مالڪوس

داستان ڇھون

1
آءُ ڪانگا ڪارون، تو سان ڪيان ڪيتريون؛
جو پَھچائين پيغامَ ٿو، پريان جي پارون؛
کي سچوءَ سَنڀارون، ٿو ڏاها ڏهاڙي ڏئين.
2
ڪارون ڪِيئن نہ ڪريانس، جو ٿو ڏئي سَنيھا سَڄڻان؛
پُئي پَرَ پَکيءَ جا، ساڻ جواهِرَ جَڙيانس؛
موتين ۽ لَعلن سان، ڀينَر کنڀ ڀريانس؛
پيرين دست ڌريانس، جو آه نياپا ڏيندڙ نِينھَن جا.
3
پَکِي سو ئي پَرَ، ٿو اُڏري پار پِرينءَ جي؛
خوشيءَ جِي بہ خَبَر، مانَ وٺِي اچي ڪا اُوڏهون.
4
چڙهيو لامَ لَنئي، اَڄ ٿو ڪانگل قريبَ جو؛
سنِيھا سَڄڻان، سي چھنب ساڻ چَئي؛
پورن منجهہ پَئي، ٿو ساهُ منھنجو سَرتيون.
5
چڙهيو لنئي لاَم، ٿو ٻوليون ٻاجهاريون ڪري؛
ڏئي سَنيھا سَڄَڻان، ٽُريو مَٽي ٽامَ؛
ماريون ماري مامَ، جا ٿو ڏئي لِڪائي لوڪَ کَون.
6
پِريان جا پيغامَ، ٿو ڏئي مِڙيئي مامَ ۾؛
سَوين مُنجَن سَلامَ، جو ڏاهو ڏاهَپَ سان ڏئي.
7
ڇِپيو رهي ڇانڀين، ٿو ڏئي سنيھا سَڄَڻان؛
آيل اولانڀين، ٿو ڳالهائي ڳُجهہ ۾.
8
سِگهو اُڏامِي آءُ، تون پَکيڙا پِريَن جا؛
سڀ کنڀ ڪريان تانھنجا، ساڻ جواهر جَڙاءُ؛
عِطر کٿوري اوتيان، ٻيا ماڻِڪ تو مَٿاءُ؛
ساري سنيھاءُ، ڪي آڻي ڏيج عجيبَ جا.
9
ماريون مامَ منجهي ڪِي ٿو ٽرُيو ٽاريءَ تي چَوي؛
سَڄڻ ڏانهَن سنجهي، ڏاهو ڏکجِي آئيو.
10
آڻي ڪانگ ڏنوس، ڪو عريضو عجيب جو؛
ڀينَر سَڀ ڀنوس، ڳاريندي ڳوڙهن سان.
11
مون ڏي ڪالهہ مُڪو، دلبَرَ دلاسَن جو؛
سندو رازَ رقعو، سو پڻ واچيو وهسان.
12
واچيندي وياس، هاريون پنھنجي حالَ کَون؛
نامي تنھن نِياس، پاڻ لکيو جو سَڄڻين.
13
ڪانگا ڪتابَتَ، ساري سارج ساهَ سان؛
اِها اَمانَتَ، ٻئي ڪنھن عامَ نہ آڇئين.
14
کٿرريءَ ۾ کَنڀَ، لويان لاکيڻي سَڀَئِي؛
جو ڳالهيون ٻُڌي تانھِجيون، ڇَپَرؤن وهن ڇَنڀَ؛
تا پُڻ اُتي ٿَنڀَ، ويھو ٿو وايو ڪري.
15
اَڄ نہ انهيءَ ڏارَ، لامين لَنوين ڪانگڙو؛
جيڪس پِريان پارَ، ڏسندي سو ڏکَ ڀَريو.
16
زاغَ نہ ٿيءُ زبون، ونءُ اُڏامِي اوڏهين؛
نہ تہ خاصو مُنھجو خون، پوندو ڳچِيءَ تانھنجي.
17
ڪاغذ قريبَن جو، اڄ مون کي آئيو؛
ساجن ڪيو سعيو، اَچڻ جو هن پارَ ڏي.
18
لِڪو ۾ لامين، ٿو لاکِيڻو لاتيون ڪَري؛
ٽھڪندو ٽامين، ڏئٖي سنيھو سَڄَڻان.
19
چڙهيو مَٿي ڇانڀَ، ايئن چوي ٿو جيڏيون؛
ڪج سِيني ۾ سانڀَ، ساري سَنيھن جِي.
20
ساري ڳالهہ سَچِي، ڪانگي ڪئي قريبَ جِي؛
ريھي دل رچِي، تنھن نازڪ نياپَن سان.
21
آڻيو ڏنا ڪَر، ساٿِي يارَ سَنيھڙا؛
منھنجي پارؤن پَکِيَڙا، وڃ دوسياڻي در؛
جو سِڪَ آهي مون سَر، ميان محبوبَن جِي.
22
ڏنا ڪَر آڻي، سدا سِڪَ سَنيھڙا؛
هِينئڙو مون هاڻي، آھِ سچو سوداءُ ۾.

ڪافي 1
مانَ پرينءَ پَھچائِي، هِي نياپو ڪو نيئِي!

ڳچِيءَ پائي ڪپڙو، پاڄياڻي پَرچائي،
حال ڏسي وڃ هيئي.
پرين ڏسج پاڻ ڏي، چِتُ نہ وڃُ مون تَون چائي،
يارَ اسان کان پيئي.
الله ڪارڻ آءُ تون سائين، ٻانهِي ٿِي ٻاڏائي،
بخش اسان کي پيئي.
اوهان ٻاجهون سُپرين، ويٺي سو ورهَ وسائي،
ڪانگ اڏائي ڪيئي.
در اوهان جي جي دلبر سائين، سچو ٿو سگ سڏائي،
ٻَڌِي ٻانهُون ٻيئِي.

ڪافي 2
هِنيون هوتَن هٿ آهي آهي،
ڪيرُ چوي تا ناهٖي ناهٖي!

فَھَمُ فراستَ، عقل ارادتَ، نينھَن بِنا ناهٖي ناهٖي.
مست ٿيا مخمور اٿاهِين، ڪَل نہ پَئِي ڪنھن ڏاهي ڏاهي.
ڏوڙا طالِعَ ٿين اُنهن جا، يارُ جنِهان نون چاهي چاهي.
وسُ مِڙيوئيي يارَ سَڄَڻ جو، هيءَ نماڻي ڇاهي ڇاهي.
سَڱ سِياپو يارَ سَڄَڻ سان، ڪير سچيڏنا ساهي ساهي.

ڪافي 3
آءُ اسانوٽ يارَ تون، آهي هِت اَسان جو حالُ هِي!

اُٻاڻِڪو آهيان گهڻو تو ريءَ پِرين پرديسَ ۾،
آءُ مِڙيوئِي، معلومُ ڪر، عاشق سَندو اَحوالُ هِي.
آهِہ اوسيڙو اوهان جو، شب روز اکڙين ۾ ميان،
جانِي سَندءِ مون جاڳندي، آهِ خواب ۾ بہ خيالُ هِي.
دوست تُنھنجي درَ اُتي، دونھين وجهي ويھِي رهان،
منھن ڏيکارج محب مون کي، نہ تہ آھِ ويھڻ هت وبال هِي.
دردمَند جي در پيھِي، آءُ دوستَ دل خوشحال ڪَر،
صدقٖي ڪريان سِرُ ساهَ سان، ڇا مِلڪ ۽ ٻيو مالُ هِي.
ويٺي نھاريان واٽَڙِي، تنھنجي اَچڻَ جي لئہ ميان،
لَھُ سُڌِ سَنديَم ساجن اچي، نہ تہ آه جِيڻ جنجال هِي.
پاڻون پَري نہ ڪريو مون کي، ڪي دوستَ دلداريون ڏيو،
هوءَ تون سَدائِين ساڻ مون، آهي سچو جو سوالُ هِي.

ڪافي 4
آيو مُنھنجي گهر يار،
جنھن جي ڪارڻ مون ٿي ساٿي سَنڀايا!

در پيھي مون آئيو، اڄ دوست مِٺو دلدار.
سوئِي گڏيو سُپرين، هو جنھن جو جيءَ کي جار.
بلڪل ڪيائون پانھنجو، ڏنائون قول قرار.
معاف ڪيائون مِھَر سان، مون تي هُئو ميار.
سچو سرهائِيءَ ۾، ڇڏ روئڻ زارو زارُ.

ڪافي 5
راتِ پرينءَ ڪاٿٖي پيئي، اڙي ساٿِي سُڌ ڏيجو!

پُڄاڻان پِرينءَ جي، حالُ اسان هِت هيئِي،
ساڻو ٿَڪيءَ هِڪ ٿيجو!
پَسَڻ ڪارڻ پرينءَ جي، ڪانگ اُڏايم ڪيئي،
نالِ وٺي هيءَ نيجُو!
عرضُ آرياڻيءَ کي، نانءَ ڌڻيءَ هِي نيئِي،
ٻانھون ٻَڌِي چڱيا چيجو!
سچو پاران ساٿيو، کين ڏوراپا ڏيئي،
پيرين پانڌيو وڃي پيجو!

ڪافي 6
دوست دلاسا ڏيئِي، ڏک ڏوڙو ورِي ڏيندئِي!

متان ويھين ماٺ ڪري، يار سَڄَڻ سان تو پيئِي،
سان نيڻن دل نيندئِي.
مون تا ڏٺا ڪيترا، ماريا سي ڪَجلين ڪيئِي،
اَڄ صبح تو وٽ اِيندئِي.
سچو آڏو سَڄڻان، ٻانهون ٻڌي آءُ ٻيئي،
سڀُ بديون بخشيندئِي.

ڪافي 7
هِيئن مَ وڃُ تون ماريون، هوتَ نماڻِيءَ کي، ميان!

سِڪ تُنھنجيءَ سُپرين، ڪوڪان هِن ڪي ڪاريون!
پِرين پَري ڇو وڃين، ٻارڻ دل ۾ ٻاريون؟
ٻاجَهہ ٻاروچا تو پوي، سُڻِي ضعيف جون زاريون.
جايون ساري جيءَ ۾، وره اَوهان جي واريون.
ميان مشتاقن جون، سَھُ آرياڻِي آريون.
سک اُتي ٿيو سُپرين، ڏک هِتي ڏيھاڙيون.
راتو ڏيھان ٿو روئي، سچو تو کي ساريون.

ڪافي 8
سَڄَڻَ تُنھنجو بِره باري، اَسان جِي ساڻ تو ياري،
آءٌ تا ٻانهِي تون تا سائِين، ٻڌي ٻانهان ڪِيم زاري.

اَچانڪ لَنئہ جا تو لائِي، پئِي، تا ڪَلَ نہ مون ڪائِي.
وڻيئي جائِي ڪَيئِي سائِي، پاتِي سُون ڳل ڳچيءَ ڳاري.
وڌو سين طلبَ ۾ توئِي، نہ هو هِت حال مون ڪوئِي،
چوان هِي حال ڪنهن روئِي، معلوم آهي تو کي ساري.
آلانڀِيون عشقَ جي لايون، ويون وسري سَڀئِي وايون،
اسان جي طرف ڏي آيون، ڪئِي سڀ لوڪَ بيزاري.
لِکان ڪيئن ڳالهہ هِن دمَ جي، ڏاڍي آهي راهَ هِن غم جِي،
ملامَتَ ڪُل عالم جِي، اَسان تا اَصل اِختياري.
سچو ڪَر سَوَ شڪرانا، پُڇي تا بِرهُ بيگانا!
توڙي هِت سي ٿيا ديوانا، مليوسين دوست هِڪواري.

ڪافي 9
يارَ مرشِد تنھنجون ديدان،
مشتاقن کي مارنِ ٿيون!

ڇڪٖي تہ هڻڻ ٿيون ڇوهَ منجهاران،
ڪانُ بٿيءَ جو بَڇائن ٿيون.
ڏسڻ سان ڏور وجهن ٿيون،
دام دلينِ جو دٻائن ٿيون.
شھبازن جان ڪَرن ستونا،
گهورَ اُنهيءَ سان گهائِن ٿيون.
جاڏي چَڙهن تاڏي بِره بُراقان،
پير رڪيب نہ پائن ٿيون.
سچو جھڙا سَوين هزارين،
ڪي ئِي ڪُرنش منجهہ ڪنبائِن ٿيون.