ڪافيون (حصو ٽيون)

ڪافي 121
اهو بَر ڀِي بازر آھِ، جتي ديرو دوستَ جو!

ڏونگرُ ڏولِي ڀائيان، سپيريان جي ساءِ!
چُمنديس چَپَن سان ميان، سندِي جانب جاءِ.
محبت محبوبن جي، ڪاري هينئڙي کي هاءِ هاءِ.
ويٺي ڪانگَ اُڏايان، لَکين لالن لاءِ.
مون کي ڪيچَ وَڻن ۾، نيئي پانڌيَڙا پَهچاءِ.
ساٿِي سُپرين سان، هِيءَ گداگر گڏاءِ.
سَچُو سَڄَڻن کي ميان، پاند ڳچيءَ ۾ پاءِ.

ڪافي 122 *
ڙي جيڏيون، هاڻي گهوريو، هوتن رِيءَ سارو شهر ڀنڀور!

لائيندا وو لطف سان، هِن ڏکيءَ کي ڏور.
هَيءِ هالاڻي اُن جي، شعُلي وڌڙو شور.
مِنت نہ منھنجيءَ موٽيا، زاري نہ آهي زور.
دَرَسَن ساڻ دفع ٿيو، سندو هِنيڙي هور.
سچو سندن راهَ تي، هِڪَ جفا ٻيو جور.

*(هيءَ ڪافي 122، سسئي داستان نائون ۾
ڪافي 8 طور شامل آهي.)

ڪافي 123
حال معلوم تو کي هٖي ئي، آءٌ تا وسِ نہ ويٺياس!

پرين تنھنجي پار ڏي، قاصد مُنجان ڪيئِي،
ايڏانھن منھن ڪيو بيٺِياس.
ڇڏي وڃ نہ ڇپرين، مُنج دلاسا ڪي ڏيئي،
تنھنجي محبت مارياس.
چئي ٻڌايان سرتين، هن سٻاجها سي ئي،
آءٌ تا وار نہ وسرياس.
پاڻئون پري نہ ڪري، آءٌ پٺيءَ اوهان جي پيئي،
تنھنجي پَکي نِي پيٺياس.
ساٿي ڏيج سچو اِهي، نياپا تون نيئِي،
آءٌ تا گَهڻو اُڪنڊياس.

ڪافي 124
منھنجو پَنڌڙو پَھُ آهي، ڀَلو سرتيون سانولَ ساڻ!

سو تا ڇِنَڻ جيھو، اَصل کَون ناهي،
آهي سَڱ تہ پُنهونءَ ساڻ.
ايندو، اَٿم آسَرو، آسَر هَڏ نہ لاهي،
ٿيندو مُئيءَ جو مِھماڻ.
ڇڏي شھر ڀنڀور کي، ڪيچ ويندي هيءَ ڪاهي،
لڳم ٻاروچي جو ٻاڻ.
هِيءَ ڪَميڻِي ڪوڙِي، سڱ ساڻن ساهي،*
پر پرين ڏسندا پاڻ.
سچو ڄاڻ صحيح ڪري، توڙي باب سَندن هِيءَ ناهي،
تہ ڀي نيندا سٻاجها ساڻ.

(*ڪافي نمبر 665، سُر بروو 210، رسالو سچل سائين مرتب علي قلي بيگ.)

ڪافي 125 *
منصور سوريءَ تي چڙهيو، هر ڪنهن چيو ٿي واه واه،
عاشق اتي ئي سر ڏنو، اَناالحق ٿيو سڀ ساه ساه.

عشق اچي نعرو هنيو، ٿيس سڀائي باه باه.
نظر مون کي هادي آيو، ٿيو سوئي الا الله.

عاشقن سُرڪي جا پيتي، ٿي سڀائي هو هوا،
منصور، شمس تبريز پارن، هٿ ڪياؤن جاه جاه.

ويا سمنڊ ۾ ڏيئي ٽٻي، سارو لڌائون سُڌ سماءُ،
الف سان جي گم هئا ٿيا، ڪُل شيءِ هرجاءِ جاءِ.

سچو ڏسڻ سان سُرخ ٿيو ۽ تخت تي هو شاه شاه،
رچي اُتاهون لعل ٿيو، سارو اهو هو خود خداءِ.

(* ڪافي 125 کان 129 تائين پنج ڪافيون، علي قلي بيگ صاحب جن جي مرتب ڪيل رسالو سچل سائين تان کڻي هتي شامل ڪيون ويون آهن. ٻنهي رسالن کي ڀيٽڻ بعد اهي ڪافيون شامل ڪيون ويون آهن، جي رسالي ۾ اڳ ۾ موجود نہ هيون. ڀيروي، ڪافي 82، صفحو 78 رسالو سچل سائين مرتب علي قلي بيگ.)

ڪافي 126 *
عشق لڳي تان ڪر آمين، نا منجهہ ڪفر نا منجهہ دين.

سٽون سورن جون ڪھڙيون پڙهين ٿو،
ورهُ نہ پُڇندئي وَلَاَالضالِينَ.
ديد ڏِسي ڪي ديد اڙائين،
نينھن نہ پُڇندئي نابين.
جلوہ عشق جو عرش ڪُرس تي،
سرزمين ڇا زير زمين.
دل سان ذرو درد قبوليم،
ڪشف قبور ڪرامت ڪين.
شُبھا شَڪَ سڀوئي لاٿم،
پاڻ سڃاڻڻ سان يقين.
طالب ڪي تاويل گهرن ٿا،
ڪن تمنا تي تمڪين.
هادي عبدالحق سچوءَ کي،
توڙؤن هئي تا ڪئي تلقين.

*(سر آسا، ڪافي 3، صفحو 26، ايضا)

ڪافي 127 *
سارو ئي سر آهي، ڪاٿي سچل، ڪاٿي ذات سچل دي.

مؤج درياء حُباب کڙا ڪيا، ڄاڻج ڪو شڪ ناهي.
آهي اونهون اسرار الاهي، ڇا منجهارؤن ڇاهي.
پنھنجي پاڻ پسڻ جي ڪارڻ، ٺاهَ لکين ٿو ٺاهي.
عاشق، عشق، معشوق اهوئي، ڏانوءُ ڏاڍو ڪيو ڏاهي.
الاالله اثبات مڙو ئي، لا کي ڇڏ تون لاهي.
لي مع الله سمجه اشارت، فيل لنگهيو منجهہ پاهي.
واٽ اهائي وحدت واري، ڪامل ايندا ڪاهي.
سوئي اندر سوئي ٻاهر، ڪئين چوان ائين ناهي.
ڳالهہ سچل جي سالڪ سمجهين، لوڪ جي ليکي ڇاهي.

*(بروو، ڪافي 44، صفحو 149، ايضا)

ڪافي 128
تون رَب ڏاڍو بي پرواه،
آءٌ تا ڊڄان تنھنجي ڊاء.

ذڪريا ڪرٽ وجهايئي، سِسِي ساه منجها.
هو مڪي جو ڪوڏيو، تنهنکي ڏنئي ڪين ڪھڪاءُ.
حسن ۽ حسين مارايئي، ڏئي جيءَ جفا.
ڪربل منجهہ قتل ڪرايئي، ترس نہ پيڙئي ڪا.
ظلمي آهين، رحمي آهين، جا وڻئي سا واه.
سچوءَ تيز تي سڀ هنئين، جيڪا رَبَ رضا.

*(سر بلاولي، ڪافي 88، صفحو 51، رسالو سچل سائين مرتب علي قلي بيگ.)

ڪافي 129 *
ڪرن مڙيئي قتل عام،
پاڻ ڪريان جي پڌرو.

جدا جماعت کان، آهيان پاڻ امام.
دم نہ اڳيون دين ٿيو، ڪفر نڪو اسلام.
فارغ هئڻ فرض کؤن، سُنتَ کي بہ سلام.
سچوءَ آيو سچ ۾، ناهي حلال حرام.

*(ڀيروي ڪافي 186، صفحو 89، ايضا.)

ڪافي 130
ويندي تا وڻڪار،
جيڏيون هي لڳ هوت بلوچ جي.

ڪيئن وِهان هتھين، آهي منھنجو ڪم ڪوهيار.
ساه منھنجو سرتيون، آهي پرين جي پار. **
هِيءَ دل ديواني ڪري، هو ٿيا پاڻ قرار.
جات جَتن جِي جيڏيوُن، جِيءَ وڌو آهي جار.
سچو نہ وسار ساه کون، دوستَن جي دربار.

** (ڪافي نمبر 270، سر بروو، صفحو 211، رسالو سچل سائين مرتب علي قلي بيگ.)

ڪافي 131
عين اَٿَوَ اِنسانُ، ڀول مَتان ڀُلي ڪائي!

دَلقُ درويشِي، پھري آيو، صورت هِن سلطان.
آهي جَڳَ ۾، سُڻو ڙِي جيڏيُون، صاحب جو سيلان.
ڏِسي تَماشو يارَ سڄَڻ جو، هَر همَ حيران.
واه عجائب جيھو ڪيائِين، سچو ري سامان.

ڪافي 132 *
ٻاروچي لَؤن لائِي، ميان، ڪوهياري لَؤن لائِي!

ڳالهہ نہ ڳَرهڻ جھڙي، ڏاڍِي سور سلائِي.
سَرتيون مون سان سورَ ۾، ڀينَر ڪانهي ڀائِي.
هِيرَ وڻي سا هانوَ کي، ڏَنهن عجيبن آئي.
سِرُ ڏيڻ سيڻَن کي، سَچُو آهي سَچائِي.

* (هيءَ ڪافي 132، سُر سسئي داستان پنجون ۾ اڳ ڪافي 5 طور پڻ شامل ٿيل آهي.)

ڪافي 133
صحيح سُڃاڻج ساري، خود آهين وي خُدائِي!

لکين سِتارا گم ٿيا، روزَ ڪَئِي روشنائِي.
ڪوڙين قطرا ڪارونڀارَ، ڪِي سَمونڊَ سمائِي.
سُڌِ تِنھين سِرَ انهيءَ جِي، مٿي جنھن جي آئِي.
تخت هَزارو اوري رهيو، پَري رهي بُلي شاهي.
سَچُو سَچي ڳالهڙِي، پاڻَ پِريَن پُرجهائي.

ڪافي 134
وَس ڪا آهي ويچاري! هُئَڻ هن جو هوتَ، ناهي!

اُٺَن اُوٺارن تَؤن، سائين الا، صَدقي آءٌ سَو واري.
چايم ڏاڍي چاه مان، سائين الا، بِرهُ بلوچي باري.
هيڏي هوڏي جان ڏسان، سائين الا، اَندر ٻاهر آري.
ٻانھون ٻانھِن جان ٻڌي، سائين الا، زار ڪريان ٿي زاري.
سچو سھي جي ڪرين، سائين الا، حَق حقيقت ساري.

ڪافي 135
تون آءُ اسان وٽ يار، تنھنجي اَچَڻَ ڪاڻ؛
جِيئڙو جُکي ٿو، ساهڙو سِڪي ٿو!

بَس نہ وَهڻ کَؤن ڪَرن، هي نيڻن سَندا نارَ.
ماٺ ڪندي ئِي چاڙهيا، بِره اسان تي بار.
پِرين پاڙج پانهنجا، جي ڪيَئي قولَ قرار.
چُمِي چَشمن تي کَنيم، تنھنجو عشق اَلہ توهار.
باه جيھو آءٌ ڀائيان، جو دمُ توهَئون ڌار.
راتو ڏينھان تانھنجي آهي، سَچُوءَ سار سنڀار.

ڪافي 136
دردمندن جي دل جو، ميان، شوقِي وو يارُ شڪاري!

يار سُھڻي جون ڏسو ڏهاڙي، ڪَن ٿيون خون خماري.
سوز وارن کي سيني اندر، ماري قيبر ڪاري.
چشمان چوٽَڪ ڏاڍو لائن، ڪجليان هَن قھاري.
ٻانھون سي ٻڌيم اڳيون انهن جي، زاري سَوَ لکَ زاري.
دل اسان جي وو لُٽ نِيَن ٿيون، ٻَئِي چشمان چاري.
پاڻان ڄاڻي ظاهِر ڪيائين، هوءِ هوءِ حُسن هزارِي.
جِيءُ سَچوءَ جو جار وڌائون، ڏيئي پاڻ ڏيکاري.

ڪافي 137
سِگها اِيندا، سِگها ايندا، پانڌي پِرين جي ڪِي تا!

سڪائِيءَ سان سرتيون الا، ڏکَ ڀائِي اَچِي ٿيندا، ڀَلِي اِيندا.
دردمنديءَ جي دل کي، ميان، دوست دلاسا ڏيندا، ڀلي اِيندا.
ڪين ڇَڏيندا ڇَپَرين، ميان، نال نماڻِي نِيندا، ڀلي اِيندا.
پَکا پکن سا مُھان، ميان، آڻي پاڻَ اڏيندا، ڀلي اِيندا.
سو ڏينھن ٿيندو ڪھڙو، جو سچو نانءُ سَڏيندا، ڀلِي اِيندا.

ڪافي 138
تنھنجي محبت موهيو، رَمزن ريھيو ريھيو، هِي تا ساهُ؛
آڻئِي الله!
طرف تنھنجي راتو ڏينھان، چِتِ هَڻيرو چاهُ؛
آڻئِي الله!
آهي اسان سان سُپرين، حبَ سندَوَ هَمراهُ؛
آڻئِي الله!
پيو پناري تانھنجي ميان، هي ڏوهاري ڏاهُ؛
آڻئِي الله!
واڪا ڪَيون ٿو وهي، دل اندر درياهُ؛
آڻئِي الله!
ڪشي ڪَري ڪپڙا، سچو مَليندا پاهَ؛
آڻئِي الله!

ڪافي 139
هوتَ ڪڏهن نہ هلايُوَ، پانڌي پنھنجي پارَ ڏنھن اسان ڏي!

طرف توهان جي مُڪوسين قاصد، سو ڀي وَهندو ڪين ورايُو!
نياپو منھنجي نينھن جو، جيڪَر ساٿِيءَ نہ سڻايُوَ.
هو جو ڪَيو هووَ وعدو، سو تا ياد نہ آيُوَ.
هر دم هونداسين اَسين توئي سان، فائق هِيئن فرمايُوَ.
تنهن ڏينھن لاڪُون يارَ سچوءَ کي، باري برهُ بڇايُوَ.

ڪافي 140
ڪالهہ قاصدَ اوڏانهون آيا، اِها ڪَيئُون آگاهي!

پار ڀنڀور جي هئا اچَڻ جا، ساٿَ ڌڻيءَ کي سعيا؛
چڱِي ڏنائون گواهِي.
مُنھن محبوبن جو ٿيو اسان ڏي، پيا سي پَنڌ سَجايا؛
ڪيھا رَهبر ڪريان راهِي!
يارَ مُسافر ڪِيُم اُداسِي، ڏور جنين ڏينھن لايا؛
آڻي تون ميڙ اِلاهي!
پاندُ ڳچيءَ پائي اڳيون پِرين جي، اسان ڏوهَ سڀئِي بخشايا؛
ٿيا سي پاڻَ صلاحي.
سچو اُتاهون اَچِي رَهِي هِت، ويڙها سي يار وَسايا؛
غَم لَٿِي گُمراهِي.

ڪافي 141
هاري سو پاتُئِي هار، تا آءٌ ڄام چنيسر آوڙان!

جنھن دوستَ کسايو دَم ۾، سَٽ اُهو سِينگار.
هَٿَئون پَئِي تنھنجي آهي، روئين ڇو زارو زار.
داڻو هُيَڙو درد جو، جنھن ڪيو بھشتَؤن بيزار.
ڏوهُ تہ تنھنجو ڪونہ هو، پرَ نِينھن ڪيو نروار.
پَلنگئون پئينءَ پَٽ تي، ڪَري گوندَرَ گفتار.
سچو سھي جي ڪَرين، هِيءُ هو عشقَ جو اسرار.

ڪافي 142
هارَ چنيسر ڄام، ليلان کسايو دَستَؤن پنھنجي.

ڌاڳو مَڻيون هو ڪَسوٽِي، جو دل جو ٿِي پيو دام.
نَظَر وڌئِي تا غيرَ تي، تيلهان تون ٿِيئن تمام.
ڀُلِي ڀولِي ۾ پئينءَ، هار ڀانيُئِي آرام.
تنھن ڏينھن آندئي پاڻَ سان، سورن جو سر انجام.
سچو رَه صَبر ۾، عِشقُ ٿِيئي انعام.

ڪافي 143
ڪِيئن چَوين ٿو، ڪِيئن چَوين ٿو!
لوڪ ناهي ٻيو؛ ڪِيئن چوين ٿو؟

لوڪُ سَڀوئِي اُهو آهي، ڪيئن ٻيائِيءَ مَنجِهہ پَوين ٿو؟
اَڄاڻ بنائي پاڻ بيھاريُئي، غمزي انهيءَ ۾ ڇو نہ گوين ٿو؟
ساڻ سچي تا سچو گذارين، راند روئڻ جِي ڪيھِي رَوين ٿو؟

ڪافي 144
ڀُل وڃي ٿو، لوڪ ساروئِي ڀُل وڃي ٿو!

مان، تون ويندي، اُهوئِي ٿيندو، ڀولُ اهوئِي جيڪو ڀَڃي ٿو.
اهو اُهوئِي سَرتيون آهي، نہ تا اها ڪوئِي ڳالهہ مَڃي ٿو.
اندر ٻاهر اُهوئِي آهي، سچو هِي سِرُ صحيح سڃي ٿو.

ڪافي 145
سُھڻو سڱ ٿيو، ڪاڪيون ڙِي، ڪيچَ ڌڻين سان، شالَ مولو ميڙيندو!

اڳئين کَؤن ڀي اڳرو، ڀائن تان وره ويو!
آريءَ جي اولاد سان، ڏاڍو پيچُ پيو.
بيڪَسِيءَ جي دائري، تنهن کي نِينھَن نيو!
صدقي تَن سيرن تؤن، سَچوءَ ساه ڪيو.

ڪافي 146
شال مون سان وريون وريون،
ڪانگ ڪَرين مِٺيون ڳالهِيون!

جدائِيءَ جون جان جسم تي، ڪيون پورن پَريون پَريون.
دردَ سَڄَڻ جي دل منھنجيءَ کي، زور ڪيون ذريُون ذريُون.
ڏکن واريون ڳالهيون، اسان ڀي دل پائي ڌريون ڌريون.
وايون وصل جون يار، سچو تون، متان ڪرين ڍريون ڍريون.

ڪافي 147
مون کي متان تون ڇڏين،
سونھا ڙي سَڄَڻ جا!

مَ ڄاڻان ڏينھن اُهو تا، ٿيندو اَلاجي ڪَڏهين.
نانءَ موليٰ جي محبوبن سان، نئِي غلام کي گَڏين.
حاضر ٿِئين حضور ۾، نانءُ سَچوُ ڪري سَڏين.

ڪافي 148
اهو آهي آهي، يار ساڳيو ساڳيو!

اوهين ڄاڻو ساڻ يقيني، ٻيو سو ناهي ناهي.
ميخاني وچ مست هميشه، ڪيئن سو ڪعبي ڪاهي ڪاهي.
لوڪ سارو ٿي هِت جو آيو، سَڀ حجابان لاهي لاهي.
ظاهر باطن آهي اُهوئي، جان جثو وري ڇاهي ڇاهي.
نانءُ سچوءَ جو آيو صفت ۾، ڏانءُ ڪيو ڪيھو ڏاهي ڏاهي.

ڪافي 149
هيءَ پورهيت پاڻِيءَ ڍوئِي، خان ٻاروچا تنھنجي!

حاضر خدمت اَچي اوهان جي، حال چونديس روئِي.
ساٿي اسان جي سُڌ لَهَڻَ سان، سوال پورو ڪَر سوئِي.
ڪِيئن وساري ويھان اوهان کي، ڪئِي تا هِھڙي توئي.
طوطيءَ جي ڳچيءَ سو سَلامن، سچوءَ مُڪا پڻ پوئي.

ڪافي 150
واتِ مون کي آهي وائِي، خان ٻاروچا تنھنجي!

پرين نہ مُڪَوَ طرف اسان جي، لِکي ڪتابَتَ ڪائِي.
ڀيرو ڪندين وري ڀنڀور ڏي، اِها اَڌَرَ مون آئي.
حالَ منھنجي جي خَبَر نہ ڪنھن کي، چڱي سَڄَڻ تو لائِي.
اِهو آسرو مون کي آهي، ٿيندين اَچِي ڏکَ ڀائي.
اڄ صبح تا اڱڻ سچوءَ جي، جانِي اِيندين شالَ جائِي.

ڪافي 151
سُڻ منهنجڙو حال،
دلبر ديس وسَئي، گهوريو ڙي پَرڏيهہ تو تؤن!

مون کؤن پَري نہ ٿئين، سائين مَڃ سُوال.
منھنجو توسان تا آهي ئِي، خاصو يارَ خيال.
روئان واٽڙين تي، ڪَريو هھڙو حال.
واڳان وطن پانهنجي، ڦيري آءُ فِي الحال.
تو کؤن ڳجهو ناه ڪو، عاشقَ جو اَحوال.
ڪَر سچو کي سپرين، کڻِي نيڻ نهال.

ڪافي 152
قاصدَ وري ويندين،
ديس ٻاروچل جي، ميان!

خَبَر خوشيءَ جي وٺي اُتاهُون، سِگهو اسان ڏي ڪِي اِيندين.
دردمندِيءَ جي دِل کي، هاڻي ڏاها دلاسو ڏِيندين.
سپيرين جي ڳالهہ ڳُجهيءَ جو، وڃي سو واقف ٿِيندين.
سوزَ فراقَ جي، يار سچوءَ جو، تون هِي نياپو نيندين.

ڪافي 153
آئين قاصدَ ڪالهہ،
پرينءَ جي پار ڏنهن، آندئِي جي سَنِيھا سَل اُهي ئِي!

هاريا هِنَ جي حالَ جِي، ڪا هُئِي هُت قِيل مَقالَ؟
پاڄِيءَ کي پَرديسَ ۾، سِڪندي ٿِيڙا سال.
پِريَن ڪِي مون پُڇِيو، ڪا خَبرَ ڏي خوشحالَ!
ڪِي ڪَڍندا هجر فراق کي، ڪِي ورندا واوَ وصالَ!
سَچُوءَ سندي ساهَ جِي، ڪا هئي هُت کين سنڀالَ!

ڪافي 154
عاشقَ ڪر آرام،
پِرينءَ گهڻو پُڇيو تنھنجو، خوشيءَ ۾ رَهُ، ري!

طرف تنھنجي آهِ، اَچڻَ جو، اسان جو اَنجام.
رَهبَر عاشِقَ کي وَڃِي، سَوَ لَک ڏيج سَلامُ.
اڳنان آهي تانھنجو، سُرهائِي سَر انجام.
جيڪي چَيُوَ، تانھنجو آهي، ڪُلِي قبول ڪَلام.
سچو تنھنجي ساه کي، آھِ محبت بخش مدام.

ڪافي 155
يار منھنجي کي ڪريو، مِنَت وڃِي ڪائِي!
پَرڏيھ وڃ نہ مون پِرين، يارَ تو سان مون تا لائِي.
اَندر منھنجو اَڌ ٿيو، ڪري وڃڻ جِي ٿو وائِي!
ڏسو اوهين ٿيون، دل ڏاڍي سان، اديون آ مون اٽڪائِي.
چڱا مِڙيائي ميان اِئين چون ٿا، لائِي تہ توڙ نڀائِي.
هِجَر منجهارؤن ٿِيندي وصالت، اِها ڳالهہ سچُوءَ آزمائي.

ڪافي 156
هاڻي مون کي پِريَن پوءِ،
جيڏيون جِيَڻ جنجال ٿيو!

ويٺِي واٽڙين تي، هِيءَ راتو ڏينھان روءِ.
ويھڻ هن جو وه ٿيو، هو لَڏي ويڙا لوءِ.
دردمندِي دانهون ڪري، آهي هوتَن رِيءَ هوءِ هوءِ.
ڪاڪِيون مُون ڏي ڪيچ کَؤن، شالَ قاصد اچي ڪوءِ.
سچوءَ ڪندي سال ٿيا، وَريتِيون ووءِ ووءِ.

ڪافي 157
يار ساٿيو ڙي ميان، يار پانڌيو ڙي ميان، ڀلوڙي ميان،
دوستَن جي ڪَلَ مون کي ڪا ڏيجو!

هِيءَ نماڻِي در وڪاڻِي، نالِ نباهي نيجو.
ڪِيمَ وساريو، مئي نہ ماريو، ڇوري تا نہ ڇڏيجو.
ڏيو دلاسا ڪڏهن اِيندا، لوءِ ئَون تا نہ لڏيجو.
جنھين ويلي هلو اِتاهون، سَچوُ نانءُ سَڏيجو.

ڪافي 158
ساجن اِنهيءَ سير، اِيندئِي ڙي اَڃا!

سي ئِي پَھتِيون پِرينءَ سان، جي گهِڙيون انهيءَ گهير.
سپيريان جي سيرَ ۾، هيجَؤن هِينئڙو هير.
ٻَڌي نچج نيهَن جي، ڇاتِيءَ ڇاتِيءَ ڇيرَ.
سچو سائين جي پُڇين، ڦَندَ سَڀئِي ڦير.

ڪافي 159
توکي عاشق پنھنجو ڄاڻان، تو کي سَونِ ۾ سُڃاڻان!

اسين تا توسان آهيون سدائِين، وجِهج ڪِين وڃاڻا.
اُهي تا آهن نظر اسان کي، اَچِي جي در وڪاڻا،
دستَؤن ڪري ڏِنو هِي مان کي، يارَ دارونءَ جا داڻا.
سَھجِ سَچُو تون ساڻ يقيني، محبوبن جا ماڻا.

ڪافي 160
هوتَ اسانجڙو حال، تون پاڻَھِين ٿو ڄاڻين!

اوهان ٻاجهن وو سپرين، ميان اَلا، ساعت ڀايان سال؛
وري اَچج آرياڻِي.
راتو ڏينھان روح کي، ميان الا، سندُو خواب خيال؛
هِيءَ اَٿَوَ نِماڻِي.
معلوم تو کي مون پِرين، ميان الا، عاجز جو اَحوال؛
تون سانول سُڃاڻِي.
ڇڏين ويندين وو ڇَپَرين، ميان الا، تو لڳ ڪيم ڪشال؛
تون هِيئن ڪِيئن هوتياڻِي!
سوز اوهان جي وو سُپرين، ميان اَلا، بِره ڪئِي بيحال؛
تہ ڀِي عذر نہ آڻي.
لاه فراق وو فقير کَؤن، ميان الا، سچو مڃ سوال؛
هيءَ هادي لئي هاڻِي.

ڪافي 161
منھنجي اڱڻ اَڄ آءُ،
پرديسيڙا ڙي يارَ!

والي شالَ وصال جو، ڪو وري لڳي واءُ.
اچي هَڏ نہ هِتَھين، سانوَلَ تو ريءَ ساءُ.
ميان مشتاقن جو، اَچي صاحب لھہ سَماءُ.
دانھون ڪري دردَ ۾، جا ڦٽي فراقاءُ.
ٿيون مَدايون ڪيتريون، سائين سچوُءَ کانءُ.

ڪافي 162
اوڏاهون قاصد جي آيا، تَن هُلائي هِيءَ وائِي:

هاڻي هوتياڻِن جي، هُئِي تو ڏي تياري،
واٽان پُڇي تانھنجون، ٿو اَصل کان آري،
ڌاري، سنديَوَ حال جِي، هت معلوم سَڀائِي.
اهو رکج آسرو، جو اَڄ تو ڏي اِيندا،
ڏيئي ٻانھون ڳل تو وري، پرين پَرچائيندا،
هيڪَند ٿيندينءَ هوتَ سان، تون جاڳندي جائي.
مارئِي ماندِي نہ ٿِيءُ، ڇو گوندر گذارين،
واٽان اَچَڻ ان جون، ٿِي نِت نِتِ نھارين،
جھڙي تون هِت آهين، آهين هُت ڀِي اُهائي.
ويو وڇوڙيو وچ مَؤن، تون گڏيئن سائينءَ ساڻ،
توسان آهن سُپرين، پَري ڀاءِ نہ پاڻ،
سچو ٿِيندين سيگهڙي، اها وائِي سوائي!

ڪافي 163
ڪيچي ڏٺم اَڄ اِتي،
اوهين تا ڇا ٿا ڀانيو!
سال لنگهِي ويا ڪيترا، ڪاڪيون ريءَ ڪِتي.
اڄ تا وينديَس ڪاڏي ڪِينڪي، هُو سو، تا منھنجو هتي.
منزل محبن جي جتي هوندي، ميان، هونديون سَرهايون تتي.
موڳائيءَ جي مونجهہ ۾، سائين الا، ڪانہ ڏِسي گَپَ ۾ گِتي.
سودو سيڻن سان حال ٿيندو، ميان سَچُو تا سِرَ ڏتي.

ڪافي 164

اَڄ اوڏاهين سي آيون، مون ڏي خَبران خير جون!

ٻيو تا توسان دوستَ وي، ڪون برابَر ڀايون.
لِکي مَؤن معلوم ٿيو، هاڻي پير ايڏاهِين ٿا پايُون.
سَنڀري تو کي ميان ڏيھ سنديءَ، لک ٿورا ٿا لايون.
سورن واريون سڀئي ساعتون، تو تان لکَ لنگهايون.
توکي ٿينديون هاڻي حاصل، سَچَو ري سَرهايون.

ڪافي 165
منھنجي حجت تو سان ناه، توکي مولو ميڙي يار!

مون هِن نماڻِيءَ کي، آسَر سَندُوَ آهِ.
اندر ٻاهِر تا تنھنجي، جانبَ آهي جاءِ.
ڏونگَر ڏورڻ آئيا، ساڄَڻ تنھنجي ساءِ.
سَچُو آهي سِڪَ ۾، لالَن تنھنجي لاءِ.

ڪافي 166
پُڇن ڪوه طبيبَ، او، سوزَ واريون سَرتيون، ڀلو الَو!

پيدا ٿيندا پاڻهين، ڪول آَيَس قَريبَ.
ڏِيَن ڏيکاري ڏِيلَئون، اچانڪ عجيبَ.
سچو وَسَن سي سدا، هِنَڙي منجهہ حَبيبَ!

ڪافي 167
الا باري بِره ڍولَڻ جي، دل ديواني منھنجي ڪيئي!

اوري اَٽَڪَ نہ رهِي، خاص پِرين پکِيئِي.
پياريائون پُر ڪَري، ٻي سڀ وائِي ويئِي.
راتيان ڏينھان روحَ ۾، ٿيَا ٿيَا آهي ٿيئي.
اکيون دل سَچُوءَ جيون، پاڻ سکِيون ڪِيَئون ٻيئي.

ڪافي 168
يارَلايو رنگ، ڏِس تون، جي هُيَئين ڪنهن حالَ ۾!

محڪم رهين احوالَ ۾، قائيل نہ ٿي تون قالَ ۾.
خيالَ ٻاجهون خاص تنھنجي، هُئي جِيَڻ جَنجالَ ۾.
جي هُئين ڪو دَم اِتي، تا هُج تون خاص خيالَ ۾.
اَصل ۾ يڪتا ٿِئين، عاشِقَ چَئون اَمثالَ ۾.
محبت مگر مرشد سندي، آڻين اِنهي اَحوالَ ۾.

ڪافي 169
تو ڪِيئن اُهي وسري ويا، جن کي تو ٿي ڪارون ڪيون؟

پانڌِيءَ پِرينءَ جي پار ڏنهُن، آندِي خبر اها يار ڏنهن؛
آيو اصل اسرار ڏنھن، دوست سندي دربار ڏنهُن.
ڪيئن تون پئين ٻيءَ ڳالهہ ۾، هي جيءَ وجهين جنجالَ ۾؛
چئہ، آهين ڪهڙي خيال۾؟ ره تو هميشه حالَ ۾.
کانئن پاسي ڏينھڙا پَيَئہ، سي ڳُڻَ سَندن وسِري ويئہ!
سچا سخن سانڀَڻ ٿِيئہ، سڏ کين ڪڏهن نا ڪَيئہ.
ڳالهيون سَڄڻ جون ياد ڪر، دل سامڻ ٿي عاشق اَپر،
تا تو اچي نازڪ نظر، هَيءِ هَيءِ متان ٿئين بيخبر.
جيڪس فراق جي فال هُئي، ڪا کين تنھنجي ڳالهہ هُئي،
تو گڏُ جِيڻ جي جال هُئي؛ اَڄ تو نہ تن سنڀال هُئِي!
اِتي وِساريئي ڪيئن ويھي، جي ڏيھ هئا تنھنجا ڏيھِي؛
توکي آئِي مَصلحت ڪيھِي؟ هاڻِ پاڻَ ايندا اڄُ پيھِي.
سچو متان دلگير ٿئين، اَڄ پاڻ فرمايئون ائين،
طالب وڃي تَسلا ڏئين، معافي مَدايون ڪيون مئين!

(مرتب پاران ڪافي 169 ۽ ڪافي 170 رسالي ۾ ڪلام جي عنوان سان ڏنل هيون، پر اسان اُنھن جو عنوان ڪافي رکيو آهي، ڇوتہ ڪلام شاعريءَ جي ڪا الڳ صِنف ڪانهي پر شاعريءَ جي هر صِنف کي ڪلام چئي سگهجي ٿو. ٻيو عرض تہ اهڙي ئي سٽاءَ واريون: يعني ٿلهہ ۽ هر بند جي آخري سِٽ جو ٿلهہ سان هم ڪافيہ هجڻ بجاءِ، هر بند جي سِٽن جو هڪ ٻئي سان هم ڪافيہ هجڻ، اهڙيون ڪافيون رسالي ۾ ٻيون پڻ ملن ٿيون. مثال طور ڏسو: سسئي داستان ڇهون، ڪافي 6.)

ڪافي 170
وعدا اُهي اَڄ ياد پئا، مون سان قريبن جي ڪيا!

ڳالهيون ڳجهيون اُهي يارَ جون، اصلون ٻُڌيم اِسرار جون،
سي ٿيون عطا اعتبار جون، دل ۾ رهيون دلدار جون.
واليءَ اهو وعدو ڪيو، جو ڪَم چَيوسين سو ٿيو،
هڪ ٻول توسان، نا ٻيو، وِسِري نہ مون کَون سو ويو.
فائِق وري فرمائيو، تو سِرُّ اسان جو سائيو،
اهو ڏسڻ مون آئيو، دل ساڻ سو مون لائيو.
سَچُو سدا سَرهو رهين، هِن ٻولَ اسان جي تي ٻَھين.
تون ٺاه تا هِن تي ٺھين، سِر بار برهي جو سَھين!

ڪافي 171 *
دمَ دمَ جا ديدار، وو، اَپر اَسان جي نارَ تي!

بَگا ڏاندَ ٻَڌائون ٻيئي، تَن جِي ڳالهہ ڪريان آءَ ڪيھِي،
وهَن ڌارو ڌارَ، ڳاڌِيءَ جي ڳٽڪارَ تي.
ڀاروني هِڪڙي چَڪريون ٻيئِي، آرا انھن جا آهن اِهي ئي،
وهن بارو بارَ، وو، لَٺَ واريءَ للڪارَ تي.
ڦرهيون ونگڙون آهن اوڀاريون، ارِڙيون سونھَن مالَهہ موچاريون،
جهَلڻ جا جهَلڪار، وو، لوٽِن واريءَ ڌڌڪارَ تي.
ڍڍي چونڪ جوئر جا نِسري، ڳنا تنھن جا ماکِي مِصري،
کِيرن جا بہ خمار، وو، آهن پيھي واريءَ پُونجار تي.
ڪانگَن ڪانگيرو، وهِيَن واهيرو، ڪَٻَرن، ڳيرن ڪيو اچي گهيرو،
ڳوڙهن جا وسڪارَ، وو، جهِرڪين جي جنسار تي.
آيو نيسَر پاڙڇ ۾ پاڻِي، مرشد اچي ٿِيڙمَ ساڻِي،
سا جوئر پَچايم جار، وو، آهن ڪَم سَچل جا ڪلتار تي.

*(هيءَ ڪافي 171 اصل ۾ سنڌي روجهن بابت بيت جي آخر ۾ ڏنل هئي. پر جيئن تہ هن ڪافي جو مواد نہ تہ روجهن بابت آهي، نہ ئي وري اهڙي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ يا ان سان مناسبت رکندڙ ئي آهي، ان لاءِ هِن ڪافيءَ جو ھِت متفرق ڪلام ۾ شامل هئڻ مناسب ڄاتم.)