نوري

داستان پھريون

1
تون سَمو سردار، آءٌ ميئي مھاڻي آھيان؛
تنھنجيءَ شفقت مِھر جو، آھي ڪو نہ شُمارُ؛
گنديءَ گاندَر گهر کان، ڪيو ساري عالم عارُ؛
مٿي تَنھن مَدارُ، تو ساريءَ ڪينجهر رکي.
2
تون سَمو سائين، آءٌ ميئي مُھاڻِي آھيان؛
مون لَڄ رھائين، جو پَلءِ لڳيس تانھنجي.
3
آءٌ ميئي مُھاڻِي، تون سَمو ساري سَر جو؛
قرب منھنجو ڪھڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛
کارِي سرِ کنيم ٿي، ڇِڇيءَ، کِکِيءَ ھاڻِي؛
راجا تنھنجي راضَ سان، ٿيس راڻِنِ جي راڻِي؛
تو سَما سِيباڻِي، نہ تہ ھيس بيھودي بڇڙي.
4
ڪلسا ڪلوري، ڪِنَ ڪالورا ڪينجهرين؛
پيھي وڃي پَن ۾، ڪَنِ ٻُڪين ٻُوري؛
روز تنِي، کي راوَ ڏنھن، ٿيا چانور آئون چُوري؛
جي ھيون اڌوٻَنڌ ۾، سي ڪن ڪپڙا قصوري؛
ھيٺ مَٿي تَن ٿي، ڍڪيون سالان سموري؛
واسِيا وتَن ويسَ ۾، ھُيَن کُھنبي کَٿُوري؛
ڇڇِيءَ کِکِيءَتارِ جي، سي اَپَر عَطوري؛
ٿِي مُلڪين مشھوري، سَمي جي سُھاڳ جِي.
5
پيرَ آئون مُنھن نِيرا، پاڻيءَ پوندا جَنِ ھئا؛
سي اڄ ٻَڌيو وتن سِرَ تي، چاھ منجهؤن چِيرا؛
ماڻِڪَ موتي مُنھَن تي ھٿ تَنھين ھيرا؛
ڪاتَ سڀئِي ڪِيرا، سُگهَڙ سَمي ڄامَ جا.
6
وَھين وَھلَ لَپيُون، ٿي پيٽَ پاريا تنِ جا؛
ڏنيون ڏُٿ ڏُپَ جون، ٿي جهَٻيرن جهپيوُن؛
کِکيءَ خاطِر ڌَٻيريون، ڌُٻَن منجهہ ڌپيُون؛
جي کائِن پَٻڻِ پَپيون، سي چُوريءَ تي چَريون ٿيون.
7
جي جهاڳيون وتَن جهاڳَ، ميئون ڪارڻِ قوتِ جي؛
سي اعليٰ درجي آنديون، سَمي جي سُھاڳَ؛
مَنڇر مَھا وچ ۾، ڪَن رنگيليون راڳَ؛
ھُئا حال جنين جا ھھِڙا، تَن تي ڀلي ڪيا ڀاڳ؛
ڪينجهر ٻن ڪنڌين جي، ٿي ھٿ اُنھن جي واڳَ؛
ھِيرا ۽ ياقوت ٻيا، اَڄ اُنھن وٽ اَجهاڳَ؛
ٻيا ڀِي لَکين لاڳَ، تنھن ڏُليُن کي ڏيئي ڇڏيا.
8
بيحد ڀڳوڙيون، ھُين ڊولِ نہ ڪنھن ڊونڊيون؛
ناپي ڏُٿ آئون ڏُپَ جون، ڪن خرارين کوڙيون؛
ٻُوريءَ ڦرھا ڦَريون، اچن ملاحيون موڙيون؛
جوڙيون سڀ جوڙيون، ڄامَ تماچيءَ تن جون.
9
ڊولِ نہ ڪنھن ڊونڊيون، پَر ھُيون سَمي جي سھاڳَ تي؛
ڪينجهر سنديءَ ڪنڌئين، ڪَنَ ٽوريون آئون ٽونڊيون؛
چِڪَ جيھون چونڊيون، ٿو ڄام وھاري وَٽِ ۾.
10
ھُيون لَڱين ليڙيون، مُنھن نہ موچاريون؛
سي ٿو ڄام وھاري وَٽِ ۾، ڪري ملاحن ميڙيون؛
ٿو ڀڳيون جوڙائي ڏئي، ٻَھڳڻ تَن ٻيڙيون؛
وٺن ماڻِڪ موتئين، تنھن کؤن جهَٻيون ۽ جهيڙيون؛
توڙي اِھڙيون اَويڙيون، تہ ڀي سَمي ڄام سُھائِيون.
11
جَن ٿي پالِيا پيٽَ، ڪُمنَ ڪالورَن سان؛
سي ٿا تيل ڦليلَ سان، ٿيون مَلائِن ميٽَ؛
ڄام جواھِر جي ڪري، ٿو اُنھن پارِ اُميٽ؛
ڪَئي لاکِيڻي ليٽَ، سَمي مير مُھاڻن ڏي.
12
ھئا وڏا جَن تي ويلَ، ٿي قوت مِليُن ڪين ڪِي؛
خاصين سي خوراڪن تي، تان ڪَن مُھاڻيون ميلَ؛
مِڙي جُڙي پاڻ ۾، ڪن سيلابين سيلَ؛
پوءِ لاٿا ڄام لُطف سان، زبونِن تَؤن ذيلَ؛
تن سي تيل ڦُليلَ، اڄ عطر گاڏڻَ اوتيا.
13
جَنھين اَڌوٻَنڌِ، ھُئي عُمر سَڀائِي اِھڙي؛
سي سَمي جي سُھاڳ تي، آيون ڏاڍي اَنڌِ؛
تنين جي طولان جيون، پيون ھاڪان ھنڌو ھنڌِ؛
ڏُلِيون ڏوليين چَڙھيون، پيرين پَوَن نہ پنڌِ؛
سَڀ اَندامين سَنڌِ، جَڙيون جواھِر ۾.
14
چولِيون جَن چِڪِ ھُيون، اَڄ ٿيون لالين لائُو؛
جُتيون جَڙائو، پايون وتَن پيرَ ۾.
15
نوريءَ نادرڄامَ کي، ڪي چَکايون چاٽيون؛
تنھن کي ڏسڻ سان ڏياريون، ڪنھن ڦِڪَل ڦيراٽيون؛
وٽان سو واٽيون، ٿو ڏئي ڏھاڙي اُن کي.
16
ھون مَڪَ ھِڪَ تُرارُ، چار تُرارا موتِئين؛
تنھن برابر نہ ڏيان، توڙي ڏين جال جَوھارُ؛
جو پلءِ پِيڙو ھھڙو، مھاڻِيءَ مَڻيارُ؛
تنھن مَرُ ڪينجهر ڀَرِ قَرارُ، جنھن ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.
17
تارازيءَ جِي توري، مَڪ موتِنِ تي نہ ڏيان؛
ٻيڻا ٽيڻا نہ وٺان، ٿوري نہ ٿوري؛
گهوري آءٌ گهوري، جو ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.
18
مَڪَ برابر نہ ڪريان، ماڻِڪَ موتِنِ ساڻُ؛
سَمو ڄام سُڃاڻُ، جنھن ڄارو ڄام ڪُلهي ڪيو.

داستان ٻيو

1
مَٿي جَن مُوڙا، ھئا ڄارين گندئين گودڙئين؛
بئنسر بئينان زر جا، تن جهاٻا اَئون جُهوڙا؛
جَن ٻانھين ڪُلهين ڪِين ھو، تَن چُوڻِ تائين چوڙا؛
سمي جي سھاڳ سان، تن ننگن نپوڙا؛
ڪوڙيون ۽ ڪؤڙا، سچا سمي سڀ ڪيا.
2
رنگ ڪاري روُيون، ھيون مڙني مَلاحَن جِيون؛
سي کنيون کارَن ۾ اَچن، دَرا ۽ دُويون؛
جِت بيحد بدبُويون، اُت الله عطر اوتيا.
3
ھڪ دَرا ٻي دُوءِ، پيون گوجان مارنِ گانگَٽيون؛
تَن مون کِکيءَ جِي اَچي، برابر بدبوءِ؛
اچي مُشڪ عطر جي، اَڄ منجهانئن خوشبوءِ؛
رنگ سوني جِيءَ رُوءِ، صورت انھين سُوھڻي.
4
منھن مِٽيءَ ميريون ھيون، بيھوديون بڇڙيُون؛
گهِڻ گهِڻ نورِيءَ گهِنگِرو، ڇِم ڇِم ٿيون ڇيريُون؛
سمي پاڻ سھاڳ ڏئِي، ھِي جي ھُنَ ھيريون؛
لوھاڻِيون لوريون، پارسَ لڳي سون ٿيون.
5
پارس لڳي سون ٿيون، لَوھاڻيون لوريون؛
جَهلَ جهُڳن کي ڪانہ ڪا، وَريون ۽ ويريون؛
محلين رَھن ميرَ جي، مُھاڻيون ميريون؛
سمي ڏنا سُھاڳ کي، سَھجَ ۽ سيريون؛
ڪوجهِن مان سھڻيون ٿيون، جهٽ پَٽ جهٻيريون؛
تماچيءَ تيريون، ڪينجهر جون ڪِنيون کڻِي.
6
مُنھن مِٽيءَ ميرا، ھئا بيھودا بڇڙا؛
سمي جي سُھاڳ تي، ٿيا گاندرَ گُنيرا؛
ڏسو ڏھاڙي ڏئي، ٿو در تنين ديرا؛
ساجهُر سويرا، ٿا کائِن طعام خوشيءَ سان.
7
تَرڪو جَن تَريون، ٻيا ڪونئر ڪُڙھيون ڪَڇ ۾؛
تَن اَڄ لَڙھان لَڙڪن موتئين، ٻيون سنديون سون سريون؛
زيور اَئون پازيب ٻئا، زري بافَ زريون؛
ڪينجهر ٻئِي ڀَريون، اُنھن کي انعام ٿيون.
8
جَنين دُوءَ دَرا، ڪَڇين ڪُمَ ۽ ڪُوڻيون؛
سي مٿي پيرين بَرھنہ، ھئا گانَدرَ سَڀُ گَرا؛
اُھي پاھان پاڻ ڀَرا، ٿيا سمي جي سُھاڳ سان.
9
جي ڪونئر ڀَرن ڪُمَ، تن ناتو ناپي سان ھئو؛
تَرِن جا تن تار ۾، ٿي رَوان ڪِيا رُم؛
پوءِ اچي تماچيءَ ڄام جي، پئي در تنين جي ڌُم؛
جي ھئا گوشائت گُم، سي پلءِ لڳي پَڌرا ٿيا.
10
بِھَ ڏوڏا جَن ڏاجُ، قوت جنين ڪُمَ ڪوڻيون؛
انھن جو اَحتياج، ٿو تماچِي ڪيڏو ڪڍي.
11
نہ ڪنھن رُوءِ نہ رنگ، ھئا بيھودا بُڇڙا؛
اَڄ پڻ انھن جي ٿيا، پيرن ھيٺ پَلنگ؛
مِياڻيون معافي ٿيون، نہ اَبوابَ نہ اَنگَ؛
پَٽُ اوڍين اَڙٻنگ، سي سَمي جي سُھاڳ تي.
12
پوءِ ڪِيُون لَسَ پَلا، ٿي مُھاڻن ماريا؛
لَکَ ھزارين حاڪمين، ٿي کاڌا تَن کَلا؛
ڪُڙھِيون جن ڪَنڌن تي، سي ٿيا لڳي ڀاڳَ ڀَلا؛
دمڙي تَن نہ دَستَ ۾، ھئا ٺھريَل ڪين ٺَلا؛
اَڄ مَيئن جي گهر مالَ جا، ٿيا ٿَم ٿَلا؛
پَر ھُيڙي اکڙين ۾، ڪا جا مِيَي ڪَلا؛
ڪينجهر گهُمن لاڏڪِيون، ڪَيون رسَ ڪَلا؛
اَگلا جي سَگلا، سَمي نانوَ سُڃاڻبا.
13
حَريران ۽ حُلا، ڏنا ڄام تہ ڄارِنِ وارئين؛
جي ھيون اَڌو ٻنڌن ۾، تَن چوتِيون چُوڪُلا؛
ڪينجهر سَنديءَ جاءِ تي، تن بنايا بَنگلا؛
اَگلا جي سگلا، تا سَمي نانو سُڃاڻبا.
14
ڪينجهر سنديءَ ڪَنڌئين، رھن ڀريون جي ڀَڀُور؛
تن ميئن مٿي آئيا، سالو ۽ سالُورَ؛
چڙھيو سا چَؤڏول، ٿي حُڪم ھلائي حُورَ؛
راتو ڏينھان راءَ جا، ٿيا مَلاحين مَذڪور؛
سي حاضر منجهہ حضور، وھن تماچِيءَ ڄامَ جي.
15
تون سَمو سرتاجُ، آءٌ ميئي مُھاڻي آھيان؛
لاٿَئي پنھنجي لُطفَ سان، اسان کؤن اَحتياجُ؛
ڪينجهر سارو تو ڪَيو، مون مييءَ سندو محتاجُ؛
تنھنجو مون ڏنھن راج، مون ڪيھي ڪاڻ ڪُڙم جِي.
16
لانگوٽيون لاشون، ھيون وَھَ وَھلَ جي وچ ۾؛
سي پلءِ لڳي پوءِ ڄامَ جي، ٿيون خوراڪين خاشيون؛
لَعلَن ياقوتن جون، وَٽن ڪينھن ڪَماشون؛
جن پاسا ھِريل پَنِ تي، تَن فرشين فَراشون؛
تا ڀِي تماچيءَ کي، ڪن طرحين تلاشون؛
روءِ ھيون راشون، پَر سمي ڄام سُھاڻيون.
17
ھئا خامَ خسِيسَ، ڪينجهر سنديءَ ڪَنڌئين؛
سي مورائو مَڇيءَ جا، ھَم ڪُل حريصَ؛
تڏيون تنؤريون تن کي، پاٿاريون سڀ پِيسَ؛
جڏھن ٿِي تماچيءَ جِي، ميئَن سان مجليسَ؛
سي سون رُپي سرسا ٿيا، لَٿن ھڪ ٻئي جي ھيسَ؛
واتين ڪري ٿو اُن جِي، ھر ھر ڄامُ حديثَ؛
مھرَ آئون شفقت جي، ڏئي اُنھن کي آسِيسَ،
تَن سان ڪير ڪَريندو ريسَ، جي سَمي ڄام سُھاڻيون.
18
جن واتين وَھُ وھَلَ، بانس آئِي ٿي بُڇڙِي؛
تَن ويھاري وَٽِ ۾، ڪيا شاھ شُغل؛
اُھي چڙھيا پالڪئين، آھي سڀُ سَھَلَ؛
جتي جهَٻيرن جهوپڙيون، ٿيا ماڙيون تِتِ مَحَلَ؛
سمو ڄامُ اَنگَلَ، اَچيو اُنھن سان ڪَري.
19
ڇڇِيءَ جي ھُئي ڇَٽَ، ٿي آئِي عام خلقَ کي؛
وَھِ وڃائي وَھَ ۾، ميئي مڃائي نہ مَٽ؛
نوري ڄام تماچيءَ سان، کِلي چڙھِي ھُئي کَٽَ؛
سر لاڄو سَرپَٽ، مَلاحِڻَ مشرو ڍڪيا.
20
جنِين ڦاٽوڙيون ھيون، گنديون گودڙيُون؛
تَن ڀيريون بافتن جيُون، جُنگ ڏئِي جوڙيُون؛
اُڇليو اُنھن ڏي وجهي، سون رُپو روڙيُون؛
پانوَ پاسي ميَي جي، قَناتان کوڙيُون؛
گهوڙا ۽ گهوڙيون، ٿو ويٺو ڏيھاڙيون ڏئي.

داستان ٽيون

1
نوريءَ ڪيو نازُ، ٿِي ريجهائي راوَ کي،
نِت نِت ڄام نيازُ، ٿو اَچيواُنھن جو ڪري.
2
تون تماچي ڄامُ، آءٌ ميئِي مُھاڻِي آھيان،
ڏنو تو آرامُ، ڪينجهر ٻِن ڪنڌيُن کي.
3
تنبوءَ جي طَنابَ، اڄ کُتي ڪينجهر ڪنڌئين؛
ناد وڄن ٿا نادرِي، ٻيا ڀِي رودَ رَبابَ؛
جِتي کِکيءَ کوڙَ ھئا، قيما تِت ڪبابَ؛
وَتن مُھاڻا مستُ ٿيا، ماڇِي بي مھابَ؛
تَن تؤن سڀ حسابَ، مورائِين معاف ٿيا.
4
پَلَئہ مون پاتوءِ، تون راجا لَڄَ رَھائيين؛
سَما سُڃاتوءِ، ڪاملَ پنھنجي قُرب کي.
5
ڏُٿُ جَنين ڏوڏا، پَھرڻ پاٻوڙا تَنين؛
پيٺا وَڃن تن جا، گَپَ اندر گوڏا؛
سو پَٽن جي پِينگهُن ۾، تن لالُ ڏئي لوڏا؛
اُھي آڻيون اوڏا، ٿو وير وھاري وَٽ ۾.
6
ڪوجهيون رنگ ڪاريون، منھن نہ موچاريون اُھي؛
سي ڪڍيو ڪالورن جِيون، سِر کَڻَن کاريون؛
ڪيئي کڻي اُن جيون، ٿو تماچِي آريون؛
سي اَڄ سالون ڍڪِن سِرَ تي، ڪُلهين ڪِيناريون؛
زور ڇڏي زاريون، ٿو تماچي تَنِ کي ڪري.
7
لاڏڪيون لاڏ لُڏَن، ڪينجهر سنديءَ ڪَنڌئين؛
ڪاريون ٿِيون ڪُڏَن، سَمي جي سُھاڳ تي.
8
ڏُلِيُن کي ڏولئين، ڄامَ تماچيءَ چاڙھيو؛
لَعلان زمردَ تَن ڏئي، ٿو جواھِر جهولئين؛
زريءَ ڪَلاباتَ جا، تَن چِڪَمَ تي چولئين؛
ڇڻڪائي ڇولئين، ھيرا لَکان لَکنئين.
9
ھئا لانگوٽِيا لَول، ڪوجها ڪنھين نہ ڪَم جا؛
تَڏي مَڏي ڪانَ تَن، سي ڪَن جهَروڪين جهُولَ؛
فَرش فُروش اَئون غاليچا، ٿو ڏئي تَنين کي طُولَ؛
مَڏيون مال ڏسي اُھي، غمزا ھڻن غُول؛
قَدرُ تَن کي ڪھڙو، جي آھن اولَجَلُولَ؛
پيا اِھڙي منجهہ اَلُولَ، تِن ڄاريون ڄار وساريا.
10
ڪؤنر جَن ڪُڙھيون، ھُيون ھميشہ ھَٿ ۾؛
سي لوڙھن جي لَڙھ لءِ، ٿي لُڙئي منجهہ لُڙھيون؛
جهُڳن جهَل نہ اُن جي، ڪونتلَن ڪُڙھيور؛
ڪي وَتَن ڇيڪ ڇُڙھيون، ڪي تازي طَويلن ۾.
11
ھُيون لَسَ لانگوٽيون، پاڻِيءَ پوندي جن جيُون؛
تَن مِياڻيون معافِي ٿيون، ٻِي ڇَر سَڀا ڇوٽيُون؛
اُن جون کڻي ڪيتريون، ڄام سَمو ٽوٽيُون؛
جو ميئون ريجهائي راوَ کي، ماڻَن سان موٽيُون؛
کَريون جي کوٽيون، تہ ڀِي پيون پلئہ ڄامَ جي.
12
ٿي پُڻ ھُوءِ ھُپيون، پورھيو ڪَندي پَن ۾؛
لِيڙَ نہ جن لِڱن تي، ٻاھين ڪَنين ٻُٽيون؛
پَلئہ لڳِي پوءِ ڄامَ جي، ڇِيھن کانءُ ڇُٽيون؛
اُنھن لانگوٽِنِ لُٽيون، ٿي مُھران لَعلان لاڏَ سين.
13
بيھودا بي آب ھئا، اڳي ڪينجهر ڪنڌئين؛
پَلئہ لڳي پوءِ ڄام جي، ٿيا تنھن جا جوڙَ جوابَ؛
ٻِيا سَڀ حرفَ حسابَ، مَلاحَن معافِي ٿيا.
14
پيرين اُگهاڙي جي گهُميون، تن لڳيون سَو سُتيون؛
ساڻ جڙاوَ جُتيون، ٿي ڏنيون تماچيءَ تن کي.
15
مُھاڻيءَ مَرڪُ، جان تماچي طُريلُ ٿيو؛
مَٿي مييءَ گلابَ جو، ٿو اوتي پاڻ عرقُ؛
ڪيائين ڪونہ فَرقُ، پاڻ گڏيائين گاندرين.
16
جَنِ مَون بُڇڙي باسَ، آئِي ٿي عامَ کي؛
تن سان سَمي ڄامَ جا، ٿيا ايڏائي اِخلاص؛
ٿي عامَ نہ ڏٺو جن ڏي، سي ٿيا خاصاً خاصُ؛
عطر عَنبير ڪچور جا، اُھي وَڳين ڏيَن واسَ؛
لَکين ڪن لباسَ، زريءَ آئون زَربافَ جا.
17
تون سمو سُلطان، آءٌ ميئي مھاڻي آھيان؛
تون مون ڏنھُن مِھربانُ، مون ڪيھي ڪاڻ ڪُڙم جِي.
18
ڪَڍيو ڪالوڙا، ٿي آندئون اَڌوٻَنڌ ۾؛
جن پيرين لِتَر ڪونہ ھو، سي ڪن جڙائو جوڙا؛
تن مُھران سون سَمو ڏئي، ٻيا رُپي جا روڙا؛
ڏيھن ۾ ڏوڙا، ٿئا سَمي جي سُھاڳَ سان.
19
ٿِي لانگوٽِين لوڙَ، پِيو ڍويو ساريءَ ڍَنڍَ ۾؛
ناپي ۽ ڏُٿ ڏَپَ جا، آڻيو ڪَنِ اَروڙَ؛
تتي مُشڪَ عطَر ٿيا، ھئا جِتِ کِکيءَ جا کوڙا؛
سي ڪن ڪِينارئين ڪپڙا، ٻيا جواھِرَ جوڙ؛
مَٿي ٻَنديءَ موڙ، گهِڙيو تماچِي تَن ۾.

داستان چوٿون

1
مَڪَ برابر نہ ڏيان، توڙي ڀَرين موتئين ماڻِ؛
جو مون ڪميڻيءَ ڪاڻ، ڄارو ڄامَ ڪُلهي کنيو.
2
ڄامَ کنيو ڄارو، مُرڪِي مَلاحن جو؛
تيلھان مَڪَ مٿي موتِن جي، ڏيان ٽِيڻو تُرارو؛
سڀ ڪينجهر ڪنارو، مُھاڻن معافِي ٿيو.
3
موتي مٿي مَڪَ جي، وٺان نہ ٻِيڻا؛
ڀِي برابر نہ ڪريان، جي ٻيڻا ڪِي ٽِيڻا؛
اَسين تا ھِيڻا، پَر ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.
4
مَڪَ موتين تي نہ ڏيان، توڙي ھُئن ڀاتون ڀاتِ،
ڪوجهِي مان ڪَم ذات، پَر ڄارو ڄامَ ڪُلهي کنيو.
5
پَلئي لڳِي آھيان، آھِيان اَياڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ڄرو ڄامَ ڪُلهي کنيو.
6
ھئا ٽولا ڪين ٽوٽَ، پر نادر ڄام نوازيا؛
جَن ناپا لوڙھ ڪَلور ٻيا، ٿي ڦَڪيائون ڦوٽَ؛
سي اڄ کِيا وَتَن خمارَ ۾، اَٺئِي پَھرَ اَلوٽَ؛
ڪينجهر ٻِن ڪنڌيُن ۾، ٿيا لانگوٽيا، لَک لوٽَ؛
پينگهن آئون سُک آسڻَين، ڪَن جَهٻيرا جهُوٽَ؛
ھِڪُ ڪُلهين ڪونئر سئيل ڪَن، ٻيا منھن لائِن منھن سُوٽ؛
ڇِڇيءَ ھاڻن ڇوٽَ، ڪيون مَرد مِياڻيون.
7
جن ٿي ڦَڪيا ڦُٽَ، ٿيا ڪُلين قيمَن ھيروان؛
اَڄ تَن دُشالا سِرَ تي، ٻيون شالون ٻنڌَن ٻُٽَ؛
زمرد آئون ياقوت جِي، ٿي لَعلين ھيرين لُٽَ؛
سَمي سڀ معافِي ڪئِي، تَن ساٽِن تان سَٽ ڪُٽَ؛
لَٿا ذِيل اُنھن تَون، ٻي ڪُلِي ٿِين ڇَرَ ڇُٽَ؛
عيبَ ڏسِي عامَن جا، ڪيائين ڪان اُپَٽَ؛
اُنھن ڄامُ اُکُٽَ، موتي ماڻِڪَ ٿو ڏئي.
8
ھيٺ مٿي پوتِي، ماڳين مھاڻِنِ کي؛
پاڻيءَ پوندي تَن ھُئي، چِڪَ جيھِي چوتِي؛
اڄ گاندرِ سِر گلابَ جي، ٻي عطر عنبر اوتِي؛
مُنھن لَڳُس موتِي، تان جهولي ٿِي جواھِرَ ۾.
9
ڄارو ڄام کڻي، ٿو مُرڪيو مَلاحن جو؛
زريءَ آئون زرباد لَئي، ٿِي ڇُڳير ڇَڻي؛
سَھجَون سون رُپا ڏئِي، ماڻِڪَ ميَي مَڻي؛
خِيما خوب قناتان، ھيجَون تِتِ ھَڻي؛
ڳاڻاٽي نہ ڳڻي، ڏي جالَ جواھَر تَنِ کي.
10
تماچِي طُرا، ٿو سڏيون ٻڌائي اُن کي؛
سي شوق وَتن شِڪار تي، کنيو زور زُرا؛
ڪُڌائِينِ ڪُرا، سي ٻنهي ڪينجهر ڪَنڌئين.
11
راتو ڏينھان ڏِپَ، ھو مَرَڪُ مَلاحن جو؛
ٿي ٻوڙيون وَھَ وَھل ۾، ڪئِي جَهٻيرن جهِٻَ؛
ھو روز جَنين جي رِٻَ، سي اَڄ ڪُلين حلون ھيروان.
12
مُھاڻِيءَ جي من ۾، نہ ھو گِيرَبُ نہ گاءُ؛
نيئن سان نازَ ڪري، ريجهايائين راءُ؛
سَمو سَڀنِي کانءُ، وَٺي ويٺي پاڻ سان.
13
ھُئِي ويٺي بازر وچ ۾، ھُئا ھٿ کِکِيءَ ھاڻَس؛
دَرَن ڪاڻ دُٻَن ۾، ٿي ڀَنَ وِڌا ڀاڻَسِ؛
ھُئي مُھاڻِي ماڻَسِ، پر ھِن سان ڪَرم ڪَريم ڪيو.
14
ٻيون ڀِي چار چُري ھَليون، ٻڌي دعويٰ دانايُون؛
”ھلي تہ کِکيءَ کوڙ سان، ڳَچ ڪِي ڳالهايُون؛
مضمون ڇا ھي مَلاح جو، جنھن سان راءُ کڻي رايُون!“
نوريءَ اَڳِيون نازَ مَون، جڏھن چِٽِ اکيون چايُون؛
تڏھن سُھمجي سايون، ٻولينديون ٻاتِيون ٿيُون.
15
لَٿو لانگوٽين جي، پَکي ڄامُ ڄُلِي؛
مَنَهن مَنَهنِ پيون مَسندان، جهُڳي پاس جهُلِي؛
ماڻِڪَ ۽ موتئين، ڇولِي ڇولِ ڇُلِي؛
ڪِنجهرُ سڀ ڪُلِي، ڄَڻ اَصليءَ کنؤن اَھڙو ھئو.
16
فارغ ٿِيَن نہ فِراقَ کَؤن، ويجها ڪين وصالَ؛
گُم ٿِيڻ کَؤن گم ٿِيا، نَڪا سُرت سنڀال؛
اتي قِيل نہ قالَ، ”سچو“ صُمءٌ بُڪُمءُ ٿيا.