سسئي

داستان چوٿون

1
متان وسارين، ووءِ ووءِ ڪَر وندرَ ۾؛
جي گوندر گذارين، سي تو چڱا ڏينھڙا.
2
چڱو گوندر غَمُ، جي مون پڇيو جيڏيون؛
مَنجهہ ڪشالي ڪَمُ، آھي وِرھَ وارئين.
3
گوندر آھي غَرضُ، جي مُون سُڻو سَرتيون؛
فنا سڀ فَرضُ، ڪري سو سُنتَ سين.
4
گوندر جن گُذاريو، ڪاٿَـئُون سي لَھان؟
ھڪڙي رات رھان، وڃي وِرِھ وارئين.
5
گوندر جَن گذاريو، ڪاٿَـئُون لھان سي؟
حال پنھنجو ھي، وڃي ڏَسيان ڏکَن وارئين.
6
گوندر جن گذاريو، آءٌ تَنِين گولي؛
ھِنيَڙي ۾ ھولي، ھوندي ڏکن وارئين.
7
گوندر جن گذاريو، سُورَ پُڇَن سي ئي؛
پِرھ جِي پيئِي، تَنين مَٿي ماٽَڙي.
8
گوندر جن گذاريو، پيھي سي پُڇان؛
اُنهن لَڳ لُڇان، گهڻو آءٌ اُٻاڻِڪِي.
9
گوندر جن گذاريو، آءٌ پکي تن پيھِي؛
وٽانئُن ويھي، وٺان واسُ وِرِھ جو.
10
گوندر جن گذاريو، آءٌ تَنين گهوري؛
سدا مون جهوري، آھي ورھ وارئين.
11
گوندر جن گذاريو، مُنھن تَنِين مَشعَلَ؛
ڪا مون پوي ڪِل، اُنھن جِي افسوس جي.
12
گوندر جن گذاريو، مُنھن تَنِين مَھتاب؛
سنديون نِينھَن نواب، آھن ورھ واريون.

ڪافي 1
آڏو مانَ اَچن، وو، ڏسي منھنجو حال، ڀَلو!

ھو جي ڪيڙم ڪاف ۾، ڪوڪان پَونِن ڪَن.
ڪيچڙن جا ڪاڪِيون، تان رھبر واٽ رَسَن.
خبران ڏکن سنديون، اڳيون پاڻ پُڇَن.
ٻاروچان ٻاجهہ پئي، چڱي آءٌ چَوَن.
پنڌَ ڪريندي پرينءَ ڏي، مَرُ پُرزا پيرَ ٿِيَن.
”سچو“ پنھنجي ساٿ سان، نماڻِي بہ نِيَن.

ڪافي 2
آءٌ ٻانِهن جي سا ٻانهي، آھيان عيبدار، ميان!

عمر سڄيائي ڪوڙ ڪمايَم، بخش اُھو مونکي جاني.
روز ازل کـئُون اَبد تائين، آھي ڳچيءَ منھنجي ڳاني.
ڏوھ ڏِنگايون ڏِس نہ منھنجون، محب ڪرين مھرباني.
ڪيئن ”سچوءَ“ جي دل سا دلبر، دوست ڪَيوَ ديواني.

ڪافي 3
مون کي نال نئين، نِي، اِھو ڪيچِڙَن جو قافلو، ميان!
اڱڻ شال اچي، نِي، اھو سپرينءَ جو ساٿڙو، ميان!

پٺيءَ ھوت پنهونءَ جي، ميان، ھلڻ سان ھِنئين، ني.
پُڄاڻان پرين جي، ميان، جِند ڪيئن جِئين، ني.
وڏي ٻاجهہ ٻروچ کي، ميان، اُتي چَون اِئين، ني.
”سچو“ چون سُڌير ٿي، ڀلو، پوندي مَھِر مِئين، ني.

ڪافي 4
مانَ اچن اُھي ڪاٿُون، مُئي ويا جي ماري!

سپريان ريءَ سرتيون، آھيان اُٻاڻي آئُون،
ويھان سي ڪيئن وساري.
پِرين ڏِس، وو، پاڻ ڏي، ميان، آھيان ڏُھارڻ آئون،
نيندا سي نال قطاري.
اچي اسان وٽ سپرين، ميان، اديون ڙي شال اوڏاھون،
مانَ ڪو ڏينھن گذاري.
آيا قاصد ڪيچ جا، ميان، اِئين سو مونکان اُتاھون،
يارُ سڄڻ توکي ساري.
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، ميان، جَتَ ويا ھُئم جائون،
تائون سا نِتُ نھاري.
ھاري توسان ھوءِ جي، ميان، ڪي جي قول ڪيائون،
پرين اُھي سڀ پاري.
ويھين وساري وو اِتھين، ميان، ھيءَ نِڪار چَيائون،
”سچو“ دوست سَنڀاري.

ڪافي 5
ڏاڍو جُدائيءَ جَلُ، ميان، ووءِ، ووءِ، ووءِ،
مون وٽَئُون ھوتَ مَ ھَلُ.

اَچي ويھُ اَکِن ۾، پاسي ٿيءُ نہ پَلُ.
ڪيچ وڻن ڪم ڪھڙو، ڳالهہ سانول اِھا سَلُ.
مُئِي کان منھنجا پرين، چوريءَ يارَ نہ چَلُ.
ڪري ڪَشالا ڪاف ۾، لڌم ڪوھيارَلُ.
”سچوءَ“ جي ني ساھ سان، ھُيا سي رلـمَلُ.

ڪافي 6
ڪندي سا ڪيئن قرار جيڏيون،
جنھن جو جيئڙو جَتَن سان!

وِرھ وارن کي سرتيون، ويجهو آھي وڻڪار.
ٻَڙيون، ٻاروچَل جو، نينھُن لڳم نروار.
محبت ڳِڌي نہ لَڀي، خرچين لک ھزار.
ڏسنديس اکڙين سان، ڪاڪيون ڙي ڪوھيار.
ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، عشق ڪيم اِختيار.
سدا آھي ”سچوءَ“ کي، ڀينر بره بھار.

ڪافي 7
ھلان پنھل تو ساڻ،
ساڻ ھلي تنھنجي گولي گذاريندس.

ڇُلي پِيَس ڇَپرين، سَڱ تہ توئي ساڻ.
ڪوجهي ڪاري ھان تنھنجي، پنھل پاڻ سڃاڻ.
توري توريندؤ ڪيترو، محبت وارو ماڻ.
توڙ نباھج تون ڌڻي، سھڻا ”سچل“ ساڻ.

ڪافي 8
ڳالهيون ڳُڻَ تنھنجا يار سَڄڻ، مون کي روز رئارن ٿا!

سِرَ تي سوز فراق جا، باري چاڙھيئي بار، سڄڻ،
ايڏانھن نيڻ نھارن ٿا.
منھنجو اندر اَڌُ ڪيو، جانب تنھنجي جارَ، سڄڻ،
مونکي ماڻا تنھنجا مارن ٿا.
پرين پاڙج پانھنجا، جي ڪَيَڙءِ قول قرار، سڄڻ،
منھنجو جيءُ جيارن ٿا.
ماڻهو شھر ڀنڀور جا، مِھڻا لک ھزار، سڄڻ،
مون کي ڏيھَ کَـئُون ڏيارن ٿا.
قاصد چون، وو، ڪيچ جا، تو ھُت سار سنڀار، سڄڻ،
توکي ”سچو“ پاڻ سنڀارن ٿا.

ڪافي 9
ڪنھن کي حال چوان ھي،
اَديون ڙي، واويلا، وو!

ڏيرن ڏيئي ڇڏيا، موٽي سور نوان ھي.
مھڻا محبوبن جا، ڏنا پاڻ اوھان ھي.
سُکَن اُتي سرتيون، ڏيان نہ سور سنوان ھي.

ڪافي 10
مون کي دوست ڏنيون دلداريون،
جِيَس آءٌ تان، ني، وو جيڏيون!

ٻاجهہ ٻاروچا تو پوي، سُڻِي ضعيفِ جون زاريون.
سئيون سڀيئي سڄڻن، عاجز جون آريون.
لٿا فلڪ فراق جا، آءُ تا گڏ گذاريون.
توکي تان تِرَ جيترو، وار نہ وساريون.
سي ئي ”سچو“ آئيا، جن لءِ جهُونگاريون.

ڪافي 11
مون کي محب ويو ماري،
ڪنھن در ڏيان ھيءَ دانھڙي!

سوزُ تُنھنجو سُپرين، ڪوڪان ٿو ڪاري.
ھوت نماڻيءَ ھِنَ کي، ويھُ نہ وساري.
نيو پورھيت پاڻ سان، پنھنجي ڪَڍَ قطاري.
ويو ٻاروچو نڪري، عاشق ھيءَ آزاري.
راتو ڏينھان سُپرين، ”سچو“ سَگ سنڀاري.

ڪافي 12
مون کي آڌر ڏي، ميان، سُھڻا ساٿيڙا، ڙي!

وڃي چئج پرينءَ کي، حال منھنجو ھي.
پريان سندي پار ڏھُون، قاصد اَچن ڪي.
وعدا پاڙج پانھنجا، جاني ڪِيڙءِ جي.
ھو جي ڪَيَو ڳالهڙيون، ساھ نہ وسرن سي.
”سچو“ سنگت پانھنجي، نانوَ ڌڻيءَ جي ني.

ڪافي 13
ڏونگر ڇو ٿو ڏکائين، پير پياديُن جا، ميان!

پنڌ ڪَرن جي ھوت پنهونءَ ڏي، تَن ڇو روھَ رھائين.
اِھو ڏوراپو ٿيندءِ اوڏاھين، ڇو طالِبُ ٿو ترسائين.
ھيئن تو گهرجي عاشقن سان، ميان ڪا مدد ڪرائين.
ڪَر ڪو ٿورو سگَ ”سچوءَ“ سان، مُحبَن ساڻُ ملائين.