قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمون

شاه سائين جي رسالي ۽ سچل سائين جي سنڌي ڪلام جي انٽرينٽ تي اشاعت کان پوءِ، ڌڻي پاڪ جي مهرباني سان قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي اشاعت نصيب ۾ آئي ۽ اهو حاضر خدمت آهي.

بهترين کان بهترين ترجمون به ترجمي ڪندڙ جي قرآن ڪريم جي هڪ سمجھاڻي کان وڌيڪ حيثيت ڪونه ٿو رکي. قرآن پاڪ، جيڪو علم ۽ دانش جو اڻ کٽ سمنڊ آهي، تنهنجي گهرائي ۽ وسعت جو احاطو ڪو به ترجمون ڪري نه ٿو سگھي. ترجمي جي مطالعي دوران انهي حقيقت کان ڪنهن به لحظي غافل نه ٿئجي ۽ ترجمي کي قرآن پاڪ جي مطالعي يا پڙهڻ جو نعم البدل ڪڏهن به نه ڪري ڄاڻجي.

اسان سنڌي سمجھاڻي لاءِ حضرت تاج محمود امروٽي صاحب جو ڪيل سنڌي ترجمون چونڊيو آهي جنهن جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي مستند ترجمن ۾ ڪيو ويندو آهي.

هن نيڪ ڪم ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي سڄڻ شاه نواز سومرو رهيو جنهن سموري ٽيڪسٽ اينٽري پاڻ اڪيلي سر ڪئي. ڌڻي پاڪ کيس ان ڪار خير جو اجر عظيم ڏيندو. آمين.

دعائن جو طالب
عبدالماجد ڀرڳڙي

12 جنوري 2009

majidbhurgri@yahoo.com

قرآن پاڪ جو ترجمون