ کي، ويلهہ وسارِي؛
مَنَھَن مُنِي جَکرو، طامائُنِ تارِي؛
پُڇي سي پارِي، جي عاجِزَ اَجورَنِ ۾.
11
ابڙو اَڳاھنِ ۾، سَڀَرُ جِئَن ٻيلي؛
سي پَٽَ ڪَنھِن نہ پُورِيا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي؛
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَنءَ جِئَن، رُڄُون ٿو ريلي؛
اَچَنِ جي ويلي، تِنِ بورَ بَخِشي ڀِٽَ ڌَڻِي.
12
اَبڙو وَڏ َوَڙو، سُوَڙو، سَمو، سُونھَن سَڀَنِ؛
تَنھِن دَرِ سَڀ اَچَنِ، ڪَنڌُ نہ ڪَڍي ڪَڇَ ڌَڻِي.

داستان ٻيو

1
جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پيدا ڪَيو؛
ڪيھَرَ جِئَن ڪَرُ کڻي، مُڇُون مَلُهہ موڙي؛
سَمُونڊَ جِئن سِيرَ ڪَيو، ٿو ٻارِ جِئَن ٻوڙي؛
گهوٽُ چَڙھيو گهوڙي، پيچِيُنِ لائي پيچِرا.
2
جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنِيرا؛
جِيائِين جُڙيو جَکِرو، تِيائِين نہ ٻِيا؛
مِٽِي تَنھن ماڳا، اَصُلُ ھئِي ايتِرِي.
3
ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نہ ٻِيا چَڙھنِ؛
تہ ڪي کُوھَ کَڄَنِ، جُھ سَرُ لَڀي سَڀَرو؟
4
ھٿان جادَمَ جَکِري، وِٿِي وِچِ مَ پوءِ؛
پِي پِي سو پُرِ ٿِيو، جو حاتِمَ پاسي ھوءِ؛
ڪَيف ڌاران ڪوءِ، جِئي ڪو مَ جَھانَ ۾.
5
ھٿان جادَمَ جَکِري، وِٿِي پوءِ مَ وِچُ؛
”اچو! آيا نِچُ!“ سَمي وائِي واتَ ۾.
6
جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَ ڏيھَہ ۾؛
مُھَڙُ مِڙَني مُرۡسَلِين، سَرسُ سَندسِ شانُ؛
”فَکَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ اَوۡ اَدۡنَىٰ“، اِيُ مُيسَرُ ٿِيُسِ مَڪانُ؛
اِيُ آگي جو اِحۡسانُ، جَنھِن ھادِي ميڙِيُمِ ھھِڙو.

داستان ٽيون

1
ڪوھ نہ جُھارِئين جَکِرو، جنھن ڏيھَہ ڍيا ڏيئي؟
جي لُڏِيا ٿِي لِينگُهن ۾، شالُن ۾ سيئِي؛
سَمي سَڀيئِي، طاماعُو تارِ ڪيا.
2
اَلا! جُنگَ جِيَنِ، جنِين اَجهي گهارِيان؛
شالَ مَ سُڪي ويئَرِي، جِئان پِيَ پِيَنِ؛
مَرَڪَڻَ! اَکَڙِيَنِ، تو ڏِٺي مُون سُکُ ٿِئي.
3
اِيندي لَٿِي اُڃَ، پيرَ پيرِيندي ٺَرِيا؛
مَنجِهہ ويئَرِيءَ سُڃَ، ڪَرَ لڌِي رِڻُ اُڪارِيين.
4
تُون اوڍَرُ، تُون اوڍَڪو، تُون اجهو، تُون اَڳُ؛
ھتِ پِڻُ تُنھِنجو تَڪِيو، مَھَندِ پِڻُ تُونھِين ماڳُ؛
سي لورِيُون ڏِيَنِ نہ لاڳُ، جي اَجهي آيُون اَبِڙي.
5
پَسَنديئِي پُرِ ٿِيا، جَکِرو ئي جاجِڪَ؛
تِئان ڏِنِي مَڱَڻي، طَھُورا جِي تِڪَ؛
سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، واصِلُ ٿِيا وِصالَ ۾.
6
جي اُڌَمِيو اَڄُ، تہ وَسندو سونَ سَنگُ؛
جالَ ڍَئِيندو جُنگُ، جَڳُ ڍَئِيندو جَکِرو.

داستان چوٿون

1
وَڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسَنِ ڪينَ وِڌوسِ؛
گَندِي، مانِي، ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِيوسِ.
2
وَڳَندُ وري آئِيو، پينارَنِئُون پوءِ؛
مُحڪَمَ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نہ ڏِنُسِ جوءِ؛
ويٺو اِئين چوءِ، تہ پِيران پاسي نہ ٿِيان.
3
اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آھ وڳَندُ؛
ھڏِ نہ ڇَڏِيندو ھنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَھارَ جِي.
4
اَسُورَ سَندو آسِرو، وَڳَندَ کي وَڏو؛
جُسي ۾ جَڏو، پر کِيَڻَ تي کُڙا کڻي.
5
وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ؛
خاوَندَ! ڏي خُوشبُوءِ، تہ سُرھو ٿِيان سُپِرِين!
6
وَڳَندُ ورِي آئِيو، ڪِنو ٿِي ڪوجهو؛
ڇَڏي نہ موزو، لَڳُسِ آرُ عَطارَ سين.
7
داتا سَندي دَرَ تي، وَڳَندُ ويٺو پَسُ!
تَنھِن روڳِيءَ کي رَسُ، جو آلوُدو آزارَ سين.
8
وَڳَندُ ورِي آئِيو، نِسورو ئِي نَرَڳُ؛
گَندا گُلابِي ڪَري، سَيَدَ جو سَرَڳُ؛
عَطُرَ سين اورَڳُ، تہ ھئين سَدائِين سُرَھو.
9
وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو بي نِمازُ؛
جِئَن تِتِرَ مٿي بازُ، وَڳَندُ تِئَن سُرھاڻِ تي.
10
وَڳَندُ ورِي آئِيو، ڪوٽِڙِيان ڪُلاٽُ؛
سَندو ڪِرِڙَ ڪاٺُ، ھڻُ نَرڳِيءَ کي نِڪَڻين.

سر بلاول پورو ٿيو