مارئي

داستان ٽيون

1
جهانگيئڙن لَئہ جِيءُ، ھِت عمر آھ اُٻاڻڪو؛
نَئِي گَڏائج اُن سان، حال منھنجو تا ھيءُ؛
سانگيئڙن ۾ سيءُ، آھ اَڃا توڻِي تانھنجو.
2
ڪونہ وري آيو، ماڻهو مُلڪَ مَلير جو؛
جو کِيئن جون ڏئي خبران، ساٿِي سَوايو؛
ڏورائيءَ ڏوٿِن جي، ھيءَ مون کي مُنجهايو؛
ميان ماروئڙن جي، ھِت طعنن تپايو؛
ڪر سومرا سايو، تہ وڃان ويڙھيچن ڏي.
3
قاصد آيو ڪونڪو، ۽ ڪو نہ لکيائون خط؛
جيڪُس ھُيس ڪينڪي، ريگستانِن رَتُ؛
پنھوارن پاھَتُ، تيلهان مون سان نہ رکيو.
4
قاصِد آيو ڪونہ، ريگستاني راڄَ ڏَھُون؛
جو تو مون کي تارِ ڪيو، سومرا ۾ سونَ
ليھ پتو روحَ کي، ھُت ھَي ھَي جيڪس ھو نہ!
ڇيھون ھِتي ڇونہ، ٿيان اَھڙن عتابن سان.
5
پنھوارن پيغامَ، اَڄ ڏئِي مُڪا مُون مَڻين؛
ڪڏھن آيا ڪينڪِي، تو ڏنھن ھِت سلام؛
کائِي اتي محفوظُ ٿئين، طرحين طرحين طعامَ؛
پيرُون چونڊئي پَٽَ جا، ٿي ڪڏھِن لاڙيو لامَ؛
ڏسي عيش اِنعامَ، اَڄ اُھي ويلان وِيَڙئي وسري!
6
پَري ٿين نہ شالَ، ھُئن اوڏائِي اَجڙي!
اُٿي ويٺي اُن جا، اَٿم خوابَ خيال؛
سدا سانگيڙن جِي، مون کي ساھ سنڀال؛
ھِتِ مون ھھڙا حال، ھُتِ عِتاب اُنهن جا.
7
عمر مون ڏي آئيا، اَباڻئون عتاب؛
”ٿيئن اتي تون مارُئي، کائِي خوش ڪبابَ“؛
ھِت مون اکيون پنھنجيون، جهليون روئِي آبَ؛
جهوريَس ھِن جواب، ويڙھيچن وساريو.
8
مُنجن ھِيئن چَيون، مون ڏي مارو، سومرا؛
وڃي عمر ساڻ تو، ڳالهيون ڪالهہ ڪيون؛
سي پُڻ پنھوارن ۾، پَڌر ھَتِ پيون؛
اِھي پَچارون تانھنجون، ويڙھيچؤن نہ ويون؛
کيتن ھاڻ کنيون، پکيُون ملڪ ملير مَون.
9
ڪو نئين نِياپو، منھنجو ماروئڙن ڏي؛
مون ڏي اَوھان موڪليو، ڏيئي ڏوراپو؛
تہ لوئِي لاھي سِر ڪَيُئي، سونَ رُپي ڇاپو؛
مون کؤن وسري ڪين ويو، آھي جهڻ اُھو جهاپو؛
اِينديَس سِگهي ايڏھين، لاھي لاڳاپو؛
موليٰ ميلاپو، ڪندو سِگهڙو سنگهارن سان.
10
آءٌ پُڻ ڇا تہ چوان، موٽِي ماروئڙن کي!
”ھَئي ھَئي ھِن جي حال جِي، ناھي ڪَل اَوھان“؛
ھِت اُنھن ري سومرا، نِتُ نِتُ سورَ نوان؛
پَکي شالَ پھان، مان وڃي پنھوارن جي.
11
کڻي ساڻ کٿِي، جا آنديم مُلڪَ ملير ڏنھن؛
سا اَڄ توڻِي تا سِر ت‍ؤن، لَحظو ڪين لٿِي؛
لوئِيءَ سنديءَ لَڄَ کؤن، مون ڍڪيا پٽَ نہ ٿي؛
ھِت سُورن آھ سَٿي، اَئين ٿيون ڏوراپو ڏيو!
12
ايڏانھن اِيندياس، ڪنھن مھل موچاريءَ ماروئا!
جا لوئِي آنديَم لوءِ ڏنھن، سا ڇن نہ ڇڏيندياس؛
توڙي تَھباران ٿِيئي، تہ بِہ مور نہ مٽيندياس؛
اَچي ڏوٿيڙن کي، اَڃا ڏوراپا ڏيندياسِ؛
تہ ڪيئن وِساري ويھي رھيو، ٿوراھِين ٿيندياسِ؛
مَنَهيون، مَنَهن سان اِتي، آڻي اَڏيندياسِ؛
ڳالهيون ڳرھيندياس، سرتن سان ساڻيھ ۾.
13
الله اَباڻن سان، مون کي گڏُ ڪرئين!
جي ويا ٿَر پَرئين، سي موٽي آڻ ملير ۾.
14
عمر اَباڻن ري، آءٌ تان ڪوجِهي آھيان؛
ھيءَ لوئِي نہ لاھيان، جا آھ نِشانِي اُن جِي.
15
جا اَباڻن ڏني، سا لوئِي ھَڏ نہ لاھيان؛
ڪنديِس ڪين ڪِني، وٺي وينديس ويڙھ ڏي.
16
عمر ڏيھ اَباڻي، مون چڱا ڏينھن گُذاريا؛
ھِت اَچي ھاڻي، پيو ھِينئڙو ھَلاڪت ۾.
17
عمر اَباڻؤن وڇڙي، ڪنھن اعراضي آندياس؛
وڃي خوشيؤن کائيندياس، پَڪا پيرون پانھنجا.
18
ڪائِي پلڪَ پَري، شال عمر اَباڻؤن نہ ٿيان!
ذري منجهہ ذري، ھُئن پڇندڙ حال جا.
19
جڏھن ھُيس اَباڻين، مَحل نہ ماڙيون مون ڏٺا؛
لَئي ۽ لاڻين، ھيون پيھيون پنھوارن جون.
20
ڦَٽِي ڦوڙائِي، آءٌ مِيان ماروئڙن جي؛
ڏنيون مون کي تو ھتي، آھن ماڙيون جوڙائي؛
ويھان وچ نہ انهين، ٻُڙو ٻوڙائي؛
ھِن ھنڌن ۾ سومرا، ٿو لکيو لوڙائي؛
جنھن آندم ٽوڙائي، پکن مؤن تہ پنھوار جي.
21
ريگستاني راڄَ جِي، آءٌ ڳالهہ ڪريان ڪيھِي!
ڪَنِ پچارون پاڻ ۾، سي واريءَ تي ويھي؛
تہ ”ايندي ماروئين مارئِي، شل پَکن ۾ پيھي“؛
اُڪنڊ مون ميلاپ جِي، آھ جهانگن کي جيھي؛
منھنجي تن تيھِي، آھي سِڪ سنگهارن جِي.
22
مان اُنهن کي ساريان، ھو بِي سارن مون؛
جي راضي ٿئين تُون، ڏي موڪل ماروئڙن ڏي!
23
مان اَباڻن ساريان، ھُت اَباڻا سارين؛
واٽان نِھارين، منھنجي اَچڻ سنديون.

ڪافي 1

پَل پَل پونم پُور، عمر تن ماروئڙن جا.

دمدم منھنجي دل ۾، مارُن جا مذڪُور:
سرتيون سورن جا.
سانگيڙن کي سدا مان ساريان، ھينئڙي ھونم ھُور،
پل پل پنھوارن جا.
منِ مَچائي ”سچو“ ويا سانگِي، دونھن جا دستور،
خاصَن کورن جا.

ڪافي 2
پاڙيچون نِي پِرين جو، مون کي پُور اڄ نِي پيو.

انتر جنتر مَون ٿي، ھَي نيھڙي نيو.
جيڪي چيو نجوميءَ، سو تا صحيح ٿيو.
چرخو ڀَڃي چيھاڙيون، مون ٿي ڪاڪيون ڪَيو.
ھِن جان ٿئي جميعت، لالَن جي پائي ليو.
ڪو ڏس اچي پريئن جو، ھِن ڏاھ کي ڏيو.
جي در اچي سو دلبر، تا جيءُ، ”سچوءَ“ جو جيو.

ڪافي 3
مارو مون کي نہ وسارين، آھيان اُنھن جي! ميان.

درد جنين جو دل کي، ڪَرم سين اُڪارين.
اٺ ئي پَھر اوڏھين، ٿا نيڻ نھارين.
ھردم طَلب جون تَن اندر، تارون تنوارين.
”سچو“ سارين جن کي، سي ڀي تو سارين.

ڪافي 4
ھلي ھھڙي حال، ميان،
وڃي ڏوٿن کي ڏسان!

پيڪَن مون پھچائين، ڀلا پنھنجي ڀالِ.
منھنجو ماروئڙن ريءَ، جِيئڻ آھي جنجال.
ھھڙي وڇوڙي جي، ڪنھن سان ڳرھيان ڳالهہ.
ھُئڻ سدا خوش سومرا، مارو پنھنجي مالِ.
”سچوءَ“ جي تہ سَرير ۾، مارن جِي آھ قالِ.

ڪافي 5
ڏوٿن کؤن نہ ڏور، آھيان جيڏيون.
آءٌ اوڏي ان کي! سائين الا.

ناھيان ٻاھر تن کؤن، ميان، ھڪڙوئِي دم دور.
”اَلاِنسانُ سِري وَاَنَا سِرہُ“، دوسن جو دستور.
ھِي مڙيوئِي آھي تان، ميان، مارن جو مذڪور.
”سچو“ سا پُڇ ڳالهڙي، ميان، مارن جِي مَستور.