سنڌي ڪمپيوٽنگ جو تاريخي پسمنظر

 

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام ”الڪاتب“ ۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنھن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پھريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پھريون قدم هو. اهڙي خوشيءَ جي خبر روزانہ هلال پاڪستان سڄيءَ سنڌ کي ڏني. ان ڪاميابي بعد ساڳي اخبار ۾ پھريون سنڌي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيل ڪالم انعام شيخ جو ”ڪَکُ پن“ ڇپيو. ايئن سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي ۽ ڪمپازيٽرن جي جاءِ ڪمپيوٽرن ورتي. ان کان اڳ اهو (ڇپائي جو) ڪم ڪمپازيٽر (شيھي جي ٽائپ فريم ۾ سيٽ ڪري پريس لاءِ مضمون تيار ڪندڙ) ڪندا هئا، جيڪو انتھائي ڏکيو ۽ بي حد ٿڪائيندڙ توڙي صحت لاءِ هاڃيڪار عمل هو، جنھن ۾ شيهي (Lead) جي ٺھيل ٽائپ هوندي هئي ۽ هڪ هڪ حرف جو مختلف روپ خانن ۾ پيل هوندو هو. پوءِ ڪمپازيٽر هڪڙي ڪاٺ يا ميٽل جي سانچي يا فريم ۾ انھن کي هٿ سان سيٽ ڪري لفظ بہ لفظ جوڙي مضمون ترتيب ڏيندا هئا. مسلسل اهو ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪمپازيٽر اڪثر شيھي جي زهريلي اثر يعني Lead Poisoning جو شڪار ٿي ويندا هئا. ڄڻ تہ سنڌي ڪمپيوٽنگ اهڙي هاڃيڪار پورهئي مان سندن جند آجي ڪرائي، نہ رڳو اهو پر ان سان ڇپائيءَ جي ڪم ۾ تيزي، خوبصورتي ۽ چٽائي بہ آئي.

محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جي سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ جو ئي نتيجو آهي، جو پاڻ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڪا ڊگري نہ هوندي، نہ وري ڪنھن مالي امداد جي، فقط ذاتي وسائل ڪتب آڻي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو ادارا، يونيورسٽيون ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا ماهر وسائل باوجود بہ نہ ڪري سگهيا. پنھنجي لڳاتار محنت سان مارچ 1988 تائين پاڻ عملي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال لاءِ مڪمل سرشتو جوڙي ورتائون، جنھن سان ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ جو استعمال اوتري ئي سولائي سان ممڪن بڻيو جھڙو عربي، فارسي ۽ اردو وغيرہ لاءِ ان کان اڳ ۾ هو. هتي اهو ڄاڻڻ بي حد ضروري آهي تہ ايم بي سنڌي ان پيج کان پوءِ نہ بلڪہ گهڻو اڳ جي ايجاد آهي.

پنھنجي اهڙي اَملهہ ايجاد تي ڳالھائيندي محترم عبدالماجد ڀرڳڙي چوي ٿو تہ منھنجي ان پورهئي ۾ دوستن، محبوبن، وڏڙن ۽ بزرگن جون دعائون ۽ محبتون تہ ضرور شامل هيون، پر ايم بي سنڌي ۾ دوستن جي ماهرانہ يا غيرماهرانہ صلاحيتن جو ڪو عمل دخل ڪونہ هو ۽ اهو سمورو پورهيو مون اڪيلي سِر پنھنجي ٻوليءَ جو فرض سمجهندي پاڻ ڪيو آهي.

جولائي 1988ع ۾، ايپل ڪمپنيءَ جي ڊسٽريبيوٽر طرفان هاڻوڪي ميريٽ هوٽل ۾، جيڪو تڏهن هاليڊي ان سڏبو هئو، هڪ تقريب منعقد ڪري سندس (محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي) ان تاريخي ڪم کي عوام ۽ خواص آڏو متعارف ڪرايو. جنھنجي صدارت مرحوم علي احمد بروهي صاحب ڪئي ۽ اهڙي طرح سان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باقاعدہ شروعات ٿي.

يادگيريون ونڊيندي محترم عبدالماجد ڀرڳڙي ٻڌايو تہ تقريب کان پوءِ رفريشمينٽ دؤران مرحوم علي احمد بروهي صاحب کيس کِلندي کِلندي چيو: ”ڀرڳڙي، جيڪڏهن تون اهو ڪم بنگالي ٻوليءَ لاءِ ڪرين ها تہ بنگالي تنھنجا مُجسما ٺاهي، شھرن ۾ لڳائن ها. پر تو اِهو ڪم سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيو آهي، فڪر نہ ڪر، جلد ڪو تنھنجي ٽنگ مان جهلي، هيٺ گِھلي لاهيندُءِ.“

پوءِ هلال پاڪستان وارن اخبار جي جُزوي ٽائپسيٽنگ ڪمپيوٽر وسيلي شروع ڪئي، پر عوامي آواز پھرين اخبار هئي جنھن ڪمپوزنگ جو سڄو ڪم هن (سنڌي) سرشتي کي استعمال ڪندي ڪمپيوٽر وسيلي ڪرڻ شروع ڪيو. اهو استعمال ۾ ايترو تہ آسان هو جو انگريزي ٽائپنگ ڄاڻيندڙ ٻن ٽن ڏينھن ۾ رواني سان سنڌيءَ ۾ (ڪمپيوٽر تي) ٽائپنگ ڪرڻ سکي پئي ويا. بعد ۾ ڪاوش، آفتاب ۽ ٻين سنڌي اخبارن بہ ان سرشتي کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي سڀ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا ڪمپيوٽر وسيلي ڇپجڻ لڳا. 1990ع واري ڏهاڪي تائين سنڌي ڪمپيوٽنگ جو وڌ ۾ وڌ استعمال اشاعتي ۽ اخباري ادارا ئي ڪندا رهيا ۽ عام ماڻھن کي ان جي باري ۾ اڃا گهڻي ڄاڻ ڪانہ هئي.

اگتي هلي جڏهن ڪمپيوٽر ادارن ۽ آفيسن مان ٿيندو عام ماڻھن جي دسترس ۾ آيو ۽ انٽرنيٽ ۽ ورلڊوائيڊ ويب عام ٿيڻ لڳا، تڏهن ماڻھن لاءِ ڪمپيوٽر باهمي رابطي توڙي فائلن جي ڏي وٺ جو ذريعو بڻيو ۽ تڏهن ئي پرسنل ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ جي ضرورت شدت سان فردن فردن محسوس ٿيڻ لڳي.

حقيقت ۾ ڪمپيوٽر تي ڪنھن بہ ٻوليءَ جي استعمال لاءِ ان ٻوليءَ لاءِ هڪ ڪوڊ پيج گهربل هوندو آهي، جنھن ۾ ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني حرفن (اکرن) ۽ علامتن (نشانين) وغيرہ کي هڪ عددي ڪوڊ پوائنٽ ڏني ويندي آهي تہ جيئن ڪمپيوٽر، جيڪو عددي حساب جي آڌار تي ڪم ڪندو آهي، سو ان ڪوڊ پوائنٽ وسيلي ان ٻوليءَ جي حرفن (اکرن) ۽ علامتن (نشانين) وغيرہ جي سڃاڻپ ڪري سگهي. هر ٻوليءَ جا ادارا پنھنجي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي ترويج لاءِ هڪ معياري ڪوڊ پيج جوڙي ان کي ڪمپيوٽر سان وابستہ بين الاَقوامي ادارن کان منظور ڪرائي وٽن رجسٽر ڪرائيندا آهن. انھيءَ بنيادي ڪم کان پوءِ ئي ان ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال جا امڪان پيدا ٿيندا آهن. بدقسمتي سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪنھن بہ حڪومتي اداري يا درسگاہ وغيرہ ڪڏهن اهڙي ڪوشش ڪانہ ورتي. جنھن صورت ۾ ٻوليءَ جو ڪم لنگوئسٽ يا ماهر لسانيات جو آهي جيڪي ٻوليءَ جي فني تقاضائن کي ڀليءَ ڀَت ڄاڻن ٿا، پر رابطي جي کوٽ توڙي عدم دلچسپيءَ جي ڪري سڀئي ڪم هن (محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب) پاڻ سر انجام ڏنا. عين ممڪن آهي تہ لسانيات جي حوالي سان ان ۾ ڪي پيچيدگيون رهيل هجن، جن جي اڀياس جي پڻ ضرورت آهي، اهو هڪ جدا موضوع آهي جيڪو هتي مطلوب ڪونهي.

محترم عبدالماجد ڀرڳڙي ٻڌائي ٿو تہ تڏهن معياري سنڌي ڪوڊ پيج نہ هئڻ ڪري، سنڌيءَ کي ڪمپيوٽر تي استعمال ڪرڻ جو واحد طريقو اهو وڃي رهيو هو تہ عربي فارسي ڪوڊپيج کي، هڪ قسم جي جُڳاڙ يعني Hack ذريعي، سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻايو وڃي ۽ اهوئي طريقو مون پڻ استعمال ڪيو. جيئن تہ ان قسم جو جُڳاڙ لامحالہ ڪنھن معيار يعني Standard تي ٻڌل نہ هوندو آهي، تنھنڪري ان ذريعي ڪتاب، رسالا وغيرہ ٽائپسيٽ ڪرڻ تہ ممڪن هو پر اُسرندڙ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ذريعي ٻولي جي بين الاقوامي سطح تي ڪمپيوٽر ۽ انٽرينٽ تي ترويج، ويب پيج جوڙڻ، اي ميل ۽ چيٽنگ وسيلي هڪ ٻئي سان رابطو وغيرہ وقت جون اهڙيون اهم ۽ اڻٽر ضرورتون هيون جن جو پورائو معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ کانسواءِ ممڪن ڪونہ هو. پوءِ خوشقسمتي سان هڪ يونيورسل ڪوڊ پيج ترتيب ڏنو ويو هو تہ جيئن دنيا جي سڀني ٻولين جو ڪمپپيوٽر تي استعمال ٿي سگهي ۽ انھن ۾ سنڌي بہ شامل هئي. ان سان ڪوڊ پيج جو مسئلو تہ حل ٿي ويو جيڪا بنيادي گهرج هئي، پر ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر تي استعمال ڪرڻ لاءِ اڃا ٻيا گهڻا مرحلا طئي ڪرڻا هئا. ان لاءِ بين الاقوامي معيار مطابق فونٽ (Font) ۽ ٽائپفيس(Typeface) جوڙڻ، ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم ۾ ٻولي جي پروسيسنگ لاءِ سپورٽ هجڻ، ڪمپيوٽر تي لکڻ لاءِ ڪيبورڊ اينٽري سرشتو ۽ ان کي سسٽم ۾ نصب ڪرڻ وغيرہ اهڙا ناگزير عملي مرحلا هئا جن کان سواءِ ٻوليءَ جو ڪمپيوٽر تي عملي طرح استعمال ممڪن نہ هو.

محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب ٻڌائي ٿو تہ سن 2000ع ۾ تقريبًا ڇھن مھينن جي لڳاتار محنت کانپوءِ جڳ مشھور ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم (ونڊوز) ٺاهيندڙ ڪمپني مائڪروسافٽ جي متعلقہ شعبي جي سربراھ پال نيلسن سان روبرو ميٽنگن، توڙي ساڻن سوين اي ميلز جي ڏي وٺ بعد، آئون مائڪروسافٽ ونڊوز ۾ يونيڪوڊ جي آڌار تي، معياري سنڌي جو بنياد وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ ان جي استعمال کي ممڪن بڻايم ۽ سنڌيءَ کي سھڻا ۽ معياري فونٽ ڊزائن ڪيم، تہ جيئن ٻوليءَ جي لکت کي جيترو ممڪن هجي خوبصورت بڻائي سگهجي.

فونٽ ڊزائن جي ڪم کي جيتوڻيڪ ڪافي دوستن اڳتي وڌايو آهي، جنھن جي ڪري هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ معياري فونٽس جو تعداد ھزار کان بہ وڌي ويو آهي. جن ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي خوبصورت بڻايو آهي.

پشتو ۽ اردو جو ڪمپيوٽر تي استعمال بہ سنڌيءَ سان گڏ ئي شروع ٿيو هئو پر فرق اهو هو تہ جتي ڪمپيوٽر جي لاءِ پشتو ۽ اردو جا پيڪيج سون ڊالرن ۾ وڪامجي رهيا هئا، اُتي محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب سنڌي لاءِ ساڳئي قسم جو سافٽويئر، پنھنجي سنڌي ٻوليءَ جي پھرين ويبسائيٽ www.bhurgri.com تان مفت ورهائي (ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ آڇي) رهيو هو.

اهڙي طرح سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان 21 هين صدي جي ابتدا ۾ هڪ نئين دؤر جو آغاز ٿيو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جي اهليت آساني سان شامل ڪري، تقريبًا هر اهو ڪم ڪري ٿي سگهيا، جيڪو ان کان اڳ ۾ صرف انگريزي ۽ ٻين ترقي يافتہ ٻولين ۾ ممڪن هو.

”ايم بي سنڌي“ اهو حل آهي جنھن ذريعي ڪنھن بہ ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم (ونڊوز، ميڪنٽوش ۽ لِنڪس) ۾ سنڌي جي استعمال کي ممڪن بڻائجي ٿو، جنھن بعد انھن سڀني پروگرامن منجهہ جيڪي يونيڪوڊ جي آڌار تي عربي رسم الخط کي سپورٽ ڪن ٿا تن سڀني کي سنڌي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. Microsoft Office جي ورڊ ۽ ٻين پروگرامن کان علاوہ سوين ٻيا پروگرام بہ آهن جيڪي يونيڪوڊ عربي رسم الخط کي سپورٽ ڪن ٿا. هي (MB SINDHI) رڳو Microsoft Office Word تائين محدود نہ آهي، بلڪہ پوري ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم ۾ سنڌي جي استعمال کي ممڪن بڻائي ٿو، جنھن سان اڄ سنڌيءَ ۾ اي ميلز ، چيٽنگ، ويب پيج، فيس بوڪ تي پوسٽ وغيرہ ممڪن بڻيا آهن. MB SINDHI مڪمل ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي کي سنڌيءَ لاءِ قابل استعمال بڻائي ٿو. پڌرو هجي تہ هي (MB SINDHI) ڪو ورڊ پروسيسنگ يا ڪمپوزنگ جو سافٽ ويئر يا پروگرام ڪونهي، پر اهو هڪ همہ گير حل آهي جنھن ذريعي هر قسم جا پروگرام سنڌي لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا، جن ۾ ڪمپوزنگ جا اعلىٰ پروگرام مائڪروسافٽ ورڊ، پبلشر، اڊوبي ان ڊيزائن، اوپن آفس جو رائٽر وغيرہ بہ اچي وڃن ٿا.

حقيقت اِها آهي تہ MB SINDHI ذريعي محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب بنيادي طرح ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا جا دروازا سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ کولي ڇڏيا آهن. هاڻي اسان پنھنجا سنڌي ٻوليءَ سان وابسطہ ڪم ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي استعمال سان بہ آساني برق رفتاريءَ سان ڪري سگهون ٿا.

(شبير ڪنڀار)