سنڌي ڪمپيوٽنگ جا مکيہ ڳنڍڻا

سنڌي انسٽالرسنڌي فونٽسنڌي نويسثمر ٻولي شناس

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو تاريخي پسمنظر

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي  استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام ”الڪاتب“ ۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنھن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پھريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پھريون قدم هو.
ھن وڊيو ۾ ايم بي سنڌي جو بانيڪار عبدالماجد ڀرڳڙي، ڊسمبر 2005 ڪراچيءَ ۾ سانا جي هڪ تقريب ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي تاريخ ۽ اهميت تي ڳالھائي رهيو آهي.