وحدت نامو

اول ساراھ ڪر سبحان جي، مولىٰ جو ملڪن؛

مڙيائي محضوض ڪيا، ڏسو ڏيھ ڌڻين؛

ڪي ڪامل ڪُرسين تي چڙھي، وَھ وَ وعظ ڪن؛

ڪي ڪاتب ڪتابن جا، سوين سبق ڏين؛

ڪي مسئلا مسائل ڪيون، ناميان نبيرن؛

ڪي پڙھيا پاڻ پروجهہ سان، پڙھيون پڙھائن؛

ڪي وردن وظيفن ۾، شاغل روز رھن؛

ڏسيون وائسيون ورق کي، وريون ورائن؛

سِڪَ سچيءَ کَـئُون ڪونڪو، سبق سُور سِکن؛

اکر لِکن نہ دل تي، ٿا ڪاغَذَ ڪارا ڪن؛

مَسُ ڪاريءَ جان مَنَ کي، ٿا ڪاري ڪارو ڪن؛

مُدعا ٿئي جنھن ڳالهہ ۾، تنھن ويجهو ڪِين وَڃَن؛

جو فرمودو واحدَ جو، تاڏي ڪَنُ نہ ڪن؛

”و فِى اَنفُسِڪُم اَفَلاَ تُبصِرُون“، ھِن ويسَھ نہ وسَھن؛

ٻين مَعنائن ۾، ڪاھَت ڪَيون ڪَھن؛

اِھو فِڪر فائِدو نہ ڪري، توڙئون کي تَن؛

فڪر ڪن نہ فنا جو، ٿا بقا کي نہ پُڇَن؛

ھي اُتي حيران ٿيا، اوڳا ۾ اکَرَن؛

معنىٰ تن جي طرح سان، ھڪڙي ٻي چَوَن؛

پڙھيو سمجهيو عِلمَ تي، عمل نہ آڻن؛

”مَن تَعلمّ العلم للمُنَاظَرَة وَالمُ“ اُھي منافق مرن؛

ھيٺَؤُن مِٽيءَ جي پسِي، ٿا پاڻ ئي لِڪائن؛

آھي آفتاب اَبَر ۾، پَرَ لائق ڪِين لَھَن؛

مُنجهايو ماڻهن کي، ماضين مَذھبن؛

محڪم ماڻهن کي ڪيو، تن جي زنجيرن؛

ھُون حديثن ڪِينَڪِي، نہ ۾ آيتن؛

مڃن تن کي ڪِين، ٿيو ملا ٿا مَڃن؛

سي سوگها سڀئي ڪيا، نامراد نِيَرَن؛

اکيا اکين وڌڙا، توڙؤن ئي ڏَسُ تن؛

بِرهَ جي بَئبان کَئُون، پاسي اوءِ پَوَن؛

سي پَسڻَ کؤن پري ٿيا، ڪين پسا پَسَن؛

محبت جي مھراڻ مَئُون، جي مُلا چاشَ چَکَن؛

تہ ڪنز قدوري ڪافيا، لھرن ۾ لوڙھن؛

ڪن سلام صرف کي، ھوند نَحو نہ نھارن؛

پرکَ لاءِ تنھن ڳالهہ جي، باس نٿا باسن؛

اُھي رھيا اِتھين، مَٿي ڪِين چڙھن؛

ڪيئِي آھن قالَ ۾، باتيون بَس نہ ڪن؛

ڪي وڃي رسيا حالَ کي، ڪي بيٺا ٻاڏائن؛

ڪي لَنگهي ھليا حال کَؤن، نڪِي قال ڪھَن؛

ڪي دنيا جي طلبَ ۾، ھنيا حرص حَڄن؛

”طالِبَ الدُّنيا مُونث“، محبت ناھي تَن؛

ڪي ڪوڏيا عقبىٰ جا ٿيا، ھنيا لئہ حورن؛

”طالِبُ العُقبىٰ مُخنث“، مڙس سي نہ چئجن؛

عاشق جي الله جا، سي سائين سيبائن؛

”لاَ مَوجُودَ اِلَّا الله“، حاضر ڪيون وتن؛

”طالِبُ المولىٰ مُذَڪر“، ھن رسايا رمزن؛

ٻئي جھان ڦٽا ڪيو، ٿا ٽئي جھان وڃن؛

اَصلئون ئِي اختيار ڪيو، فقر فقيرن؛

”اَلفَقُرُ خَزِينَةٌ مِن خَزائِنِ اللهِ“، بعض کي بخشن؛

”اَلفَقيرُ لاَ يَحتاجُ اِلَى الله“، ٻيون ڏنائون ٻن؛

”اَلفَقرُفَخرى ولفقرمِنى“، اِئين اُتو عجيبن؛

وَتَن ويڳاڻا وِرھ ۾، نيڻين نِنڊ نہ ڪَن؛

راتو ڏينھان روحَ ۾، چَپ نہ ڪو چورن؛

”مَن عَرَفَ رَبہ ڪَلّ لِسانہٗ“، ٻَڌِي زبان اُنَهن؛

نَشي تن کي ”نانھ“ ڪيو، مورئون ”مان“ نہ چَوَن؛

”قُل ڪُلٗ مِن عِندِاللهِ“، اِھو ڪيائون ڪَن؛

”وَالقَدر خَيرہُ وَشرَہ مِنَ اللهِ تَعَالىٰ“، سڀ اوڏانھون ڄاڻن؛

موليٰ جي محبتَ ۾، کِيا ٿيا وَتَن؛

سُڏڪا سَڀَئِي سوز جا، ڀنينءَ رات ڀَرن؛

آديسي اَرمانَ ۾، گهوماٽيا گُهمن؛

ڪِين رئَڻَ کَئُون اُن جيون، اکيون اوڪارن؛

”ھرآن سِرى کہ با محبوب دارند، خبرنبود ڪراماً ڪاتبين را“، سِر اھو سانڀن؛

ھَيھات ھَيھاتَ، اِھا عادت اُداسن؛

پنھنجيءَ پَر ۾ پاڻَ کي، ٿا پَرتَئون پَچَائِن؛

نِھائِينءَ کَئُون نينھڙو سکيو ساميڙن؛

مَچ مَچايو مَنَ ۾، ٻاڦ نہ ٻَھر وجهن؛

عاشقَ مَٿَؤُن آگ جي، اولارا ڏين؛

طالب جي ئِي حَق جا، طَلَب نہ پِئي ڇڏِن؛

عينان سندين اوجاريون، اڇن اوجاڳن؛

اٺئي پَھرَ عجيبَ کي، ڪَنڌ اونڌي اورن؛

ڪا ساعت ھَڏِ نہ سنرا، اُنهين ري آھِن؛

ظاھِر سي ئي زبان سان، ٻيو تا ڪين ڪَھَن؛

مامن سان ماڻهن کي، سالڪ سمجهائن؛

صُمٌ بُکمٌ سڪوت ۾، اڳيون پئي عامن؛

”عَينُھا باڪيةٌ و قَلوبُھا ذاکِرٌ“، اھوذڪر چوَن؛

”عَينُھَا تَنَامُ وَلاَ تَنَام قُلوبُھَا“ دل طرف دوسَن؛

آئي آڏو عامَ جي، اڳ ڪانہ ڪَھَن؛

”اِنّ اَولِيائِى تَحتَ قَبَائِى“، لائق لعل لِڪن؛

”الصّبرُ مفتَاحُ الفَرَح“، صبر صابرن؛

بعضي موحد وحدتي، اھڙا ڀِي آھن؛

مست ڪئين منصور جان، سوريءَ سِرُ سَٽِن؛

محبت ۾ مخمور ٿيا، ڪامل ڪوڏَ ڪُسَن؛

ڪُرڪَن ڪِنجهن ڪِينڪِي، ڄڻ پار وِھانءَ وَڃَن؛

رتَ منجهارُون پانھنجي، وضو وِير ڪَرن؛

اِيءَ نماز عشق جِي، تھؤن پوءِ پڙھن؛

جي محبت وِڌا مامري، سي ڪيئن مُڙس مُڙن؛

سوريءَ اُتي صابري، ڪيون ڇيڄ چڙھن؛

تَحتون تريءَ تي رکيون، صادق سِرُ ڏِين؛

ڪن سِرُ صدِقي دوست تَئُون، ٻيا پھ ڪين پُڇن؛

نِينھن نھوڙيا نڪِڻيان، جنھن پَر ڪاپڙين؛

ھِڻي درد دھيون ڪيا، سندي سپيرين؛

ڪڏھن اڇا ڪپڙا ڍار نہ ڪنھن ڍڪن؛

منھن ميرا مَٿي ٿيرا، اھڙيون طرحان تن؛

ڪائي تن جي ڪانڪا، جُڙي لِيڙَ لِڱن؛

مٿين پيرين برھنہ، ايڏا سور سَھَن؛

پرٽيو پروانن جان، ڪاھيو تِتِ پَوَن؛

ڀَنڀڙ باھ عشقَ جي، سپورَن سَڙَن؛

کامِي لَھسي لُوسجي، لائق لعل ٿين؛

آوڙي عام نہ اُن کي، جي سينڌائِي سڄڻن؛

اَچو پَون آڙاھَ ۾، سِرَ جو سانگ نہ ڪن؛

ڊِڄو ڪنھن جِس جهوپڙا، آڏا ڪين اڏن؛

اوڏَن وٿ متان پَوي، گنگهر اِي گهارن؛

ري پِريان تن ڪين ٻيون، ڳالهيون ڪَس لڳن؛

ڏاڍا ڦٽ فراقَ جا، تن جي چت چاڪن؛

ورھ وڍي واڍوڙ ڪيا، رويو رت رئن؛

”مُوتُواقَبلَ اَن تَمُوۡتُوۡ“، ائين مَن مارِن؛

اُھي مَرَڻ کَـئُون اڳي مُئا، ”مان“ کي ڪين مَڃن؛

دشمن دوستَ ھڪ ڪيون، گودڙيا گڏجن؛

ان جي اَکين آگم سِٽيا، بوندان بس نہ ڪن؛

سِرُ ڏيو سَنوپرا، وَٽِي ورھ وَٺن؛

”تَرڪُ الدُّنيا سُنة طَلَبُ المَولىٰ فرۡضُ“ ھو دِل ڌَرنِ؛

سويون ڇڏيون سُکَڙا، گوندَرَ گذارن؛

جوڳي جانبَ ڪاڻ ٿيا، مثل مَستانن؛

اَبتر ڪيائون پاڻ کي، پَسَڻَ لئہ پِرين؛

ھاءِ وِڃايو حالڙو، ويتر ويچارن؛

ھو ”مشتاق على لقاءِالله“، ائين محفوظ رھن؛

ڪي فنا فراق ڪيا، ڪي مليا محبوبن؛

آھِ لقاءُ لطيفَ جو، عيدون عاشقن؛

محبت جي مڪان کَئُون، لاھوتي لنگهن؛

واديءَ ۾ وحدتَ جي، دانھ پير ڌَرنِ؛

”تون، مان“ وڃي وچ مَئُون، تہ ڪِي پاڻ پَسَن؛

شڪ يقين اُٿي ويو، برابر چَوَن؛

ھادي مريد ھڪ ٿيو، تفاوت نہ ڪن؛

عابد ۽ معبود سو، ھڪ نگاھ پَسَن؛

پاڻ پڙھِي پاڻ بِيھي، پاڻ ئي سجدو ڪن؛

”پاڻ“ مڙيوئي ”پاڻ“ ٿيو، نِوڙي نِوڙَت ڪَن؛

پاڻ اُٿي پاڻ ويھي، پاڻ رموز رکن؛

پُرجهہ مِڙيوئي ”پاڻ“ ٿيو، غير نہ پَسائن؛

ڪافر مومن ھڪ ٿيو، ڀلا ٿا ڀائن؛

سوئي فَلَڪ سوئِي مَلَڪ، سوئي آدمن؛

سوئي اَحمد سوئِي علي، سوئِي ھڪ سَمجهن؛

نانوَ، ڪَنن اَکِين جا، وچون ئِي وڃَن؛

بازيون بازيگر ڏِسِي، اِنهيءَ ڀَتِ ڀُلَن؛

تان اکيون، ڪَن، زبان سي، ٻوليون ٿيون ٻولن؛

اسين آھيون آدمي، بيحد مون بشرن؛

نا تہ مِڙيوئي پاڻ ٿيو، سميع بصير ڏسن؛

عين عليم ڪليم ٿيو، قادر قدرتن؛

ھي مڙيون ئي وصفان، اندر آدمن؛

ھي مڙِيوئي حق ٿيو، ٻيا باقي ڇا بچن؛

وصفن اُنهن ساڻ، اصل آدمي سڏن؛

ھِت آدمَ مَئُون الله ٿيو، ٻيا سڀ شڪ ڀَڄن؛

اصل الله مَئُون آدمي، ثابت صورتن؛

مورَت صورتَ ھڪ ٿئي، ڏسج دل نيڻن؛

سوئي ڏسڻ وارو، سو منظور مَڃن؛

خالي ڪانہ جاءِ ٿي، بنا محبوبن؛

سڀ ڪنھن ھنڌين سپرين، ڇا جِي جاءِ حسن؛

ڪاٿئين پٿرڻيون پَٽ جون، ڪاٿئين دلقا ڪن؛

ڪاٿئين جاما زر جا، ڪاٿئين پشمينا پَھرن؛

ڪاٿئين سَناسِن ۾، ڪاٿئين منجهہ مُلن؛

ڪاٿئين معرڪن ۾، ڪاٿئين منجهہ ڪُنڊن؛

ڪاٿئين مَسيتن ۾، ڪاٿئين ۾ دائرن؛

ڪاٿئين رھن تقوىٰ ۾، ڪاٿئين ۾ ناچن؛

ڪاٿئين تماشن ۾، ڪاٿئين ۾ سيرن؛

”خَلَقَ الاَشيَاءَ فَھُوَعَينُھَا“، منجهہ عربيءَ ائين چون؛

پاڻ چوندڙَ، پاڻ ٻڌندڙَ، پاڻ ئي ۾ ٻولن؛

سمونڊ سرگردان ٿيو، پيو ۾ عَجَبن؛

”آءٌ اصل پاڻي آھيان، ڪئين سمنڊ سڏن؛

نانوَ مٿم ناحق جا، رکيا الاجي ڪَن!“

جي رسيا وڃي وصالَ کي، سي چؤرنگ يار پَسَن؛

اول ڪفر پوءِ مَڃَڻ، پوءِ تان مَنجهہ ڪُفرن؛

پر ڪفر مسلماني ھڪ ٿِي، مِڙِيوئي مَڃن؛

نفيءَ مَئُون اثبات ٿيو، ٻيا سڀ ”لا“ ٿين؛

مرشد ڪامل ھادي منھنجو، دائم درازن؛

عارف عبدالحق آھي، صوفي صاف سَڀَن؛

ھُئي شالَ چراغ سو، روز شبان روشن؛

عارف جي اولاد کي، دعا سڀ ڪَرِن؛

حيرت ۾ ھميشہ سي، غازي سڀ ھُئن؛

عشق منجهہ الوٽ ھُئَن، سڀئي صاحبن؛

تا گهڻين طرحين نوِڙا، مَٿي ”نانھ“ رکن؛

ڏيو روشن تن جو، تائين قيامتن؛

اُجرائي آفتاب کان، ھادي شال ھُئن؛

اَظھر ھُئن دارَين ۾، برڪت پنجتنن؛

ھوئن خليفا غوث جا، سي روشن کانئن ھُئن؛

قائم مَسند تن جي، حُرمت خير سندن؛

”سچو“ سگ انهن جو، سندن دروازن؛

ڪَلمو چئو نبيءَ تي، تا ڇٽو کان ڇِين.