پھريون سنڌي آپريٽنگ سسٽم

محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب اوپن سورس (Open Source) آپريٽنگ سسٽم لنِڪس (LINUX) جي سنڌي ۾ ترجمي لاءِ هڪ ٽيم تشڪيل ڏئي، دنيا جي پھرئين سنڌي ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم جوڙڻ جي ابتدا ڪئي آهي، جيڪو ڪم ڪافي اڳتي وڌيو آهي. هي تقريباً سڄي جو سڄو سنڌيءَ ۾ هوندو ۽ اميد ڪري سگهجي ٿي تہ ان جي اچڻ کانپوءِ اهڙا ماڻھو جيڪي انگريزي نٿا ڄاڻن سي پڻ ان قابل ٿي ويندا تہ هو پنھنجي (سنڌي) ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽر کي استعمال ڪن مطلب تہ اهڙا فرد جيڪي فقط سنڌي پڙهڻ جي اهليت رکندا انھن لاءِ هي نظام ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيندو.

مستقبل جون تقاضائون: هن وقت ضرورت اها آهي تہ سنڌي ٻولي جا ادارا سنڌي ڪمپيوٽنگ سيڪشن ٺاهين جنھن جي سربراهي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جھڙي لاڳاپيل علم رکندڙ شخص کي سونپي وڃي تہ جيئن اسين يونيڪوڊ ڪنسورشيم جا ميمبر ٿي سگهون ۽ بوقت ضرورت انھن بين الاقوامي ادارن وغيرہ سان باقاعدہ توڙي مسلسل لهہ وچڙ ۾ رهي، ٻولي جي ضرورتن جو، ڪوڊ پيج وغيرہ جي حوالي سان پورائو ڪري سگهون. نہ رڳو اهو پر ٻوليءَ جي تقاضائن ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي باريڪين ٻنھي جو چڱيءَ ريت جائزو وٺي، مستقبل لاءِ نوان پروجيڪٽس جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ جڏهن کان موبائل ٽيڪنالاجي ترقي ڪئي آهي، تڏهن کان ڪمپيوٽر هر ڪنھن جي دسترس ۾ اچي ويو آهي، پوءِ اهو موبائل سيٽ جي صورت ۾ هجي، ٽيبليٽ، آءِ پيڊ، ليپ ٽاپ يا کڻي ڊيسڪ ٽاپ، مطلب ته گهرج آهر لڳ ڀڳ هر فرد وٽ ڪنھن نہ ڪنھن قسم پرسنل ڪمپيوٽر سسٽم ضرور آهي. اتي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي تہ ڇا اسان ڪمپيوٽر جي انھن سڀني موجود توڙي نون ايندڙ ماڊلز ۾ پنھنجي ٻوليءَ جي استعمال لاءِ جوڳا قدم کنيا آهن؟ جيڪر نہ تہ پوءِ اجاين بحثن تي وقت زيان ڪرڻ کان بھتر آهي تہ دير آئي درست آئي، وانگر هيئنر ئي پنھنجو قبلو درست ڪري، اهڙا قدم کڻون جن سان پنھنجي ٻوليءَ کي معياري ٻولين سان مطابقت ڏياري سگهجي. نہ رڳو اهو پر اسانکي گهرجي تہ مستقبل جي سائبر گهرجن جو جائزو وٺي وقت سِر رٿا بندي ڪري اهڙا جوڳا بندوبست ڪريون تہ جيئن، پنھنجي ايندڙ نسل کي سڌريل ڊجيٽل سنڌي ٻولي مھيا ڪري سگهون جو مستقبل جي درست سيڙپڪاري تعليم ئي آهي، جنھن جو ايندڙ وقت ۾ واحد سورس ڪمپيوٽر ئي هوندو.