مارئي

داستان پنجون

1
جوڙي پَکا جُوءِ، اَچي ويٺا عُمرَ آجڙِي؛
سَدا سَنگهارن جِي، ٿي مَٿي حوضَن ھوءِ؛
ٿيون گلزاريون گاھَن جيون، ٻِي خوب کُلِي خوشبوءِ؛
نَئِين رونق روءِ، ٿيو موٽِي مُلڪ مَلير جو.
2
سدا ھئن سُکيا، ماروئَڙا تہ مَلير ۾؛
شَل نہ ڏينھن ڏکيا، اَچن آجَڙين تي!
3
سدا سَرھا ھونِ، ماروئَڙا تہ ملير ۾؛
مٿي پنھوارن پون، مِھَر جا شَل مِينھڙا!
4
مِيان ماروئَڙن تي، مِھران وسَن مِينھَن؛
شَل نہ ڏکِيا ڏينھن، اَچن آجَڙين تي!
5
سدا سي ساڻيھ ۾، سُکيا ھُئن سَنگهارَ؛
پکي مَنجهہ پنھوارَ، شَل ھُئن ھميشہ سَرھا!
6
سائين سَنگهارن جو، رکج پَن پکي؛
ڪوئِي تا نہ لَکي، ھُئَن سَدائين سَرھا!
7
سنگهاري ساڻيھ، شَل ھُئن سَدائين سَرھا؛
وڃَن نہ پَرڏيھ، خوش گذارن اُتَھين!
8
ساڻيھ سنگهاري، سَرھا آھِن سومَرا؛
ويڙھيون ۽ واري، مَحلا ماروئَڙن جا.
9
جاتِي واريءَ ڊنو، تاتي اَڏنِ پکَڙا؛
ڀاڳين لَٿا ڀَوَ، سدا رھن او سَرھا.
10
نِوڙن ۽ نُونڌيَن، مارو چارنِ مالَڙا؛
گوڙين ۽ کِونديَن، سَرھا ٿِيَن ساھَ ۾.
11
جڏھن کِنونِ کِنوڻِيون، وَسَن مينھن مَلير ۾؛
نونديون ۽ نِوڙيون، تاتا سوئِن ٽاريُون.
12
ڀاڳيَن ڀَوَ لَٿَا، جي ويٺا پانورَ ڪَنڌئين؛
اُٺن مِينھن مَٿا، آجڙين عِيدان ڪيون.
13
وري وَسايو، مالِڪَ مُلڪ ملير جو؛
سو اڳي کَؤن اُجرو ٿِيو، سائو سَوايو؛
آگي اَگهايو، ”سچوءَ“ جو سوالُ ڪيو.
14
آھي سارَ سنڀالَ، ميان ماروئَڙن جي؛
ھِتِ ھِھڙا حالَ، ھُت عِتابَ اُنھن جا!
15
الله اوري آڻ، ماروئَڙا مَلير جا؛
يا مُون کي ڪڍي ڪوٽ مَون، نئين مُلڪ رَساڻ؛
ڀِڄَندي وڃي ڀاڻ، پِھان پنھوارن جي.
16
آڻ الله اوري، ماروئَڙا، مَلير جا؛
مون کي آندو اوچتو، ھِت ظُلمَ جي زوري؛
آءٌ تَنھن گهڙيءَ تَؤن گهوري، جنھن ھيڪاندِي ھِڪُ ٿِيان.
17
جي ريگستان رھن، تن کي سَخت نہ وٺج سومرا؛
جو تنھنجو زور ظلمَ جو، سانگِي ڪِينَ سَھَن؛
مَتان پَرينءَ وَسِ وِھَن، ھو ويچارا واھڻِي.
18
جڏھن ويجها ھُئامِ، ماروئڙا مَلير ۾؛
تڏھن ڳالهہ اَحوال جي، ٿي تنھين ڪَن وِڌامِ؛
ھاڻي وَڃِي ٿَر ٿِيامِ، اُھي سُڌِ لَھَندڙ سُومرا.
19
ٿِيا پنھوارَ پري، آءٌ ڪنھن کي ڏوراپا ڏيان؛
وھَندو شالَ وِصالَ جو، وارو ڪو وري.
سونيئِي گڏُ ڪري، مُئيءَ کي ماروئَڙن سان.
20
ھُيمَ جَن سان حالَ، سي اَڄ سنگهاري سِجڪاڻ ٿيا؛
عُمَر اُنهِي پارَ جي، اَٿمَ سارَ سَنڀالَ؛
جو صبح اُٿي ساجُهرين، مارو ڇيڙن مالَ؛
پِيَسَ پَري پنوھارن کَؤن، ھَي جي ٿِيَم حالَ؛
آھي اُنهي ڪوٽَ ۾، جِيَڻُ مَنجهہ جَنجالَ؛
سِگَهڙي وڃِي شالَ، پھان پکي پنھنوارن جي.

ڪافي 1
ھو جي ماروئَڙا ٻيھرَ مانَ مِلن،
شالَ الله اوراھون ڪَندن، سانگي سانگ سَندن

ويٺي آھيان واٽ تي، مَنَ اَچو حال پُڇَن
پَکا پَکَنِ سامهون، اوري آڻي اَڏنِ

انھن ڪارڻ جيڏيون، منھنجيون اکيون رتُ رُئَن.
اَصل لاڪون آھي، ”سَچو“ سَگ سَندن.

ڪافي 2
مارو اُھي مِليامَ، عُمر ڄامَ، وو،
طَلَب جَنِين جِي آھي تَن کي.

ڪَرَم ڪَيائون ڪيترا، ڏوٿِي ھت ڏٺامَ.
ھِت جنَھين کي، ھُت ڀي تن کي پيو آرام.
پاڙِيائون سي پانھنجا، ميان، ڪَيئون جي انجام.
طالع وارا تن جي، گولن جا به غلام.
ڪاڏھن ”سچو“ سالڪان، ميان، ٿِئي طَلَب تمام.

ڪافي 3
ڏوراپا ڏيئِي، ڪنھن ھَٿ مُنجان، وو، ماروئين!

وساري ويھي رھيؤ، حال ٻُڌي ھيئِي.
مِڙي اَچو مون ڳَري، آھِيو جهانگِيڙا جيئِي.
لَھو سُڌِ سَنگهار جِي، جي آھيو اَتيئِي.
”سچو“ ساريَؤ ڪِين سا، جا ويڙھيچؤن ويئي.

ڪافي 4
راتِ مُڪَم روئِي،
ساري سلامَ سنگهارن ڏي.

اکيون اباڻي پار ڏي، بيٺيون جُهڙَ جهوئِي.
اَباڻَن جي آسري، لِيڙون ٿِيَم لوئِي.
ونڊن وِرڇن پاڻ سين، ڏؤنرن جِي ڏوئِي.
لِکِي ڪاغذ مُون وڌو، پَکيءَ کي پوئِي.
ڪي ڏينھن ڍويَم کيت سان، آبَ ڀَري اوئِي.
اَوھان ٻاجهؤن ڪونَڪو، ڪَل لَھي ڪوئِي.
مارو ملندو مارئِي، ”سَچَل“ کي سوئِي.