سسئي

داستان ٽيون

1
ڏکن مَنجهان سُک، مُون تا لَڌا جيڏيون؛
ڏوريندي کي ڏُک، سُونھان ٿيڙا سَڄڻان.
2
ھَنِ سَھانگا سُک، جي ساري عالم آئيا؛
ڏور مھانگا ڏک، جي ورتا وِرھ وارئين.
3
سينڌيون جي سُکن، تنين گوندر گهوريا؛
ڏنم ڪاڻ ڏکن، ھي سِرُ سارو سَٽِ ۾.
4
سُکِيون ڪوھ پُڇن، سنديون ڏکن خبران؟
سي ھِن وھانءِ وڃن، ڏِيل ڏکايل جن جا.
5
ڏکيون پُڇن ڏک، سُکيون پڇن سکڙا؛
ھن کي حاصل جو ٿيو، جيڪي منجهان جُکَ؛
نينھن وارن جي نُکَ، لڳي لوريءَ وارئين.
6
گوندر ڪيئن گهوريان، جنھن ڪيَس سينڌي سڄڻين؛
جان تِڪ پئي توريان، تان ڏک موچارا سُک کَـئُون.
7
جي گوندر گوشِ نہ ڪن، کُھ پيون سي سرتيون؛
جَن سنگت ساڻ سُکن، سي پاڻـئون ھوتَ پري ڪيون.
8
گوندر گهمي جي لھان، تان سُک سَوين ساڙيان؛
آءٌ پُڻ ڪيئن پاڙيان، ڏک سکن سان سرتيون.
9
جنين گوندر گوشُ، آءٌ گهڻو تَنِ نھاريان؛
جال انھن ۾ جوش، سدا آھي سرتيون.
10
جي سارو پُڇان لوڪ، تا گوندر وارو نہ لھان؛
ھھڙو ڀَلو ٿوڪُ، ڪھين ڀاڳ پرائيو.
11
گوندر ڏينھن گذار، جان تون جئين جِندڙا؛
سو ئي عھد پار، جو ئي ڪَيُئِي پرينءَ سان.
12
سُکن واريون سَوَ، ڪا ڪا ورهُ وارئي؛
ترت انهيءَ کان تَوَ، ڀڳيون آتڻ واريون.
13
آتَڻ واريون آئيون، ٿيون آتَڻُ اُجارين؛
جي گوندر گذارين، آتَڻُ تن اوک ٿيو.
14
سارو لوڪ سُکن، پوءِ رھايو پرينءَ کـئُون؛
ڏسو واهَ ڏکن، ھوتُ وھاريو ھنج ۾!

ڪافي 1
سرتيون منھنجو ساھ، ھاڙھي سي ھوت وٺي ويا!

ڪونہ ڪميڻيءَ جو ٿئي، ھاديءَ ري ھمراھ.
ڀينر ھن ڀنڀور ۾، آڻيندن الله.
ھَنڌئُون جنهين ھوت ويا، روئي چمان سو راھ.
پرڏيھين تي ناھ ڪو، وريتيون ويساھ.
آھي رفيق رُڃن ۾، سندو سوزِ سپاھ.
ناھيم ٻئي ڪنھن لوڪ جو، پاڙيچون پرواھ.
معاف ”سچوءَ“ کي سي ڪندا، جيڪو ڏوھ گناھ.

ڪافي 2
اَچي ڪونہ ايڏاھون، ماڻهو شھر ڀنڀور ۾!

منھن ڪري اُنهينءَ پار ڏي، ميان، ويٺي ڪيم اَلاھُون.
ڏسي حال حقير جو، ميان، اَچن منَ اَڳاھُون.
ڪو پَلُ پاڄاڻيءَ کـئُون، پَري ٿي نہ پَراھُون.
ٿَر ٿَڪائِي آھيان، ميان، پَکا اَڏِج اوراھُون.
سُڻِي موٽ ”سچوءَ“ جون، ميان، آرياڻي آھُون.

ڪافي 3
وڻي ٻاروچي ٻولي، سدا تان ساھ منھنجي کي.

ھُئي پناھ ۾ يار سڄڻ جي، ٻاروچي جي ٽولِي.
ٻاروچاڻي ذات جي، گولن جي آھيان گولي.
ڪاڪيون وينديس ڪيچ ڏي، ڏونگر ڀايان ڏولِي.
”سچو“ سامَ اُنهيءَ جي، آھيان عيبن اولِي.

ڪافي 4
ڪي ايندا، ھيڏي ايندا، اَلو، وھنيان ٻاروچا!

ساٿي مون کي سچ چؤ، دوست دلاسو ڪو ڏيندا؛
ھوندا ڪي مون وٽ ھميشه، وري ڪي پوئتي ويندا؛
ھيڪَندَ شھر ڀنڀور ۾، ساڻُ ٿَڪِي اچي ٿيندا؛
ٻاروچا سي ٻاجَهہ پَـئِي، آءٌ چڱي ڪي چِيندا؛
سُور ”سچوءَ“ جا، سرتيون، نال پنھنجي ڪي نِيندا؟

ڪافي 5
اڙِي جيڏيون، مون کي ڇو ٿيون پِرينءَ ڏَنھُن جهليو!

ويھان ڪيئن ڀنڀور ۾، جو روحُ اُنھن سان رليو.
ساڻُن ٿيندس سنگتي، جو ھوت ھاڙي ڏي ھليو.
پِريان سندي پارَ ڏنھن، پاڙيچُون نا پَليو.
سڄڻ سارو پانھنجو، سِر ”سچوءَ“ کي سَليو.

ڪافي 6

پانڌي، دلاسو ڏي مون، ايندا آرياڻي ڪي اوڏا!

آڌيءَ رات جو، وو، ڪيائون سانڀاھو، حال ڪيا تَن ھي مون،
ويا تا تِرڪي توڏا.
ڪيو قبول، وو، پُنهونءَ ڪارڻ، ڏک سوين نِي سي مون،
لَڪ ڏئي لک لوڏا.
محبت کـئُون تان مُنھُن نہ موڙيان، پرزا ٿيان ھِت جي مون،
گَسي وڃن توڙي گوڏا.
سر تان صدقي، وو، آھ ”سچوءَ“ جو، ڪاڪيون چَون ھِت ڪي مون،
درد ڏيندو سو ڌوڏا.

ڪافي 7
آءٌ وڃان تو تـَئُون گهوري گهوري، ميان!

ڏونگر رھيس ڏاکڙا، تنھنجي ڪارڻ ڏوري ڏوري.
تو ٿڪائِي، وي، آھيان، اَچج آرياڻيءَ تون اوري اوري.
ڀلا ھن ڀنڀور ۾، تِر نہ رھنديس توري توري.
مون کي وڌو مون پرين، جهڻڪ اوھانجڙيءَ جهوري جهوري.
”سچوءَ“ جو ني سُپرين، ھِنيَڙو نيو ھي ھوري ھوري.

ڪافي 8
ٻيو ڪَير حامي منھنجو ٿيندو، لَکي ٻاروچَلَ ٻاجهون!

درد منديءَ جي دل انهيءَ کي، پاڻـئون دلاسو ڏيندو.
ڪين ڇڏيندو ڇپرين، سوئي نال نِـماڻِي نيندو.
اَکڙين سان سَڀيئي ڏسنديون، اڱڻ آرياڻيءَ سو ايندو.
پاڻ پنھنجو يار پيارل، ساڻ غريبِ گڏيندو.
ڏنگاين ڏي ڪين ڏسندو، بديون تان بخشيندو.
مِھرَ پنھنجيءَ ساڻ ڪنھن ڏھاڙي، ”سچو“ سو نانءُ سَڏيندو.

ڪافي 9
آءٌ ويندي پُنهل جي پار، ميان، ٿَڪِيس ڪِين ٿَرن ۾!

مون مَن گڏي گوندرين، ڪيچي ٿِـيَم قرار.
ذات جتن جي جيڏيون، جيءُ وڌو آھي جار.
ڪندي وڃي ڪيچ ڏي، ڪنِيزاڻِي ڪار.
آھي ڪاڻ قريب جي، وڃڻ مون وڻڪار.
پُرڻ اٿم پنڌ ۾، دوست پُٺِيءَ دزڪار.
سارو ڪم ”سچوءَ“ جو آھي، اُنھن جي اِختيار.

ڪافي 10
اڄ اھو ساڳِي مون سڃاتو، آھي ٻَڙيون ٻاروچو!

اصل لاڪُون آھي اُنهن سان، ھن نماڻيءَ جو ناتو.
اچي ڏٺم اوچتو، پيچُ جَنھن مُون سان پاتو.
ڦِريس ڦيريدار جان، ڄاڻ نہ مون ھيئن ڄاتو.
لٿو لحظي ھڪ ۾، اديون ڙي اوراتو.
صدقو ”سچو“ تَنھِن اُتون، عشق جَنھِن سان تو لاتو.

ڪافي 11
وڃي ڏيھ پرين، ڙي ساٿيو، منھنجو ڏجو سنيھو!

اوھان ٻاجهون سُپرين، ڏکيا ڏينھن لنگهن.
ويٺا ڏسون واٽَڙيُن، اڱڻ مانَ اچن.
ڪونہ ورندي ٿو ڏئي، وندر جي ڀي وڃن.
ڏکيا اُھي ڏينھڙا، جي پاسي کان پِرين.
ڀينر شھر ڀنڀور ۾، شال ڀيرو ڪن.
ويچاريءَ نہ وساريو، جا لڳي ساڻ لَڪن.
جيھو تيھو آھي ئي، ”سچو“ سگ سندن.

ڪافي 12
ڪيچن جي ڪَڍَ ڪاهِ، متان ويھين کِين وساري!

ڏسندينءَ ڏونگر چوٽِئين، بَلوچاڻي باھ،
ڦولجِ پاڻ فقير ٿي، وندر جي وڻراھ.
ساري شھر ڀنڀور جا، لاڳاپا سڀ لاھِ.
متان ويھين ماٺ ڪري، ڏونگر ڏورج ڏاھِ.
عرض وڃي ڪر روبرو، ٻيا ساٿي ڪِيم سَنڀاھِ.
ٻانهي ٿج ٻروچ جي، ڪو تون سَڱ نہ ساھ.
روح رھي ھِت ھوت ريءَ، ”سچو“ ڪنھن نہ صَلاح.

ڪافي 13
ٻيو ڪير پڇي ٿو حال منھنجو، خان ٻاروچل ٻاجهون!

تو ريءَ آھيان يار سڄڻ، ميان، اُداسي اَھنجو.
جَنھين ڪَھين سان پيچ پاتوسين، غرض رکي سو نہ ڪنھنجو.
خيال اسان ڏي آھي جنھن جو، آءٌ ڀي سو آھيان تنھنجو.
اَسان ڄاتو صحيح سڃاتو، عاشق آھين تُون اَسانجو.
درؤن پيھِي پاڻ پُڇَندو، آھين ”سچو“ تُون ڪِي سَھنجو.

ڪافي 14
اَکَڙيُن اِسرارُ، مون کي ڪو جو ڪيو، ميان!

اُنهن تان ڏيکاريو، ڪاڪيون ڙي ڪوھيار.
تِنھِين ڏھاڙي ڪيو، بِرھَ بي اختيار.
ڏونگر ٿو ڏورائي، چشمن جو چمڪار.
ناز نيڻن جو سَرتيون، ووڙائي وڻڪار.
سوز سڄڻ جو سَرتيون، ”سچوءَ“ کي سينگار.

ڪافي 15
يار پُنهلَ پيغامي، ڪڏھن مُڪو ڪونہ مون ڏي!

روز اَزل کؤن يارَ اوھان کي، منھنجو ساھ سلامِي.
اَوھين نہ ايندؤ، اَسين اينداسي، اِھا اَسانجي اَنجامي.
پِرين ڏسِجو وَڙَ پنھنجي ڏي، آھن عيب اسان ۾.
جان جُثي، جان ڪِي، ٿيندي نہ طلب تمامي.
ڳالهيون اوھان جون ٻارڻُ ٻارن، وينديون سي ڪين وسامي.
ڏيئِي اسانکي ڦَٽ فراق جا، ٿئين تون يار آرامي.
درَ اوھانجي جِي يارَ ”سچوءَ“ تان، مَڃِي آھي غلامي.

ڪافي 16
پوءِ ھت ڪيئن ڪندي، ٻاجهون يار جي آءٌ!

پيرين پَوندي پِرينءَ جي، ڳچيءَ پائي گَندي.
وَھي ٿي واڪا ڪيون، نيڻن مَنجهؤن نَدي.
سَڀ پَر سَنديَن آھيان، چَڱي توڙي مَندي.
دل ”سچوءَ“ جي سَرتيون، بِرھَ تَھِين جي بِندي.

ڪافي 17
آءُ وري تون تان ويھُ، سڄڻ آءٌ تان تنھنجڙي آھيان!

آھون عاشق جون سُڻي، ڇڏ پرين پَرڏيھُ.
پکي پاڄياڻين جي ميان، آءُ پرين تون پيھُ.
اَصل لاڪون آھي ئي، ھِي ڏاھا تنھنجڙو ڏيھُ.
”سچو“ جوني سپرين، آءُ ساري ساڻيھُ.

ڪافي 18
گولن جي آءٌ گولي،
خان ٻاروچا، تنھنجي!

آءٌ نہ ڪنديس ڪڏھين، ٻانهپ ريءَ ٻولِي.
سُڌ اچي لهہ سِگَهڙي، آھيان سا عيبن اولِي.
ھِن ڏُھارڻ جھڙي ڪا، لھندين ڳوٺن مون مس ڳولِي.
نانءُ سائينءَ جي يار سڄڻ ڙي، ڪر ”سچوءَ“ سان سولِي.

ڪافي 19
ساٿ سلامت آيو، پکي ٻاروچَل جو.

ڏينھن فراق جا لنگهيا اسان تُون، موليٰ سو محب ملايو.
ميلاپي جو مِھر پِئي تان، واليءَ ورق ورايو.
وَڙَ پنھنجي ڏي پاڻ ڏٺائون، ويڙھو ھي يار وسايو.
ميرا لاھي اڇا ڪياسي، ھوتن تان نينھن نباھيو.
ڏيو مبارڪان سڀئي ”سچوءَ“ کي، جو سورن اڄ سِڌايو.