ھير رانجهو

داستان پھريون

1
ڇڏي ملڪيت مال، رانجهو رِڻُ چڙهي هليو؛
قسمت ڪَيُس ڪنگال، نہ تہ حاڪم هو هزار جو.
2
حاڪم تخت هزار جو، قسمت ڪيو ڪنگال؛
مسڪينيءَ جو مردَ کي، خطرو نڪو خيال؛
محبت مستانو ڪري، هھڙو ڪِيَڙس حال؛
پُڇي جهنگ سيال، حُب نہ تخت هزار جِي.
3
مالڪ اُنهيءَ مُلڪ جو، رانجهن مان راجو؛
الفت کان عطا ٿيو، ڏکن جو ڏاجو؛
عشق ڪَيم آجو، دنيا جي ڪُلَ دردَ کان.
4
مالڪ تخت هزار جو، رانجهو آءٌ راجا؛
ڪانِي مون کي قلب ۾، قربَ هئين ڪا جا؛
ڏکن جا ڏاجا، لکيا هُيَم لوح ۾.
5
شاهِي هُيم شان، دلبر پنھنجي ديسَ ۾؛
اُتان آيس اوچتو، کڻِي سورن جو سامان؛
ڇا منجهارؤن ڇا ٿِي آيس، اهو اٿم اَرمان؛
حيرت ۾ حيران، مون کي هِير هِتي ڪيو.
6
رانجهو هُيس راءُ، مالڪ پنھنجي ملڪ جو؛
اديون عشق انڌو ڪيو، پَيَڙم ڪِين سَماءُ؛
گُهورن ڪيم گهاءُ، هِتي اَچِي هِيرَ جي.
7
اَچڻ اوکو مون هُيو، هاريون آندم هِير؛
پنھنجي لِکِئي پاڻَ کي، پاڙڻ پَئي تقديرَ؛
ڪانہ هلٖي تدبير، قسمت قيد الماءَ سان.
8
جوڳيا ويسَ ڍڪِي، لاٿم سڀ لباسُ؛
پَٽ پٽيھرَ بافتا، نپٽ ڪيم ناسُ؛
ڪيو نينھن نِراسُ، دنيا جي درد کان.
9
مون کي ماءُ ڪيو، چوچڪ ڌيءَ چريو؛
عقل هوش نيو، منھنجو محبت وارئيٖن.
10
چوچڪ ڌيءَ چَريو، مون کي ڪيو ماءُ؛
پَيَڙم ڪونہ سماءُ، آيل عشق انڌو ڪيو.
11
شاه هزارِي هوت کي، محبت ڪيو ميھارُ؛
عاشقن کي عارُ، ڪھڙو آھِ قريبَ کان.
12
مور نہ محبت کان مُڙان، هتي اَچِي هاڻ؛
ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، ڳئون چاريندس ڳوٺ جون.

13
ڳئون چاريندس ڳوٺ جون، ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ؛
اها روح رهاڻ، مَنَ ڀِي ميلي محب سان.
14
ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، ڳَليين ٿِيس ڳنوارُ؛
من مون ملي يارُ، لَھنَ ڏولا ڏيل جا.
15
نورنگ ندورو، کيڙو وجهان کوهَ؛
رانجهو منهنجي روحَ، سدا وسي ٿو سرتيون.
16
کيڙي نا ميڙي، موليٰ مون کي جيڏيون؛
جَهنگ سڄو جهيڙي، تہ بہ رانجهن منھنجي روحَ ۾.
17
کيٖڙو وجهان کوهِ، نورنگ ندورو؛
دل اَٿم ديرو، هزاريءَ جي هوت جو.
18
واحدَ شالَ وجهين، چڱي چوچڪ چت؛
پَرور رکين پَتِ، سدا سِڪَ وارئين!
19
ريجهي روح رانجهي سان، کيڙو کَپَڙتالُ؛
وِڌؤن وجهٖي وچ ۾، چوچڪ ڏسُ چنڊالُ؛
مادر مِهڻا ڏئي جهجها، جهيڙي جهنگ سيالُ؛
مٺو مون مِھوالُ، مون کان مور نہ وسري.
20
هَر هَر ويٺو هِير جي، رانجهو ڏسٖي راهَ؛
ويٺو وڄائي وَنجُهلِي، چاهون تي چناهَ؛
سانڍيو وتي ساهَ، سچل سور سڄڻ جا.

ڪافي 1
جو جوڳي زلفن وارو،
سو سامِي مون تان ڪين سُڃاتو!

ڳَل ڪئي ڪفنِي دست پَھوڙا، مشعَل مُنھن مُوچارو.
انگ ڀڀوت بنائي آيو، بيک پئِي وڻجارو.
ٻئي لباسَ ڪو رانجهو اِيندو، ڇڏي تخت هزارو.
سببَ اِنهيءَ کَون ڪين سُڃاتم، ماريو مُئيءَ لئہ وارو.
سچو سُڃاتو رانجهو آهي، جڏهن جمال سَليائين سارو.

ڪافي 2
جو اڱڻ پيھِي اَڄ آيو،
سو سامِي مون تا صحيح سُڃاتو!

بيراڳيءَ جو بيٖک ڪري، تنھن ڪيڏو هنر هلايو!
سَر جهَٽائون جوڳِن واريون، تنھن لِڱين بسمو لايو.
مُرليءَ مست آواز اُنهيءَ جي، منھنجو روح ريجهايو.
رانجهو تخت هزاري وارو، موليٰ آڻي مِلايو.
عطر عبير اِنهيءَ جي ڪارڻ، مون تا مُشڪ مَلايو.
پياري هِي سِر پاڻون ڄاڻي، سچوءَ کي سمجهايو.

داستان ٻيو

1
لوڌي ڪَڍيائون لوءِ مان، رانجهَنُ رمزدار؛
جاٽي هليو جان تي، جوڳن جو جنسار؛
مُرلِي مَڻيادار، چوريون وتي چاهَ مان.
2
اَلستِي آواز ڪو، منھنجي ڪَن پيو؛
هِردي اندر هِيرَ جي، آهي ڪونہ ٻيو؛
مُرليءَ مست ڪيو، جوڳيڙن جي جيڏيون.
3
ڪاريھَر قتِيلَ، گودين وڌا گودڙئي؛
مَنڊيو وتي مَنڊن سان، نانگ نسورا نِيلَ؛
رانجهَن جي رسِيلَ، مُرلِيءَ مستانا ڪيا.
4
مُرلِيءَ تي تنهن مَردَ جي، کنيا ڪاريھرن ڪَرَ؛
ٻِرَ ڇڏي ٻاهر ٿيا، نِيلا نِڪري نَرَ؛
زهري منجهہ زهَر، جوڳِيڙي جهَٽي وتا.
5
جن کي اَديون اوچتي، ڪاٽيو ڪاريھَر؛
تَن جي خاص خَبَرَ، جاچيو جوڳيڙن کان.
6
جاچيو جوڳِيڙَن کان، تن جي خبر خاصُ؛
نانگن ڪيا ناسُ، سِنگهَڻ سان سَوَن مٿي.
7
ٻِرَ مان ٻاهر نڪري، ڪاري کنيا ڪَرَ؛
ڏَرُ اِنهيءَ جي ڏَرَ، جھِين ڏَرُ نہ ڏيھ ۾.
8
سَپ سُڃاتئون ڪِين ڪِي، جوڳن ماري جکَ؛
جَنين سِنگهيو ڪَکَ، سَڀاڳا سي ئِي ٿِيا.
9
ڪُنڍَلَ ڪَنَن ۾ وجهِي، خان ڇڏي خانِي؛
جوڳيسَرُ جانِي، راوِيءَ طرف رَوِي هليو.
10
راوِيءَ طرف رَويو، جوڳيسَرُ جوان؛
هيڪر هِيرَ اُڪيرَ ۾، مَرد ٿيو مستان؛
سورن جو سامان، سچل ساڻ کڻِي هليو.
11
ڇڏي چاه چنابَ جو، راوِيءَ ڏانھن رويو؛
مُرليون سُرليون، ونجهَليون وڄائيندو ويو؛
ٿانِيڪو ٿيو، سو نانگو نورنگ پُر ۾.
12
جوڳي آيو جُوءِ ۾، مَرڪڻو مَڻدار؛
مرلي مستانا ڪيا، جنھن جي لک هزار؛
ڪاريھر ڪَرَدار، نِيلا ناٿَ نوائِيا.
13
منڊَڙا، مَڙهي، جوڳِي آيو جوءِ ۾؛
پڙهيو سو پڙهي، مَنڊَڙا محبوبن تي.
14
تُنبيون تَن تَڻي، جوڳي آيو جوءِ ۾؛
ڪنھن جي قُربَ ڪڻي، رانجهو روليو رُڃَ ۾.
15
نيٽِيءَ نورنگَ پور ۾، ويھڻ وھُ ٿيو؛
ڏوراپا نہ ڏيو، جنھنجو چاھُ چناهَ سان.
16
نيٽيءَ نورنگ پور ۾، ويھڻ ٿيو وھُ؛
قِسمَت ڪاريا ڪَمَڙا، مانڍيءَ لڳو مِنھُ؛
ورهَؤن ڪَڍي وھُ، ورهہ سندي واسِينگ جو.
17
هاريءَ ٻڌي هيرَ، مُرلِيءَ ڪَئي مَگنُ؛
سچو وسري ڪِين ڪِي، ويچاريءَ وَچَنُ؛
لانگوٽيءَ لَگنُ، لِکيو جنھن جو لوحَ ۾.
18
هُتي ڪير هُيس، هتي آهيان ڪيرُ!
سالم اهي سيرُ، سچل سِڪَ ڪَرائِيو.

ڪافي
آءُ اسانجڙي ديري،
توکي گهڻو ساريان ٿي.
نا تہ مُحب مَران ٿي.

تون تا ميڏا، مين تا تيڏي، کُھ گهتان سڀ کيڙي،
هِت گهُنگهر گهاريان ٿي.
اَڱڻ ساڏي آءُ پيارلَ، لَهہ پَوَن سڀ جهيڙي،
تولئہ هَنجُون هاريان ٿي.