ڪجھه بحث، بحث براءِ بحث به آهن. الف جي وچين شڪل آهي يا ڪانهي؟ فونٽ جي حوالي سان وچين شڪل مان مراد آهي اها شڪل جيڪا ٻنهي پاسن کان گڏجندڙ يا متصل ٿيندڙ حرف اختيار ڪري ٿو. الف، دال، ري وغيره پوئين يعني کاٻي پاسن وارن لفظن سان ڪڏهن به نه گڏبا آهن. جيڪي ماهر وچين شڪل جي ڳالهه ڪن ٿا، تنهن مان سندن واضح مراد محض اها آهي ته الف جڏهن ڪنهن لفظ جي وچ ۾ اچي ٿو ته ان لاءِ سندس آخري شڪل استعمال ٿئي ٿي.

محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب فرمائي ٿو ته ”ڪمپوزنگ يا ٽائپسيٽنگ جو مقصد آهي ته لکندڙ بنان ڪنهن مونجھاري، مغالطي جي پنهنجي ڳالهه پڙهندڙ جي ذهن ۾ آڻي سگھي. ٽيڪنيڪل باريڪيون پنهنجي جاءِ تي، لام ڙي وغيره جي پويان ايندڙ ه وينجن آهي يا وسرڳي، ان سان عملي طرح ڪيتري غلطفهمي جو امڪان آهي؟ ايئن ته اڄ کان چوڏهن سو سال لکيل قرآن پاڪ جو نسخو، جنهن ۾ اعراب ته ڪونه هئا پر ڪٿي نڪتا (يا نقطا) به ڇڏي ڏنل هئا، تنهن ۾ ته لسانيات جا ماهر الائي ڪيترين اوڻاين جي نشاندهي ڪندا. پر اهو قرآن، جڏهن عجمين تائين آندو ويو ته ضرورت پٽاندر ان ۾ نقطا به ڏنا ويا ته اعراب به شامل ڪيا ويا. ٻولي درست لکجي پر گھڻي مين ميخ، پوءِ چاهي اها ٻولي جي باري ۾ هُجي يا ٻين ڳالهين جي باري ۾، سا به اجاين بحثن ۾ وچڙايو، اصل مقصد کي پس منظر ۾ ڌِڪيو ٿي ڇڏي، تنهنڪري ان کان به احتراز ڀلو آهي.“

انصاف جي تقاضا ئي اها هوندي آهي ته اهم ترين معاملن کي اڳ ۾ توجهه ڏجي ۽ نمٽائجي ۽ پوءِ جي وقت ۽ وسيلا بچن ته اهي فروعي معاملن کي ڏجن. هتي فونٽ ڊيويلپرز ۽ ڊزائنرز کي پڻ گھرجي ته ان ڏانهن توجه ڏين. خاص ڪري فونٽس ۾ ر ز ڙ کان پوءِ ڪرسر جي وٿي تمام وڌيڪ هوندي آهي جيڪا ڪٿي ڪٿي ته باقائده هڪ اسپس جيتري محسوس ٿئي ٿي، انکان علاوه ا سان گڏ ايندڙ ک گ ڳ ڱ مان ڪو به حرف اچي ٿو تڏهن به ساڳيو مسئلو نظر اچي ٿو، جنهن طرف ڌيان جي ضرورت آهي. اهڙي طرح لکڻ ۾ ر م ن ڻ ج وغيره لاءِ به خطاطي جا مختلف انداز آهن، مختلف فونٽ اهي مختلف انداز ڏيئي سگھن ٿا جيئن يڪسانيت ٽُٽي.