سچل سائين جو سنڌي ڪلام

شاه سائين جي رسالي جي انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي اشاعت کانپوءِ مون تي اها مهر ٿي جو سچل سائين جي سنڌي ڪلام جي ساڳي طرح سان اشاعت جي سعادت به منهنجي نصيب ۾ آئي. 14 رمضان المبارڪ تي سچل سائين جي عرس جي مبارڪ موقعي تي مان هي سوکڙي سنڌواسين جي آڏو پيش ڪيان ٿو. هن سلسلي ۾ مان شاه نواز سومري ۽ محمد حبيب سنائي جو ٿورائتو آهيان جن جي محنت سان ڪيل ٽيڪسٽ اينٽري کان بنان منهنجي ڪوشش اڌوري رهي ها.

دعائن جو طالب
عبدالماجد ڀرڳڙي

22 نومبر 2005

majidbhurgri@yahoo.com

سچل جو سنڌي ڪلام