عرض حال

ٻئين ايڊيشن بابت ٻہ اکر

منھنجن مانوارن دوستن (شاهنواز سومري، محمد حبيب سنائي، عبدالرحيم نظاماڻي، فقير اسلح علي قلباڻي، عاشق حسين نظاماڻي ۽ رشيد ٻرڙي) جي ھٿ ھمراھيءَ سان ڪمپوز ڪيل ۽ منھنجو ترتيب ڏنل ”شاھ جي رسالي“ جو پھريون اليڪٽرانڪ ايڊيشن، اسان 30 ڊسمبر 2004ع تي جاري ڪيو ھو. جيڪو ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام تي آنلائن پڙهڻ توڙي پاڻ وٽ لاھڻ (Downloading) لاءِ مفت موجود ٿيو.

اھو پھريون ڀيرو ھو، جو سڄو ”شاھ جو رسالو“ انٽرنيٽ وسيلي دنيا ۾ ھرڪنھن جي لاءِ مفت موجود ٿيو. ان کان پھرين، شاھ جا ڪي چونڊ بيت انٽرنيٽ تي ورلي ڏسڻ ۾ ايندا ھئا. پر تنھن ھوندي بہ انٽرنيٽ تي سڄي رسالي جو ھجڻ ھڪ خواب ھو. رب سائينءَ پنھنجي ٻاجهہ سان اھو ڪم اسان جي ھٿان ڪرايو⹁ جنھن کي اسين سعادت سمجهون ٿا. شاھ جي رسالي جو اھو ايڊيشن، تنھن وقت جي موجود ٽيڪنلاجيءَ موجب نھايت ھلڪو (Light weight) ۽ اسڪرين وسيلي پڙھندڙن لاءِ تمام سولو (User friendly) ڪري ٺاھيو ويو ھو. جنھن کي انٽرنيٽ توڙي لوڪل ڊوائسز تي ھڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪرڻ ۽ اسڪرين وسيلي پڙھڻ، ڇاپڻ وغيرہ نھايت سولو ڪم ھو.

انساني ڪارونھوار ۾ سنھجايون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي لڳاتار تبديلن مان گذرندي رھي ٿي ۽ اھا ڪڏھن بہ ھڪ ھنڌ نٿي بيھي. جنھن جي ڪري بنيادي ڪوڊنگ توڙي پروگرامنگ ۾ سولايون پڻ ڏينھون ڏينھن وڌنديون رھن ٿيون. اھڙن سڌارن ۽ واڌارن مان ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ دنيا جا ڊويلپر پنھنجي اڳواٽ جاري ڪيل سافٽويئر ائپليڪيشنس ۾ پڻ وقت سر گهربل تبديليون ڪري، نرالين اپڊيٽس سان پنھنجي پروگرامن جا نوان ورين ٺاھي کين تازو توانو ڪندا رھن ٿا. اسان پڻ ساڻن گڏ ساڳيءَ ريت، پر ھڪ ڌار دڳ سان مسافريءَ ۾ آھيون، جيڪو اسان جي مادري ٻوليءَ (سنڌيءَ) جي ڊجيٽل اسڪرين تي سڌاري ۽ واڌاري جو دڳ آھي. جنھن تي ھلندي زمانوي مٽا سٽا مان گذرندڙ ڪوڊنگ ۽ پروگرامنگ تي ٻوليءَ جي وارث جي حيثيت سان سجاڳ اک رکندا، پنھنجي ٻوليءَ لاءِ نوان پروگرام جوڙيندا توڙي اڳواٽ جوڙيل پروگرامن جون گهرجن پٽاندر اپڊيٽس جاري ڪندا اچون.

جيئن ئي يونيڪوڊ ڪنسورشيم اکرن جي بنيادي ڪوڊنگ ۾ ”ھ“ جي شڪيلن جي ورڇ ۽ ڪوڊنگ کي ويتر چٽو ڪيو، تہ سنڌي لکت لاءِ ”ھ“ جون گهربل 8 ئي شڪليون پڻ ميسر ٿي ويون. جيڪي ھيٺين ريت آھن:

تن ڏينھن منھنجو، سنڌ اچڻ ٿيو ۽ ”ھ“ جي شڪلين واري مسئلي تي، امر فياض ٻرڙي ۽ شبير ڪنڀار سان تفصيلي ويھڪ ٿي. جنھن م ڊگهي بحث کان پوءِ جيڪي نتيجا ڪڍيا ويا، تن کي ھن طرح سمجهبو:

○ مٿئين چارٽ ۾ ”ھ“ جون 12 شڪليون ڏيکاريل آھن، جن مان ڳاڙهي رڱ واريون 2 شڪليون اڙدوءَ جون آھن ۽ سنڌي لکت لاءِ ڪتب نٿيون اچن.
انهن ڳاڙهين 2 شڪلين کي ڇڏجي، تہ باقي 10 بچن ٿيون.
○ نمبر 1 ۽ 2 جون بنيادي ۽ مھڙ واريون شڪليون ساڳيون آھن، تنھنڪري اسان انهن ٻنهي لاءِ، 2 نمبر جون شڪليون ”ھ“ ڪوڊ نمبر: 06BE ۽ ”ھـ“ ڪوڊ نمبر: FBAC عام طور ڪتب آڻڻ جو فيصلو ڪيو.
○ باقي رھيل مڙني شڪلين کي جيئن جو تيئن ڪتب آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
○ اھڙيءَ طرح سنڌي لکت جي گهرجن جي پورائي لاءِ ”ھ“ جون جملي 8 شڪليون (ھ، ہ، ھـ، ـھـ، ـھ، ـهـ، ـه ۽ ـہ) وڃي بيٺيون.

ان کان پوءِ گهرج ھئي تہ اھڙي ڪوڊنگ کي ”ايم. بي. سنڌي“ ڪيبورڊ لي آئوٽ ۽ معياري سنڌي فونٽس ۾ پڻ ڪم داخل ڪيو وڃي تہ جيئن اھي عام لوڪ لاءِ واھپي ۾ آڻڻ جھڙيون ٿي پون. اھڙيءَ ريت نئين ڪيبورڊ جي مدد سان جڙندڙ سنڌي ٻوليءَ جي آن ۽ آفلائن ڊيٽابيس ۾ پڻ اھڙي چٽائي اڳواٽ ٿيندي رھندي. ڇاڪاڻ تہ لکت ۾ موجود اھڙي چٽائي، لکت مان آواز (Text to voice) ۽ آواز مان لکت (Voice to text) جو بنيادي ڏاڪو آھي.

ڪيبورڊ ۽ فونٽس ۾ نئين ڪوڊنگ آڻڻ واري انهي ڪم جي ذميواري منھنجن پيارن دوستن (شبير ڪنڀار ۽ امر فياض ٻرڙي) کنئي ۽ ترت پوءِ ڪيبورڊ ۽ فونٽس جي ھڪڙي اپڊيٽ (MBSK 2.0) تيار ڪري ڏنائون.

ڪيبورڊ ۽ فونٽس تہ اپڊيٽ ٿي ويا، جن جي مدد سان ٺھندڙ (ٽائيپ/ڪمپوز ٿيندڙ) مواد تہ جديد گهرجن پٽاندر ٺھڻ لڳو پر اڳواٽ ڪمپوز ٿيل مواد ۾ ”ھ“ جي شڪلين جي سڌارن (درستگين) جي گهرج اڻـٽر ٿي پئي. تنھنڪري، منھنجي ھنن ٻنهي سُلڇڻن دوستن ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام تي موجود متن ۾ اھڙين درستگين جو ڪم پڻ پنھنجي ڪلهن تي کنيو ۽ پنھنجي لڳاتار محنت سان ھي بيحد ڏکيو ڪم ڏاڍي سُچيتائيءَ سان نڀائي پورو ڪيائون.

اھڙيءَ ٺاھ جوڙ کان پوءِ سوڌي سنواري شاھ جي رسالي جو ھي ٻيو ايڊيشن جوڙي پيش ڪيو اٿن. جنھن ۾ رھيل سھيل پروف توڙي اعرابن جون عام چڪون تہ جيتوڻيڪ درست ڪيون اٿن، پر نھايت ڳُوڙھن اکري مونجهارن جي ڪا بہ چُرپَچُر ڪانَ ڪئي اٿن. جنھن جا 2 سبب آھن:

1. ڪم تمام گهڻو ھو ۽ ان کي نڀائڻ وارا رڳو ھي ٻہ ڄڻا پاڻ ۾ ھئا.
2. پھريون ايڊشن جوڙڻ وقت اسان دوستن، رسالي جي جنھن مسودي تان ڪمپوزنگ ڪئي، سو پڻ وٽن موجود نہ ھو، جنھن کي سونھون بڻائي ھي (شبير ۽ فياض) اھڙي ڀيٽ سان درستگيون ڪري سگهن ھا.

تنھن ھوندي بہ پنھنجي سُچيتائيءَ سان جھڙيءَ ريت ھُنن، ھِن ڪم کي سھيڙيو آھي، سو ڏسي دل خوش ٿي وڃي ٿي. سندن پاران ڪيل اھڙي ٺاھ جوڙ کان پوءِ رڳو ھڪڙي بيت جي اھڙي ڀيٽ ڏسبي تہ سڄي فرق جي ڀليءَ ڀت پروڙ پئجي ويندي:

ٺاھ جوڙ کان پھرين بيت جو ڏيک:

سامِي کامِي پرِينءَ لَءِ، ڪُسِي ٿِيا ڪَبابُ؛
جَهِڙو ڏِسَن ڏوہَ کي، تَهِڙو تِنِ ثَوابُ؛
اوتِين اَرِتي گاڏُئون، مَنجهان اکِيُنِ آبُ؛
سَندو ذاتِ جَوابُ، تُون ڪِئَن پُڇِين تِن کي؟

ٺاھ جوڙ کان پوءِ ساڳئي بيت جو ڏيک:

سامِي کامِي پرِينءَ لَءِ، ڪُسِي ٿِيا ڪَبابُ؛
جَھڙو ڏِسَن ڏوھَ کي، تَھڙو تِنِ ثَوابُ؛
اوتِين اَرِتي گاڏُئون، مَنجهان اکِيُنِ آبُ؛
سَندو ذاتِ جَوابُ، تُون ڪِئَن پُڇِين تِن کي؟

ھنن دوستن  پاران سنڌي ٻوليءَ ۽ شاھ سائينءَ جي ڪلام سان بي لوث محبت واسطي ڪيل پيار جي ھن پورھئي کي ڏسي ھاڻ پڪ ٿي وئي اٿم، تہ جيڪو سَلو مون 1987ع ۾ لڳايو ھو سو ھاڻ گهاٽي ڇانوَ ۽ مٺي ميوي وارو وڻ ٿي پيو آھي، جنھن تي مان ڏاڍو خوش آھيان. زندگيءَ ۾ جڏھن ھھڙا خوشيءَ ڀريا پل ايندا آھن، تڏھن ھانءَ تي ھي خيال سدائين تري ايندو اٿم: ”ماءُ ھٿان، سُتِيءَ سان گڏ لوليءَ ۾ مليل ان ٻوليءَ جي ساءَ تان صدقو ڇو نہ وڃجي؟ جنھن جي وسعت، سوچن جي ان سمونڊ جيان آھي، جيڪو ڏک سک جي احساسي اڌمن مان اٿيل ڪيترين ئي ٻوڏين کي پل پل پِيئندو، اسان کي جيئڻ جو نئون اتساھ بخشيندو رھي ٿو“.

مان پنھنجي دوستن جو ھي بي لوث پورھيو، اوھان جي حوالي ڪندي⹁ سندن ڪم کي دل سان واکاڻيان ٿو. کين شابسون ڏيان ٿو ۽ ھنن لاءِ دلي دعاگو آھيان.

ناچيز
عبدالماجد ڀرڳڙي
24  اپريل 2020ع

پھرئين ڇاپي جو مھاڳ