سسئي

داستان ٻيو

1
ڪوڙيين قرباني، ٿيان ھوت پنهونءَ تان؛
ساھ سِري صدقي ڪريان، سندن مھماني؛
ھي جوڀن جواني، ٿي اَجائي گذري.
2
جبل جالون جال، سو مون ڏورڻ نہ ٿئي؛
وڏا وڻ وڻڪار جا، ڪافن ڪوھَ ڪشال؛
ھي مون ڏسي حال، ٻاروچو ٻاجهہ ڪري.
3
ٻاجهہ ٻاروچا ڪر، مون ٿَرُ ٿيليو نہ ٿئي؛
ويچاريءَ جي ور، ڪر بلوچا بَئبان ۾.
4
اَچج آري ڄام، ڪو مُنھن موڙھيءَ جو ڪرين؛
مون کَـئُون مير مُدامَ، ھي ٿر ٿيليو نہ ٿئي.
5
آءُ تون پنهون يار، ڏسي حال حقير جو؛
ھن نماڻيءَ نِڪار، ھي ٿر ٿيليو نہ ٿئي.
6
ھن دم آري آءُ، ناھيم حال ھلڻ جو؛
مون نماڻيءَ کانءُ، ھي ٿر ٿيليو نہ ٿئي.
7
ڏيھ سندو ٿيو ڏور، رھبر ٿيءُ رُڃُن ۾؛
مون ويچاريءَ مُور، ھي ٿر ٿيليو نہ ٿئي.
8
ڇپر تان مَ ڇڏين، آءُ ھوتياڻي جَتَ ۾؛
ھن ڪميڻيءَ ڪَڏين، ھي ٿر ٿيليو نہ ٿئي.
9
ھَٿان ويل ويام، ڪاڪِيون ھاڻي ڪيئن ڪيان؟
ٿيلَڻ ٿَر ٿِيام، ھاڻي ھوتياڻِن لءِ.
10
جي ھئي ڪميڻيءَ ڪَل، تا صبح ويندو ساٿڙو؛
تان مون تنھن مھل، پُرزا پُرزا پاڻُ ڪيو.
11
ھَي ھَي ڪارڻ ھوت، ڏونگر ڏورڻ آئيا؛
ميان تائين موتَ، ووءِ ووءِ تان نہ وساريان.
12
ووءِ ووءِ تان مَ وسار، متان ماٺ ڪري وھين؛
ٿيو پِرُ تنھين پار، جاتي ٻِيو ناھِ ڪي.
13
ڪيم وساري ويھُ، ووءِ ووءِ ڪر وندر ۾؛
پڇڻ ڪارڻ پرينءَ جي، پاڙي پاڙي پيھُ؛
ڏيھہ ڌڻيءَ جو ڏيھ، حاصل ٿئي جَت سين.
14
متان وھين ماٺ ۾، منجهہ جلديءَ ڄُل؛
ھتي ويھ نہ، ھل، تان ڪِي پڄين پنڌ کي.
15
ويھ نہ وساريج، متان ماٺ ڪري وھين؛
قولُ اھو پاڙيج، ھو جو ڪِيڙئي ھوت سان.

ڪافي 1
ويجها شال رھن، ميان، ڏور لايا جن ڏينھڙا!

سگها منھنجي سپرين، پکي مان پَھن،
وڏا طالع تَن جا، جَن جي راڄ رھن،
ھِن منھنجي حال جي، سِگهَڙي سُڌ لھن،
طعنا ڏيو تَن جا، ڏاھيون سڀ ڏَھن،
”سچو“ صدقي تن تَئُون، جي ٿا ڪيچ ڪھن.

ڪافي 2
ڙِي جيڏيون، آءٌ تان ٻيو نہ ڪندي،
منھنجو پيچ پُنهل سان آھي!

آءٌ جنھين جي آھيان، سو تان مِھَر نہ لاھي!
ڪيو ڪميڻيءَ ھوت سڄڻ سان، سڱُ سِياپو ساھي.
ھٿ وڃي پَئِي ھوت جي، وَس نماڻيءَ ناھي.
سوال ”سچوءَ“ جو اھو آھي، نِينھُن سَندن نيباھي.

ڪافي 3
ھوندي سڀ پَرسائِن ساڻ، جيڏيون،
ھِيءَ پورھيو بَندِي وڃي ڪيچ ڪندي.

ڪالهہ ڪالھوڻي سپرين، اڃا مون وٽ مھمان.
لڳي ڪافَن ڪيچ جي، پُرزا ڪنديس پاڻ.
اُٺن، اوٺارن تَئُون، آءٌ ڪاڪيون ڙي قربان.
ھڻي ويَڙو نڪري، ٻاروچو مون ٻاڻ.
ويھڻ مون کي وِھُ ٿيو، چِيٽڪ ڪيڙس چاڻ.
”سچو“ سوز فراق جو، ڏئي ويَڙم ڏاڻ.

ڪافي 4
ڀينر ھيئن نہ ڀايون، تہ ھوت ڪندا ھِھڙي!

عشق تا آتش جھڙو، لالن وڃي لايُون.
ڏينديس ٻاروچن ريءَ، ڀنڀور کي باھيُون.
سَرتِن سُڌ نہ سور جي، ھي تَن وڃن ٿا تايُون.
ڏِئون ڏين ٿيون ڏِيلَ کي، سنديون جتن جايُون.
”سچو“ وڃن ساٿَڙو، چُپ چُپاتِيون چايُون.

ڪافي 5
آءُ اڱڻ منھنجي آري، توکي صاحب ساريان ٿي!

وندر جي نِي وڻن ۾، ميان اَلا، ھوتَ مِلِج ھڪ واري،
توکي گهڻو نھاريان ٿي.
پرين وَڙؤ، وو، پانھنجي، ميان الا، دوست ڏيو دلداري،
سارو ڏينھن سَنڀاريان ٿي.
دوست اوھانجي، وو، درد سان، ميان الا، ڳچيءَ پائي ڳاري،
سارو روھ رئاريان ٿي.
ڪڏھن ايندين، وو، تون پرين، ميان اَلا، ”سچوءَ“ ڪج ستاري،
ھت ھنجون ني ھاريان ٿي.

ڪافي 6
مون کي ھوتن ھاڻي، ڪوٺي پنھنجو ڪيو!

جَت گهڻا ٻيا جڳ ۾ سائين، مُنھنجو ھوت آرياڻي،
ڪنديس ڪونہ ٻيو.
لکين پُڇن پرينءَ کي، آءٌ تان ڪير نماڻي،
سندن نينھن نيو.
جيھِي تيھِي در دوستن جي، عاشق ھيءَ اگهاڻي،
سارو ڪم ٿيو.
ڪيائون ڪناري پانھنجي، ھيءَ تان پاڻون ڄاڻي،
جڏو جيءُ جِيو.
پرين ڪيو پنھنجو، سچو سڱُ سڃاڻي،
وچئون ورھُ ويو.

ڪافي 7
پرين نہ ڇڏج ٻئي پار، ساري تنھنجون ڳالهيون رُئان آءٌ!

اَڱڻ آسَروندَ جي، والي ايندين ڪھڙي وار؟
ماري ھِن مشتاق کي، ڪانڌ نہ وڃ ڪوھيار.
آھين جنھين تون آسرو، سا ويچاري تون نہ وسار.
نماڻيءَ جي نِجهري، آءُ گهڙي ھڪ گهار،
ڪيئي ”سچو“ سان واعدا، سي پروَر لءِ تون پار.

ڪافي 8
شال اوڏاھون ايندا، وٺي خاصيون خبران، خبران!

مون ھن نماڻيءَ کي، اڃا دلاسا ڏيندا،
پرين پاڻهين پاڻ سان، ھيءَ گولِي گڏيندا.

محبت مون مسڪين سان، شال نباھي نيندا،
ڏک سک ڀائي سپرين، ھن ڏکيءَ سان ٿيندا.

ڪيچي ڪڏھن ڪينڪي، ھيءَ ڇَپَر ڇڏيندا،
جيڪي اڳيون پويون، بديون سڀ بخشيندا.

پَکا پَکن سامهون، آڻي اوڏا اَڏيندا،
ٻاجهہ ڀريا ٻاجهہ مَئُون، ڪري ”سچو“ سڏيندا.

ڪافي 9
نٿي وڻي ڳالهہ ڪا ٻي، ڙِي جيڏيون، مون کي نٿي وڻي!

آءٌ نہ ڪنديس، وي، اھڙي، ڀلو ميان،
ڪيچن جا مون سان ڪي.
اَوھان مِڙن ۾، وي، مست جو ٿيڙس،
پيالو عشق جو پي.
اوھين مڙيئي، وي، عقل واريون،
آءٌ جو بيراڳڻ ٿي.
”سچوءَ“ پڄاڻا، وي، سپرين، ڀلو ميان،
ڪوھ ڪنديس ھِت ڪي.

ڪافي 10

اصل اسانجِڙو آھي، ننگ ٻاروچل توتي!
ڇڏڻ مناسب ناھي، ننگ ٻاروچل توتي.

ھيءَ ڪنيزڪ ملهہ خريدڻ، سڱ نٿي ڪو ساھي.
ذرڙو جنھنکي ذوق تنھنجي جو، ڇَپَر تنھن کي ڇاھي.
جيئن ھلائين تيئن ھلان ٿي، ڏور وڌي تو ڏاھي.
ھيءَ پاڄاڻي پرين سان پرتيوَ، باب سنديو توڙي ناھي.
جيھي تيھي يار اوھان جي، ڇڏڻ لائق ناھي.
ٿرين برين يار ٿڪيءَ کي، رس ڪوھيارل ڪاھي.
ساھ ”سچوءَ“ جو در تنھنجي ڏانھن، ھَڏ نہ آسرو لاھي.

ڪافي 11
حال ھلڻ جو مون ناھي، آءٌ تان ڪيچ پھچان ڪيئن؟

ناتو نماڻيءَ جو، اَصل توسان آھي،
ھيءَ ھوت نہ ڇڏج ھيئن.
تون تان صاحب سپرين، سڱ نٿي ڪو ساھي،
ڪر جاني وڻيئي جيئن.
پسي حال حقير جو، آءُ ڪوھيارل ڪاھي،
ڪر ”سچو“ پنھنجي سيئن.

ڪافي 12
متان ڏوراپو ڪو ڏيو، ڙي ساٿيو!

ھيءَ ڪنيزڪ مُلهہ خريدڻ، ڪين ھٿـئون مون ٿيو.
حرف اسان تي آھ اصل جو، وقت ويسرَ ۾ ويو.
پلئي پائي مَديون، پيش پُنهونءَ جي ھي پيو.
”سچو“ ڪوٺي پانھنجو، پاڻ قريبن ڪيو.

ڪافي 13
اديون ڙي آھيان، ٻانهي سا ٻاروچل جي!

ڏکيا سکيا ڏينھڙا، شال لالن ساڻ لنگهايان.
ھِنيَڙي کي ھن جيڏيون، ڪھڙا سور سلايان.
وندر سنديءَ واٽ تي، چاھَؤن سِر چَلايان.
ويھان آءٌ ڪيئن ويسَلِي، ويندا ڇو نہ وراريان.
ڪيھي پئي تان ڪيچ ڌڻن ڏي، ”سچو“ ميڙ سنڀايان!

ڪافي 14
ويھي آءٌ ڪوھُ ڪندي، جيڏيون ڙي ڀنڀور ۾!

چونديس حال حبيب کي، ڳچيءَ پائي گَندي.
ڪُٺي سا ڪيڏي وڃي، جا برھ تنھنجي بندي.
جيھي تيھي حال آھيان، ”سچو“ صاحب سندي.

ڪافي 15
ڇڏي ھوتَ حجتَ، ميان ڙي، ٿيس آءٌ نانءِ نماڻي!

اچي مون کي ڪينڪي، ڇڏي لوڪ لذت، ميان.
وڌو آھي مامري، مون کي تان محبت، ميان.
ويا نِڌر کان نڪري، اوٺِي رات اُچٽ، ميان.
سُورَ تُنھنجا سپرين، رُڳا ئِي راحَت، ميان.
مون کي ٿيلَڻ آئيا، پيرن سان پَربَت، ميان.
”سچو“ سڪ اوھان جي، واڳيو ۾ وحدت، ميان.

ڪافي 16
ٻانهي ٻاروچل جي آھيان، وي آھيان!

پريان سندي پار ڏانھُن، آسرو ھڏ نہ لاھيان، وي لاھيان.
صورت وارا سُپرين، آءٌ نِـماڻي ڇاھيان، وي ڇاھيان.
ھُو تان سائين، آءٌ تان گولِي، سڱُ نہ ساڻن ساھيان، وي ساھيان.
ڏينھن لنگهيم ھِت ڪيترا، ڪيچ وڻن ڏي ڪاھيان، وي ڪاھيان.
ھُئڻ ”سچوءَ“ جو آھي، تنھين سان، اُنهن ٻاجهون ناھيان، وي ناھيان.

ڪافي 17
ڙِي جيڏيون ھاڻي شال ٿئي، منھنجو پاڙو پرينءَ سان!

مان مُئِي تان گهورِي، جاني شال جِئي.
ھِنَ تان پُورُ پِرائيو، ھاريون ھوت وئي.
ٻاروچي ڪا ٻاجهہ پَئي، ھِيءَ تا نالِ نِئي.
سارو مطلب مون ٿِئو، پُٺِيءَ ھوت پِئي.
شال ”سچوءَ“ کي سُپرين، ڏوراپو نہ ڏئي.

ڪافي 18
آءٌ ڪيچ ڪندِي، وڃي پورھيو پِرينءَ سان، ڙي جيڏيون!

جيھِي تيھِي يارَ سڄڻ جِي، چڱِي توڙي مَندِي.
آءٌ تَنِين جِي آھيان، بِرھَ جَنِين جِي بَندي.
چونديَس حالُ حبيب کي، ڳِچيءَ پائي گَندي.
اَڻ مُلِهہ ٻانهي آھي، سڀَ پَر سائِن سَندي.
”سچو“ ساريائِي دلڙي، رَمزَ تَنِين جي رندي.

ڪافي 19
ڙِي جيڏيون، آءٌ تان حال پُنهل سان ڪندي!

اصل لاڪون آھيان سائين، بَلوچاڻي بَندي.
وَسُ ناھم وارَ جو سائين، آھيان سائِن سَندي.
ڪَندي وڃِي ڪيچ ۾، دانھون سي درد مَندِي.
سُڌ لھندا سي وري، بِرھَ جَنين جي نِي بَندي.
”سچو“ اَڳئؤن سڄڻين، ڳچيءَ پائي گَندي.

ڪافي 20
سارو ڏينھن روان ري، ھيس جيڪِي ھوت پنهونءَ سان وعدا!

ٻُڌڻ وارو ناھ ڪو، جنھن کي حال چوان، ري.
قاصد اچي ڪو اوڏانھون، پيرين تَنھن پَوان، ري.
ڏکايو تان ڏيل کي، اَديون اڄ اوھان، ري.
اُنھن ٻاجهون سَرتيون، نِت نِت سورَ نوان، ري.
ماريُون محبوبن جي، طلب ناھي توھان، ري.
غرض نہ رکان لوڪ جو، ھِڪُ سائين ھُئن سَوان، ري.
”سچو“ ٻاجهون سوزَ جي، ٻيون لاتيون ڪين لَوان، ري.