وحدت

داستان پھريون

1
اَول ڀيري ڀَڃُ، جي بَندَ خيالات جا؛
تَنھِن پڄاڻا وَڃُ، حَلاجِي حيرتَ ۾.
2
ھِيءَ نہ واٽَ ھُئاءِ جي، آھي نڪا تَقلِيدَ؛
تَحقيقاً توحيدَ، آھي راهَ رسُولَ جِي.
3
ھِڪُ سَفَرساعَتَ، ٻيو سَفر سالَ جو؛
پھريون تا راحتَ، پويون تا پوءِ رَھيو.
4
جي تو ادب آھ، تا ٻَنڌاڻَن ٻَڌِي وَڌين؛
ڪَلَ نہ پِيَڙءِ ڪاءِ، اُصولِي اِسرار جي.
5
پُٺيءَ ڄَڃَ نہ ڄُلُ، مَنجهہ تَماشي نہ پَوين؛
گهوٽُ ڪري تون پاڻ کي، ڪَر ھَنگامان ھُلُ؛
ڀولِ نہ ٻئي ڪَنھِن ڀُلُ، وَٺِج حالُ حَلاجَ جو.
6
پُٺيءَ ڄَڃَ نہ ڄُل، تون ڪَر پاڻ کي گهوٽُ؛
مَردَ نہ ھِتَئوُن موٽُ، پٺيءَ لائي ڄڃڙي.
7
جَڏھن وِھين فڪر ۾، خاصو ڪري خيال؛
تَڏھن فراق وارا فِي الحالُ، بَندَ ٻَڌندءِ وچَ ۾.
8
حُڪم ھَلي ٿو جَنھِن سان، سو ڪر پيدا پاڻُ؛
صورت سا سڃاڻُ، مُنھن ڪَري مورَتَ کي.
9
”تون“ ھي سان ”تون“ لَڀين، ”مان“ لَڀان ”تو“ سان؛
”تون“، ”ھي“، ”آءٌ“ سَڀھِين، ”لا“ ۾ موجودات ٿي.
10
جي تو ڄاتو ”پاڻُ“، تہ ”آءٌ“ ٻيو ڪو آھيان؛
ڪَندُءِ غرقُ گُمان، ڳَھلا انهيءَ ڳالهہ ۾.
11
اَدبُ اَٿئي اوٽ، اوٽِ تہ اڳاھون ٿِئين؛
مارنغاري چوٽَ، عاشِقَ ”اَناالحق“ جِي.
12
جي فِڪر کَئُون فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دور؛
ھوندا سي حضور، آءُ ڳرھيون ڳالهڙيون.
13
بيرنگيءَ مَئُون رنگُ، پَسو جو پيدا ٿئو؛
ظاھِرَ ۾ پئو زَنگُ، موسىٰ ۽ فرعونَ جو.
14
تون جا ڀائين مَوجَ، سا مِڙِيائي مِھراڻ ٿي؛
ھِي اُنهن جا اوجَ، جَن سنبَت سوريءَ پار ڏي.
15
دِين ڪُفر دِل دام، ڏج مڙيوئِي موج ۾؛
تنھن کان پوءِ حُڪامُ، ھَر ڪنھن ھَنڌ تنھنجو ھَلي.
16
جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نہ ٿئي؛
جاڏي مُھاڙِي، سجدو تِت صحيح ٿيو.
17
ظاھر ڪَڪَرُ آنءِ، مِينھُن توئِي باطن ۾؛
پاڻُ اُھوئي ڀانءِ، جنھن وَسي سان وَسَ ٿئي.
18
سوزُ گُدازُ۽ غَمُ، مِڙِيوئي معافِي ٿيو؛
ماردَمامين دَمُ، عاشِقَ ”اَناالحق“ جو.
19
جي ادب کان نِڱِئا، سي ئي ٿيا اللهُ؛
ھُن وڃايو راہُ، ھو ھاڃي ۾ ھڄِي وِيا.
20
تون تاڪا ٿي آنءِ، پاڻُ اَول لَھُہ پانھنجو؛
جيلَهان ٻِئي نانءِ، پَئين تيلهان تفاوَت ۾.
21
ڄاڻُ نہ تَفاوتُ، عبد ۽ اللهَ جو؛
ھو آھي اَمرُت، ھِي ڀِي ڏُور نہ اُن کَئُون.
22
اللهُ ڄاڻُ نہ ھن کي، ھِي مِڙِيوئي حَقُ؛
ناھي شبھو شَڪُ، جو مَعلوم ٿيو مرشِدَ کَئُون.
23
معلوم ٿِي مرشدَ کَئُون، ٻي جا ڳجهِي ڳالهہ؛
ھِن جِي ڇاھِ مجالَ، ”ھو“ لَڀي ”ھن“ سين.
24
ھِي تان مور نہ وَڃڻو، چئو وڃي ڪاڏي؟
“”وُ“ ”ھِي“، ھِڪُ ڪري، مورک ڇَڏِ ماڏي.
25
جھڙو ڀائِيندين، ”پاڻ“ پَنھنجو پاڻهين؛
تِھڙو ئِي ٿِيندين، ھُت ڀِي ساڻ يقين جي.
26
جيڪي آھي ھِتِ، ھُت ڀي اُھو ئِي اٿَئِي؛
ڀَڃ اُھائي ڀِتِ، تان تون اھو ئي رَھين.
27
جِھڙو آھين تِھڙوھوندين، فانِي ٿيندين ڇا؟
سُڌ پنھنجي سِر جي، ڪامِلَ پِيَڙءِ ڪا؛
ڳالهہ نہ سمجهيئي سَا، آوازي ”اَناالحق“ جِي.

ڪافي 1
ٻيو ڪو ڄاڻڻ مَحض گناھ،
ھر ڪَنھِن صورت آپ الله.

ڪِٿي گَدا گدائِي والا، ڪِٿي شھنشاھ.
دونھان ڏيک متان ڪو ڀولي، اولي اَبر ماھ.
”وَنَفَخۡتُ فِيہِ مِن رُّوحِى“ آھي، سَھِي ڪر ساھ.
”خَلَق الاَشيَاءَ وَھُوَ عَينُھا“، اِھو قول گواھ.
صورت منجهہ ”سچوءَ“ جي، ٻولي پاڻ ئي بيپرواھ.

ڪافي 2
عاشق ڏِسڻ ۾ آيو، محبوب گل سَناسِي؛
عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسِي.

برھي جِي اک ببيني، ڪائي مثال چيني؛
توڙي رنگون رنگيني، چينيءَ جي مَٽ نہ ڪاسي.
گِل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي؛
عاشِق ڏِسڻ کَئُون ڪاٿي، رَھندو پتنگ پياسي.
”صورتَ“ ۾ جاءِ ”دَمَ“ جِي، ”دَمَ“ ريءَ نہ ”صورتِ“ ڪمَ جِي؛
دَمَ ۾ جا لذت غَمَ جي، وھ واھ ڳالهہ خاصِي.
ابليس جِي وڏائِي، ھَر سانس تي سوائي؛
جِيوَڻ تہ دَم ڀلائِي، نہ تہ تحت نَحس ناسِي.
ثابت ”سچل“ سچاري، يارن جي ياد ياري؛
وحدت جنِين وساري، تَنِ تَنَ مِٽي اَڻاسِي.

ڪافي 3
ھُتِ تان ڪير ھُياسِ، ميان وو!
ھِتِ ٿي ڪير آيس، نہ ڄاڻان!

نانءُ ٻِئو ھُتِ ھو منھنجو، ھِتِ ٻِئي نانءَ ٿِياس.
اچڻ نہ ھو ھِت منھنجو، پَرڪَنھِن تا خواھش کَنياس.
ھُتِ ھُيَس معشوقيءَ ۾، ھِت عاشِق ٿي آياس.
ھيءَ ھَي ھُئي ھُت ڪا نَڪا، ھِت مَنجهہ پروڙ پياس.
”سچو“ سارو، وو، سَچ ٿيو، وچَون ”آءٌ“ وياس.

ڪافي 4
ميلو ٿيندئي، ميلو ٿيندئي، نينھڙو لايو،
جُڙيا جانِي، مون سان ميلو ٿيندئي!

”وھُومَعَکُم“ چيو وصالون، وري سو ورہ وسايو.
”وَنَحۡنُ اَقۡرَبُ“ پاڻ اُتيوئي، موٽِي تا بِرہُ بَڇايو.
”اسين تو سان، تون اسان سان“، پاڻَ پِرِين فَرمايو.
زلفان کوليوَ خيال اسان جي، ڏاڍو ڪو ستم سَھايو.
ڪري اُمارو اڳيون اسان جي، تيرن ساڻ تَپايو.
راند روئڻ جِي سِکِئين ”سچو“ ري، ڏاڍو ڪو پور پِرايو.

ڪافي 5
آءٌ تا پِيَڙس اُتي، جِتِ جاءِ ادب جِي ناھي.

نادانن ناداني آھي، بيھڻ اُتي بُتي؛
وحدت جو پيو باز جتي، مُئو مرغ اَدب جو اُتي؛
وھم خيال وڃايا غيري، خيال ھڪڙي کُتي؛
سر ڪٽايو، سو ڪيئن موٽي، ويڙو جو شرط اُتي؛
”سچو“ سَچ آھي اِھوئي، وسرئي نہ پَنج سُتي.

ڪافي 6
نانءُ اِھوئِي، اِھوئي نانونَ وَارو، صورتَ مورتَ سائي وو.
اِسم خاني وِچؤُن اِسما، اِھو ڏَسُ ھادِيءَ جو جانِي، وو.

آھِ تَعجب اِھو جو، ڪَر لوڪان ذاتِي لِڪائِي، وو.
گاھي طاعَت گاھي عبادت، سَجدو سَھو سَھائِي، وو.
ٻئي پارون تان ڏئي ڏيکاري، اوڙَڪ خَلق مُنجهائِي، وو.
”سچو“ سھي ڪَئي اِھا سڀائِي، جا بازِي يار بنائِي، وو.

ڪافي 7
آءُ، ادا سالڪَ، سھِي ڪر تون طلسمات کي؛
ڀَڃُ دوئِي تا ڪل پويئي، دور ڪر درجات کي.

سِر اھو سارو سڻائج، ڪَن نہ ڏي ڪرامات کي؛
ظاھر ٿئين تان ”ذات“ مون، پر سمجهہ تون ”صفات“ کي.

غازي نہ ڀانئج غير تون، ھن محض موجودات کي؛
سِرسَٽجِ ھن سِر ۾، ڏي منھن نہ ٻِي مصلحات کي.

بي اعتباريءَ سان ڪرين، ھَرھَر نفي اثبات کي؛
اثبات کَئُون اڳنان لنگهي، ڪَر تَم تون طاعات کي.

تون ڪيئن وٺِي ويھي رھين، ھَي ھاءِ حڪايات کي؛
ڳالهين مَنجَهئُون تان ڪِين ٿئي، ڀَڃ اوٽ عزىٰ لات کي.

”سچو“ روئين ڇو ھيترو، بس ڪر ھن برساتَ کي؛
تَصديعَ تون ڇو ٿو ڏئين، محبوب جي محلات کي.

ڪافي 8
ڳالِهہ سَھِي ڪَيَم ساري، ٻَڙي جيڏيون، يارَ جي، وو؛
ڀلو جيڏيون، ھوءِ… ھوءِ… ھوءِ… !

جي مون وسھَو جيڏيون، آءٌ اھو آھيان آري.
پوءِ پَروڙُڻ پانھنجي، لاتِي خَلقَ خواري.
پاڻِ ڪري ٿو پاڻَ کي، يارُ زور آور زاري.
”سچو“ ري سِر پانھنجي، بِرہُ ڪَيائوُن باري.

ڪافي 9
ھو سو سَڄَڻ مُون ساڻُ،
جنھن جي ڪارڻ مُون ٿي پوٿيون پٽايون!

”وَھُوَ مَعَکُمۡ اَيۡنَ مَا کُنتُمۡ“، آھي سَندس اُھڃاڻ؛
جنھن جي ڪارَڻ، مون ٿي فالون وِجهايون!
سَدا مون وٽ سپرين، مُحب ناھي مِھماڻ؛
جنھن جي ڪارَڻ، مون ٿي واٽون پُڇايون!
اَھڙيءَ اوڏائِيءَ ۾، ڪونہ پَيو مون ڄاڻُ؛
جنھن جي ڪارَڻ، مون ٿي راتيون لَنگهايون!
ھيڏي ھوڏي ٿي ڏٺُم، ڪِينَ پَروڙيم پاڻُ؛
جنھن جي ڪارڻ، مون ٿي وِرھون وَسَايون!
پري پُڇُ نہ پنڌڙا، ”سچو“ تون پاڻ سُڃاڻ؛
جنھن جي ڪارڻ، مون ٿي ميڙيون سَنباھيون!

ڪافي 10
ھيڏي ھوڏي نہ نِھارِ،
تُنھنجي ويڙھي سو تہ يار وسي ٿو!

ساڻُ سدا آھي تان تنھنجي، پِرين نہ آھي ٻي پارِ.
ڦولهي لَهج، پاڻَ مَئُون، ڇو ٿو وَڃين وڻڪارِ.
”وَفِى اَنفُسِکُم اَفَلاَ تُبصِرون“، وِيجهو ڪِيمَ وسار.
پِريُن نہ پُڇِج پَنڌڙا، تُون ”سچو“ پاڻُ سَنڀارِ.

ڪافي 11
اُھو ويو ھاڻي ڪاڏي، جنھن ”سچُو“ سو نانءُ سَڏايو!

مُکڙيءَ مَنجهؤن، نِي وي ميان، ٿيو گُل پيدا، وي ميان،
مُنھُن ڪري بِيٺو ماڏي.
سُڌ نہ پَئِي، نِي وي ميان، طَرفَ اُنهي جي، وي ميان،
جان جُثو ويو جاڏي.
اھو ھلي ٿو، نِي وي ميان، اھو چلي ٿو، وي ميان،
گوشو ڪيو وڃي ڪاڏي!
ڏيھُہ ڏاڏاڻو، نِي وي ميان، اڳُ ڏٺوسي، وي ميان،
پَلَٽَ ڪَئي پَڙاڏي!
نانءُ ”سچوءَ“ جو، نِي وي ميان، ويو اوڏاھين، وي ميان،
طَلَب ويئِي ڀي تاڏي.

ڪافي 12
ڀولِ نہ ٻئي ڪَنھِن ڀُلُ،
تون تہ آدَم ناھيين.

لِڪو ٿو لاتِيُون ڪَرين، جيئن باغَ اَندَر بُلبُلُ.
مَلڪن ٿي سجدا ڪيا، واھ مِٽي تنھنجو مُلُ!
ڪير ٽَپائي، ڪير ڪُڏائي، شاھ بنا دُلدُلُ.
اَحد مَنجهارَؤن عَبد سڏايءِ، ھُئين تا پاڻَ اصلُ.
”سَچَل“ چَوي سَچُ ٿي آئين، ڪونهي تنھنجو تُلُ.

ڪافي 13
آھيان آءٌ اِسرارُ،
جيڏيون مون کي ڪير ڀانيو ٿيون!

ڪَنُ نہ ڏيان ڪيچَ ڏي، ڀَنڀورؤن بيزارُ.
ڇَڏي بادشاھِي پانھِنجي، ڪِيَڙُمِ ھِتِ شِڪار.
آيُسِ ھِنَ عالَمَ ۾، باري چاڙھي بارُ.
آڻيو صِدقَ يقين سان، اديون ڙي اعتبارُ.
نوري ناري ناھيان، آھيان ربُ جبارُ.
مُرشِدَ ٻانهو نہ چَيو، تون ”سچو“ آھين سَردارُ.

ڪافي 14
پَنھِنجي ذاتِ لِڪائي، ڪِيئن ٻِي ذاتِ سَڏايان!

ظاھِر ڪَريان ذاتِ کي، تا ھي بُتَ ڀَڃايان.
منَصُوريءَ جي مَوجَ ۾، ٿو ”اَناالحق“ اَلاَيان.
واديءَ ۾ وَحدتَ جي، گهوري سِرُ گُهمايان.
”اعلىٰ اَعظم شانَ“ جِي نوبَتَ نِينھَن وَڄايان.
ظاھِرُ باطِن ھِڪڙو، آءٌ تا حُڪم ھَلايان.
”سچو“ سارو سَچُ ٿِيو، حِڪمت ھيءَ چَلايان.

ڪافي 15
اوھِين سَڀئِي ڇونَہ ڄاڻو،
نانءُ مَٿِمِ آھي ڪھڙو!

اِسم اصلَ کَـئُون وِرھَ وَڌايو، صورتَ ھيءَ سُڃاڻو.
پاڻِيءَ منجَهون پارو ٿيو پيدا، واءُ عجب ڪوئي واڻو.
شاھُ جھانِ جو ٻانهو ٿِي، ڪَرَ وائيءَ ھِنَ وِڪاڻو.
ڏِسِي تماشو اِھو سو سارو، وَتي تان پاڻَ ويڳاڻو.
نانءَ وارو، سُڻو ري سَرتيون، ٿيو ھِتِ ڪِيئَن نِماڻو؛
مَستيءَ واري ساکَ نہ سلجي، ”سَچُو“ تون ٿِيءُ سِياڻو.

ڪافي 16
آھي بي نام و نشان،
سِر اِنهيءَ جو ناھي امڪان.

طرحِين طَرح پوشاڪون پھريئين، ڪُلَّ يَوۡمٍ ھُوَ فِى شَان.
ظاھر ذاتِ صفات سھي ڪَر، سِري سِرہُ الانسان.
منصوري آھي راھُ اِھو ئِي، جوشَ تنھين ۾ آ جولان.
غَرض گداگر يارَ اچي ٿو، نا تہ ”سَچُو“ سارو ئي سلطان.

ڪافي 17
پاڻَ پِرين اُھو آھي،
متان ڀينر ڀولو ڀانيو.

جَنھن تي آھي تَنھن تي آھي، نانءُ ٻِئي تي ناھي.
پاڻُ پنھنجو سَھِي ڪَيو سين، ڪيچ وَڃُون ڪِيئن ڪاھي؟
ھِيئن تَنھن جو اَوھِين نہ ڄاڻو، چَؤ تَڏھِن ٻِئو ڇا ھي؟
”سَچو“ سارِي صورت اُھائِي، لوڏا لَڪَن جا لاھي.

ڪافي 18
تاڏي مُنھُن نہ پِيو ڙِي مُنھنجو،
جاڏي لوڪُ لَڙي ٿو.

جيڪو ھُئَڙُس جيڏيون، ساڳو آءٌ ٿيو.
پاڻَ ئِي پُنهلُ آھيان، ڄاڻو ڪونَہ ٻِيو.
ظاھِرُ مُنھنجي ذاتِ کي، ڪيچِن پاڻَ ڪِيو.
”سچو“ سارو سَچُ ٿيو، وِچؤن وِرہُ وِيو.

ڪافي 19
اُتي پيو وَڃي خيال منھنجو، جِتي دَمَ قَدمَ جي جاءِ نہ آءِ.

لامَڪانَ مَئُون لَھر لڙھِي، جَنھن مَٿي سَڀ ھوءِ ھاءِ.
وحدتَ جي درياءَ مَنجهارؤن، تون ڀِي وڃين موجَ مَناءِ.
بِرھَ توتي بادَلُ آندو، ”اَناالحق“ جِي ھڪَل سڻاءِ.
قَطرو پاڻُ نہ ڀانئِج عاشِقَ، ساروئِي تون بَحر سَڏاءِ.
ٻَئي جھان ھِڪو ڪَرڄاڻين، جلوَو تنھنجو جاءِ بجاءِ.
”سچو“ آھِين سِرُ سُبحانِي، ظاھِر جو تون نانءُ وِڃاءِ.

ڪافي 20
پاڻ کي يارُ نہ ڄاتوم، ڀينر ڀُلِي آھيان.

ٻُڏيَس ٻِيائِيءَ ۾، جو پاڻ نہ سُڃاتوم.
موڳائِيءَ جي مونجَهہ ۾، ٿي ورھُ وسايوم.
اَٿَڻُ ويھَڻ پانھنجو، ھِي ڀينَر ٿي ڀانيوم.
خاص مُناري خاڪ جي، سوسرتيُون سمايوم.
ڏِسَڻ ٻُڌڻ ھِڪڙو، ھي ڪاڏنھُن الايوم.
”يَنطِقُ“ واريءَ رمزَ ۾، ھِي سِرُ سَلايوم.
نالو آدَمَ جو رکي، ھِن حيرت ھلايوم.
نانءُ مَنجَهؤن نانھِہ ٿِي، ھِت ”سچو“ ٿي آيوم.

ڪافي 21
ڪَجو اوھين ويساھ،
سَرتيون، مُنھنجي ڳالهہ سچيءَ تي!

آيو ڪنھِن تا ڳالهہ کَـئُون، شھود ۾ شاھ.
لَڌم ھِھڙو ھوتَ جو، ريجهائي مون راھ.
جوئي ھدايت ۾، سوئِي آھي گُمراھُ.
اَحد اَحمد ھِڪڙو، آھي پاڻَ الله.
ساڳيون اَٿوَ پاڻ سو، چئو جو اَرواح.
”سچو“ سچيءَ ڳالهہ ۾، ڪَھڙو ڪَيَم گُناھ؟

ڪافي 22
سڀ ڪنھن ويڙھي تون وسين، ڪونہ آھي ٻيو تو ري!

ڄاڻي ھِيئن ڄاتوم، توکي سانوَلَ سڃاتوم،
ھر جا آھين تون حاطي.
ھَر جا حاضر ”تون“، موٽي ڪھڙي آھي ”مُون“،
ھادِي کَڻُ حِجاب کي.
ڪاٿئين قاضِي ٿئين، ويھِي ناحق فتوىٰ ڏئين،
سوريءَ تي منصور جي.
موٽِي ٿئين منصور، ڪَيئي مُلَن جو مذڪور،
شاھد ٿي بيھين، شَرَع تي.
”اَناالحق“ آواز ھِي، تا سارو تنھنجو راز،
ظاھِرڪَيُئي بيھي زمين تي.
سرمد تي اَسرارَ، ڪَيءِ عالم تي اِظھار،
وري وڌُءِ شور شھرَ کي.
ھي سَڀُ ڪَم سنداءِ، آھن جاني جاءِ بجاءِ،
جيڪي ڪرين تون سو ٿي.
حاضر ناظر تون، باطن ظاھِر تون،
تُنھنجو ھُل ھَنگام ھي.
اُڀريو آفتابُ، جهَليو تارَن ھَڏِ نہ تابُ،
گوشا ويا ٿِي گُم سي.
”سچو“ ڀَڃُ گُمانُ، ٿي حيرتَ ۾ حيرانُ،
جو مولا مَئُون ٻانِهون ٿي.

ڪافي 23
اَحوال عشق لائي،
”سِرُسِرہٗ“ بُلائي.

سِسِي شيخ عطار جِي، ٿو چوٽئين چَلائي.
ڏٺُوَ تماشو تيغَ جو، ڪُوپَن ڪَنڌ ڪَپائي.
دينَ ڪُفرَ مَئُون نِڪري، ٿو ”اَناالحق“ اَلائي.
واديءَ ۾ وحدتَ جي، ڪوڙيين سِرَ گَنوائي.
”سچوءَ“ کي تنھِن صِفَت ۾، سائين مانَ سڏائي!

ڪافي 24
رانجهو چاڪَ ٿي آيو،
نہ ڄاڻان ڪھڙيءَ ڳالِهہ کَئُون.

پَڌر وِجهِي پاڻ کي، لالَن پاڻ لِڪايو.
بَنگُلي ۾ آدمَ جي، ساڄَنُ پاڻ سَمايو.
سوئِي چَوندڙ، سوئِي ٻڌندڙ، ڪيائِين ڪونَہ ڪِنايو.
”مَاراءيتُ شيَئاً اِلا ورايتُ اللهَ فِيہِ“ فائِق اِئين فرمايو.
”لَوکَفاالغِطَاء مَازتّ يَقِيناً“، حيدر ھِي رنگُ لايو.
مَاڻهوءَ جي مَظھَر ۾، آڻي سو نِينھنَ نِوايو.
”سچوءَ“ جي صِفَت ۾، الله اِئين الايو.

ڪافي 25
نانوَن حَق ڇپايو، ڀلو جيڏيون، وو…ھوءِ، ھوءِ، ھوءِ!

ھِينئَڙي کي حيرتَ، يار وي، آھي اُھائِي.
لَھرن بحرُ لِڪايو.
ھِينئَڙي سان لائين، يار وي، رمز اِھائي.
ھاديءَ ھِيئن سمجهايو.
جان جسم جِي، يار وي، ڏيئي ڏيکاري.
لِڪ لِڪوٽي ٿي آيو.
رنگَ بيرنگَ ۾، يار وي، طرحين طرحين.
يار ”سچوءَ“ رنگ لايو.

داستان ٻيو

1
اَول گُمراھي، آھي رباني راھ ۾؛
تِنھان پوءِ ھَمراھِي، آھي ھيءَ ھدايت جِي.
2
جي اول ھِدايَتَ، تَحقِيقاً ڄاڻيج تون؛
زيادہ ضَلالتَ، آھي اُنهينءَ وچَ ۾.
3
قَدرُ ھِدايتَ جو، آھي ۾ ضَلالتَ؛
جي ضَلالت نہ ھُئِي، تا ڪاٿي ھِدايت؟
4
جي تو نہ تَجريدَ، تا آئين نہ تَفريدَ ۾؛
ڪاٿي ٿِي توحيدَ، ڪَاٿي بيھَڻ تانھِنجو!
5
جِتي ماڻُهن ميڙ آھِ، آءٌ تِتي ناھيان؛
سِسِي سَنباھِيان، پُٺِيءَ شاھَ حلاجَ جي.
6
جي مَڃِن ٿا آدمِي، سي نہ مَڃان مان؛
ڪوئي آھيان اَن، جو ٻانِهو ڪَنھِن جو نہ ٿيان.
7
پَسِي ڀَت ڀُليوس، تا آءٌ آدمِي آھيان؛
وچان جان ويوسِ، تہ ساڳيو سائِين آھيان.
8
ٻيائِي ٻانَهَپ ڇَڏِ، آءُ تون اَحديَت ۾؛
لَحمئُون دَمَئُون لَڏِ، تا پاڪائِي پاڪُ ٿِئي.
9
آڇِپا اَول آھِ، پوءِ ٽِکُٽ جو پنڌڙو؛
جڏھن ٽِکٽ جاءِ، وَڌُ تڏَھن اُن حَد کي.
10
فِراقاءُ فَرقُ، شالَ نہ پوي جيڏيون؛
مون کي آھ مَرَڪُ، سَدا سوزُ پِرين جو.
11
جَھڙوڀانيُم پاڻ کي، تَھڙو آھيان آءٌ؛
باقِي رھيو نانءُ، ”سَچو“ مون صاحِبَ جو.

ڪافي 1
ذاتِيءَ مَنجهہ ذاتِ ڇُپائي،
بازي جا يارَ بنائِي!

ھاديءَ حقيقت حالَ جي، مون کي ساري سُڻائِي.
سَڀ ڪَنھن ۾ سَڄڻنِ، نوبت نينھن وڄائِي.
ڪاٿئين ”اَناالحق“ جي، تن چوٽ تہ چَلائِي.
”انا اَحمد بلا مِيم“، اِھا معنىٰ مِڙيائِي.
ڪاٿئين مَسِيتن ۾، ٿيو خاصو خدائي.
موٽِي مَڙھين وِچ ۾، تَنھِن مالھان ڦيرائِي.
ڪاٿئين وٿِ نہ وارَ جي، ٿِي ڪاٿئين جُدائِي.
ڪاٿئين مَٿي تَخت جي، ڪاٿئين گدائِي.
اندر ٻاھر ھڪڙو، آھي صورتَ سَڀائِي.
ڳالِهہ نہ سَمجهڻ جھڙِي، پر سڀا سَمجهائِي.
ڪافِر مومِن ھڪڙو، ”سچو“ ٻوڙج، ٻِيائِي.

ڪافي 2
سڀَ ڪَنھِن پارِ پِرينءَ جو پَر تو، خوابون عينُ کلايو.

وحدتَ مَئُون، وو، ڪَثَرتَ ڪِيائين، رَنگيءَ رنگُ رَچايو؛
تو مان جي پَردي مَئُون ٻاھر، سرتِيُون ڇو نہ سِڌايو؛
طرحين طَرح پوشاڪان پَھري، لالَن پاڻُ لِڪايو؛
ھِي سَڀ حُسن ھادِيءَ جو آھي، ڀينَر ڪِيمَ ڀُلايو؛
پاڻ ڳُجهو ڪِيائين پَڌرائِيءَ ۾، ھِيءُ تَنھِن ھُنر ھَلايو؛
”سَچيڏني“ جي صورتَ ۾ تَنھِن، اِھڙي رمَز رلايو.

ڪافي 3
ناھي ٻاروچو ڪو ٻيو، آھي اُھو جو مان روز ڏِسان ٿي!

ويٺِي ھُيَڙَس وَاٽَ تي، اَچي وسيلو ٿيو؛
ماڙيءَ مَنجهہ معشوقُ ڏٺوسِين، لالَن پائي لِيو؛
دريءَ مَنجهون ديدَ ڏٺيسُون، لالَن پاتو لِيو؛
جَتَن ڪَج جَتَن جو، سَڱ سَبب سان ٿِيو؛
صحِي سُڃاتَم سُپُرين، يار يقينئون ٿيو؛
”خَلَق الاَشيَاءَ وَھُوَ عَينُھَا“، شَڪ وچَئون ٻِيو ويو؛
کڻِي وڃان آءٌ خوشِيءَ سان، سَرتيُون جي سُنھن ڏيو؛
سَير ساروئِي صُورَتين، پاڻَ قريبَن ڪيو؛
يارَ ”سچل“ تون صحيح ڪر ڄاڻج، ڪيو خمارن کيو.

ڪافي 4
حاجي حَجُ اَڄُ ڪيوسي، ڪعبَو مُنھُن محبوبَ جو.

ھاڻ حاصل سَرتيون، اَڪبر حَج ٿيوسي.
ٿِيو قَبوليت مُنھنجو، جيڪو عرضُ چَيوسي.
ھِيءُ تَنُ طَوافي ٿيو، وچؤن غيرُ ويوسي.
ھاريون ڙي حَرمين ڏي، سَندن نامُ نِيوسي.
اُنِهيءَ ٻاجُهون ناھ ڪو، اِھو احرامُ ٻَڌوسي.
اُھو ڪَعبو اُھو قبلو، ”سچو“ ڏَسُ ڏيوسي.

ڪافي 5
تو ڪِيئن وڃايو پاڻُ، ڳولي لَھِج پاڻ کي!

پاڻ وڃايو نہ لَھِين، ڀَڃِي شَڪ گمان!
آخر گَڏيُئي گهرَ ۾، ميان سوئِي گَهرُ سُڃاڻ.
مَکَڻُ اکر ھِيڪڙو، ميان سوئِي کِيرُ سنڀاڻ.
آھين ناھين آھ سَڀوئي، آھ نڪو اُھڃاڻ.
ڇا جي ٿيندو، ڇا جي لَڀندو، صورت وچ سُڃاڻ.
”سچو“ ٿي سَچُ آئيو، ماڳ اِنهيءَ مِھمان.

ڪافي 6
سَڀ ڪنھن صورتَ ۾ سُپِريَن، سَرتيون ڙي، ساري ڳالِهہ سَليائون.

ڏيو ٻاري سِجَ کي، ڪاٿي ڪِينَ ڏِٺائوُن.
ساڻُ روشِنيءَ سِجَ جي، پُرجهِي سِجُ پسيائون.
وحدتَ ڪثرتَ ھِڪڙي، جيئن مِينھَن ڦُڙيون مورائوُن.
”سچوءَ“ سندي نانءَ ۾، اِھڙيءَ طرحَ اُتائون.

ڪافي 7
جيئَن سِجُ آھي پِريشان، سوئي ڳولي سِجَ کي.
مَڇِلي جيئي آبَ سان، آب پڇي طغيان.
تارو پُڇي نجَم کي، موجَ پُڇي مِھراڻ.
ڦُڙي پُڇي مِينھَن کي، شاھُ ڳولي سلطان.
ھو مِڙيئِي پاڻَ ٿِيو، ڪير ٿِيا حيران!
”سچوءَ“ جي صفت ۾، اِھو باريءَ ڪيو بيان.

ڪافي 8
صورتَ سَڀ سلطان، پاڻَ ڏسَڻ آيو پَنھنجو تَماشو!

ڪاٿئين حَنبل، شافِعي، ڪاٿئِين مالِڪ، نعمان؛
ڪاٿَئِين پَٽي پوٿيون، ڪاٿَئِين پِڙھي قرآن؛
ڪاٿئين ”اَناالحق“ چَوي، ڪاٿئِين ڦيرائي فرمان؛
ڪاٿئين طفوليَت ۾، ڪاٿئين پِيرُ جوان؛
ڪاٿَئِين مِير وزير ٿيو، ڪاٿَئِين ھَنومان؛
”سچُو“ پيو صَبرَ ۾، ھوءِ حَيرتَ ۾ حَيران!

ڪافي 9
ٻانهون ڀانءِ مَ پاڻُ،
تو ھِين مالِڪ مُلڪَ جو!

”لاَ خَير فِي عَبدِي“ اِھو اَٿَئي اُھڃاڻ؛
پاڻ پنھنجو پاڻَھِين، صورت مَنجهہ سُڃاڻ؛
تون ئِي ڄاڻَندڙ سَڀَڪِي ميان، ٿِئين ڪِيئن اَڄاڻ؛
اللهُ اللهُ ڇو چَوين، پاڻ ئي اللهُ ڄاڻ؛
”سچو“ سائِين ھِڪڙو، ناھي شَڪ گمان.

ڪافي 10
آءٌ پُنهون پاڻ آھيان،
ڪاڪِيون مُنجان قاصِد ڪاڏي!

اِھا صورتَ سَمجِهي ڏٺِيَم، ساٿِي ٻِيا ڪيئَن سَنباھِيان.
ڳالِهہ پَري ھُئي، ٿِي پَئِي اوري، ڪيڏي سي ڪانگ اُڏايان.
مُدعا مَطلب ھو مِڙيوئِي، پوٿِيون سي ڪيھُون پَٽايان.
سُڌِ پَئِي مون سِر انهيءَ جي، ڪيچ ڀنڀور کي ڀايان.
”سچوءَ“ مَنجهَون ٿيو سچُ پِيدا، ڪيھون ڪوڙيون ڳالهيون ڳايان!

ڪافي 11
مون سان تون آھين آھين،
ڪَڏھن ڪِيئن ڪَڏھِن ڪِيئن!

اسان نماڻن تَئُون سُھڻَا سائين ، ھَٿ ھَٿَئون متان لاھِين.
آءٌ ڪَنِيزڪ، تون تان سائين، سڱُ نہ تَنھِن سان ڪو ساھِين ساھِين.
ڪَڏھن آرامِي ڪَرين اسان کي، ڪَڏھن بَڇين ٿو باھِين باھِين.
ڪَڏھن مَنصُوري دمُ ”اَناالحق“، ڪَڏھن ڏَسين ٿو ڦاھِين ڦاھِين.
حاظر ناظر آھين اسان سان، ڪِيئَن چوان تان ناھِين ناھِين.
اَستَغفِرُالله ڳالِهہ اِھائي، جو ڪُجهہ مُون سان تون ناھِين ناھِين.
”سچو“ جي عاشِقُ آھِين اسان جو، ٿِج نہ دردَ جون دانھِين دانھِين.

ڪافي 12

تو ۾ تَندُ تنوار،
ٻُڌين نٿِي ٻوڙِي، الا!

ڳالِهہ اِھائِي ناھي سَلَڻَ جي، خَرچين سَو لکَ ھزارَ.
ساٿِيَڙن، ميان، ڪيا ھي سَڏڙا، لاھي سَڀ مَيارَ.
دم غنيمَت جا ھِت آھِن، ڏينھَن دنيا ۾ چار.
”سَچلُ“ آکي عِشق مَنجهارؤن، تڳان تُنھنجِيءَ تار.

ڪافي 13
مَحبوب ڳولي ڏسُ مَنَ ۾،
مَنَ ۾ تون، ڏسُ دل ۾ تون.

واہَ ڪاريگر سازُ بَنايُئي،”ڪُن فَيَڪُون“ جي ڪُنَ ۾.
بي فائِدو بازارگُهمين ٿو، گُلَ ڦُلَ باغَ بَدنَ ۾.
چوريءَ چوريءَ سَير ڪَرين ٿو، تُنھنجو چاند چَمَنَ ۾.
”سَچَلَ“، سائين صَحي ڪَر ڄاتُم، يار گَڏيو ڪَکَ پَنَ ۾.

ڪافي 14
مون ساري سُڃاتِي، بازي بازيگر جِي!

مَستِيءَ مَئُون مَنصورَ جو، ٿِئين جي جَماعِتي؛
سورھيہ باسِج سِرَ تي، تون ڪُسَڻ جي ڪَاتِي؛
غيرُ نہ آڻجِ وچَ ۾، آھِين ظاھِر تون ذاتِي؛
مَتان ڀائِين پاڻ کي، تون ”سَچَو“ صفاتِي.

ڪافي 15
پاڻُ سُڃاڻڻ آيو، ڙي، سڄَڻ پاڻ سڃاڻڻ آيو.
ڪَم نہ ھُيَڙس ڪو ٻيو!

پاڻَون ڄاڻِي پاڻ سان، ھِت لَؤن تان لائِڻ آيو.
عَرش مَنجهارؤن اُلَهِي، ھِت ورھُ وسائِڻ آيو.
سولِيءَ تِي مَنصُورٿِي، ھِت سِر سَلائِڻ آيو.
مِصر جي بازار ۾، ھتِ مُلهہ وڪامَڻ آيو.
”سچو“ ري سنسارَ ۾، ھِت پير گهمائڻ آيو.

ڪافي 16
توڙي پُٺيءَ لڳي سارو جَڳُ، تان ڀي ڇا ٿيو؟
ناھي مَڃتا ۾ مَطلبُ.

نَفِي، سِري، خفي، اخفا، توڙي جاري ٿِيئي قلب.
ڳالِهيَن ڪِئي ڪِين ٿِئي، مَنصُوري منَصَب.
ڪاڻ تماشي ڪِيتَرا، پُڇن پار عَرب.
ڪَري ڏيکارين ڪيترو، عالَمَ کي بہ عَجب.
نَفلَ نمازان وردَ وَظِيفا، اِھو ڪوڙ ڪَسَب.
دائرا دَعوتَ جا ڦرِين، ڪَرين تَسخِيرات طَلب.
ٻاجَهون عشقَ اللهَ جي، ”سچو“ ٿِئي نہ سَبب.

ڪافي 17

چَئون ميان عشقا ڪِيئَن، تُون سَوين سيلَ بنائِين ٿو!
يا تُون آھِين ذاتِ ديوانو، جو ڪيڏا ٺاھ ٺھائِين ٿو.

ڪاٿئين مُلا قاضِي تُون، ڪاٿَئِين سَيد سڏائين ٿو.
ڪاٿَئِين مُغ برھمڻ تون، ڪاٿئِين ٻانگ ٻڌائين ٿو.
ڪاٿَئِين مُنھن ۾ محراب، ڪَاٿئين تِلڪ لائِين ٿو.
ڪاٿَئين تسبيحان تون سورين، ڪاٿَئِين جڻيان پائِين ٿو.
ڪاٿئين پيرين آھِين پيادو، ڪاٿَئِين بور بَڇائِين ٿو.
ڪاٿئِين منبر واعِظي، ڪاٿَئَين پوٿيون پَٽائِين ٿو.
ڪاٿئِين زربفت قبائون، ڪاٿَئِين لِيڙا لڙڪائين ٿو.
ڪاٿَئِين ڏيئِي شرعي فتوىٰ، ڪاٿئِين مَنصُور مارائين ٿو.
ڪاٿئِين ھَنومان ڪوٺائِين، ڪاٿَئِين ڏھيسر سڏَائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿئِين رام يا سيتا، ڪاٿئِين لَڇمڻ لَکائِين ٿو.
ڪاٿِئين نمرود ابراھيم ٿي، ڪيئي بيک بنائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿي فرعون يا موسىٰ، سڀ صورت ۾ سَمائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿي بادشاھ مُلڪ جو، سارو ديس دٻائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿئين غرض گداگر، ڪاٿئين ٽوليون ٽڪائين ٿو.
ڪاٿِئين مفتي تون ”خدائي“، ڪاٿئين ”اَناالحق“ فرمائين ٿو.