سارنگ

داستان پھريون
1
مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان؛
بجلِي بادل سان، آهي جيئن سُپرم.
2
سارنگ سندا ساٺَ، سرتيون ساٺِڻَ آئيون؛
ڦيريو راڳن ٺاٺَ، وِڄُن ويس وَس ڪيا.
3
پورب سندي پار جا، ڪڪر ڪارونڀار؛
وِڄُن ۽ وَڄڻ سان، چڙهن ٿا چوڌار؛
اُڀي کي آبِيندي، لڌئون سِنڌُڙِيءَ سار؛
ساوا ٿيا سَنگهار، موليٰ سَنديءَ مِھرَ سان.
4
موليٰ سَنديءَ مِهرَ سان، ساوا ٿيا سَنگهار؛
ڏَلهٖي ڇڏيو ڏُٿ سان، ڏوٿيين ڏِيار؛
ترايون تجل جون، ٿيون تارون تار؛
سَو راهين سنوارَ، صاحب سَڻائي ڪَئِي.
5
ٻَھہ ٻَھہ ڪندا آيا، ٻيهر ٻَڪَروالَ؛
ڪڪرن جي ڪڙڪاٽَ کان، ويا ٽھي مالَ؛
آهُن ۾ اچِي پَئِي، چونگن سندي چالَ؛
مندائتي منڊل ڪيا، جر اُٺا جالَ؛
پَلَر سان پُسِي پيا، پنھوارن پَلال؛
جُهرِي پيون جهوپيون، جهانگيڙن آجهالَ؛
نَنگو ڪَج نہ نِڌر کي، نِماڻن نَنگ پالَ!
جَنِ جا هِھڙا حالَ، تن پَرور پَت رکيج تون!
6
مِھرَ سَندا مِينھَن، شاهہ وسائِين شَل!
جهُريَلَ منھنجي جهوپِڙي، بنا جهَلي جهَلَ؛
ڪاهِلِ تي ڪَھَلَ، ڪندين شالَ ڪريمَ تون!
7
وِڄُن وِکَ وَڌائِي، وَسَڻَ وَسُ ڪِيو؛
وَڄَڻ واڄا واه ڪيا، پَلُر پوءِ پَلِٽيو؛
سَچا سائو ٿِيو، سڀڪو سارنگ آئي.
8
نازڪ سندو نِينھُن، آهي اِئين جيڏيون؛
پنھنجي رائِي ريج ڪَري، جيئن ساوڻ مِينھُن؛
راز رکي ٿو ريھُن، مَن ۾ محبوبيءَ جو.
9
راتاڪو ريھُن سان، رِڻَ ڪيائين ريجَ؛
پَٽَن مٿان پَلٽِيون، هِيرون مَنجهان هيجَ؛
بَرن ۾ بھارَ ڪئِي، گلزاريءَ جي گيجَ؛
سَچل سارنگ سيجَ، سونھين ساوڪ وچَ ۾.
10
سارنگَ رنگَ ڪيا، پوياڙيءَ پَٽن تي؛
ٻَڪَر ٻاٻاڻن جا، پَلَر پِي ڍيا؛
ڏيھان ڏرت ويا، موليٰ سنديءَ مِھرَ سان.
11
عالم کي آگاهہ، سارنگ ڪندو آئيو؛
گُڙَ جيئن گوڙيون ڪَري، ڪاهيون اَچي ڪاھ؛
وايوءَ سان وارا ڪري، ٺاهيو اَچي ٺاھ؛
وَسايائِين وَڏَ ڦڙو، واٽن تي واھ واھ؛
گلزاريون ۽ گاھ، پَٽَن تي پڌرا ٿيا.
12
اَڄ پڻ پورَبَ پارَ ڏي، ڪَڪر ڪَڪوريا؛
سارنگَ سُرَ سُرائتا، ساجهُري سوريا؛
سُر منڊل ۽ سارنگيون، چَنگ چڱا چوريا؛
اُڀَ اُتي اوريا، طَبَلَ تارون تيج سان.
13
وسِي پيو وَڏَ ڦڙو، ڀِنيون ڀِٽَ ڀَريون؛
ڀَٽاريون ڀِٽُن تان، وٿاڻين وريون؛
کِيرن جو کَريون، چاڏيين ڏنئون چاھ مان.
14
چاڏئين ڏنئون چاھَ مان، کيرن جون کَريون؛
وهائينديون سي آئيون، ٿَڻن مان ٿريون؛
ڀَٽاريون ڀريون، آيون وسائي وَڏ ڦُڙا.
15
والي وسائيج، درد منديءَ جو ديس؛
پِرين مون پرديس، اُٺِي اِيندم اُوڏڙا!
16
مُندون موٽي آئيون، جهُڙ جهجها جوٽيون؛
پَلَرَ ساڻ پُر ٿيا، پوٺا ۽ پوٺيون؛
پَسِي مِينھن مھر جا، ميھيُون اَڄُ موٽيون؛
چَريو اَچن چوٽيون، وٿاڻين ولَر ڪيو.
17
والي وري تون، وطن تي وسَ ڪرين؛
مِينھن وسندي مون، سڄڻ ساريم سُپرين!
18
ديسا ديس وسِي پيا، رحمتَ جا درياھ؛
گلزاريون ۽ گاھ، پوٺن تي پڌرا ٿيا.
19
سارنگ سعي ۾ اَٿِي، سچل سستِي ڇڏ؛
مٿان ايندءِ اوچتو، هاڻ نہ مُڙندءِ هَڏِ؛
اَجهاپِي ڪا اڏ، وسَڻَ کان اڳٖي وڃِي.
20
سارنگ ساري رات، رڻن مٿي ريج ڪيا؛
پَکن پرڙا سوئيا، پِرھ ڦٽِيءَ پرڀات؛
پَٽن تي پڌرا ٿيا، گُلَ ڦُلَ ڀاتون ڀاتِ؛
وائِي سڀ ڪنھن وات، سچل سارنگ ساٺ جِي.
21
سارنگ صبح آئيو، گوڙيون ڪري گاجَ؛
هاري هَليا هاجَ، ڪُڙمين هَر ڪُلهي ڪيا.
22
ڀينر نا ڀانئيو، تہ بوندنِ ڪَئي آ بَس؛
اِجهوڙِي آئيو، ورِي ويتر وترو.
23
اکين آب وهائِيو، سرتيون سارِي راتِ؛
وھائِن وڏ ڦڙو، پرچن نا پرڀاتِ؛
ڀينر کان بَرساتِ، اَکين اوتڻ سکيو.
24
هِڪ وسَڻ ٻيو وڄَڻ، ٽيون لَھي پيو سيءُ؛
جهوري وڌئين جهوپيون، ڇَن وڌائين ڇِيءُ؛
رنُن جو رڻَن ۾، واھَ وسيلو ٿِيءُ؛
حال جنين جو هيءَ، تَن پَرور رک پناھَ ۾!
25
اَول آنڌي آئي، پويان جُهڙ جهَجهو؛
نڪو اولو آسرو، نڪو اوٽَ اَجهو؛
ڏھيلين ڏجهو، تَن پروَر رک پناھَ ۾!
26
اَول آنڌي آئِي، پويان ٿي برساتِ؛
رعد جي رڙين ۾، ڀيڻي نہ هُئِي باتِ؛
ويچارين ورن جي، وائِي هُيَڙي واتِ؛
مٿان وسَڻ هيٺان چِڪڻ، سيءَ مُيون سڀ رات؛
پِرھ ڦٽي پِرڀات، ڪڻڪان ڪانڌيٖن گَڏيون.
27
اَڄ پوربَ پار ڏي، ڪَڪَرن ڪڍيا ڪوڙَ؛
صبح ويل سويلَ جو، سارنگ لاتِي سوڙَ؛
وڄن واڄا واه ڪيا، مينگهہ ٻَڌا اَڄُ موڙ؛
لوڪان لاٿِي لوڙَ، موليٰ پنهنجي مھر سان.
28
اُتَران اوري، بادل بَرسِي آئِيا؛
سُرَ سُريلا سوز جا، سارنگ ٿو سوري؛
گهوري مان گهوري، اجهو اڱڻ آئِيا.
29
اُتران اوري، ڪئِي چِمڪڻٖي چَمڪاٽ؛
اُتان ڪيائين اوچتِي، لس ٻيلي تي لاٽَ؛
منڊلَ ٿيا مَڪرانَ تي، گوڙن جا گڙگاٽَ؛
ڪَڪَرن مٿان ڪيچ جي، ڦڙڪِي کاڌا ڦاٽ؛
وري ورتَئون واٽَ، سچل سائي سنڌ جي.
30
سچلَ سائِي سنڌ جي، وري ورتائون واٽَ؛
جُهڙ ڦڙ جهُلي آئِي، جهٽِڪو ڏيئِي جهاٽَ؛
وسِي پيا وڏَ ڦڙا، گهيڙ پُسائي گهاٽَ؛
لاٿِي اڃ اُساٽَ، سارنگ سنگهارنَ جِي.
31
سارنگ آيو صبر ۾، بوندن ڪئِي بَس؛
رنگا رنگِي رسِ، قَزح ڪَڍي نيل تي.