ايم بي سنڌي اُبنٽو انسٽالر

هي سنڌي انسٽالر ابنتو لاءِ ٺاهي، اوهان جي استعمال لاءِ مھيا ڪيو ويو آهي، جنھن جي وسيلي هاڻي دنيا جي ڪنھن بہ پرسنل ڪمپيوٽر ۾ مناسب سنڌي سپورٽ انسٽال ڪري، ان اندر سنڌيءَ ۾ ڪم ڪري سگهجي ٿو. هي انسٽالر اُبنٽو جي ورزن 10.04 ۾ ھر طرح سان چڪاس ڪيل آهي ۽ مون ان سسٽم ۾ سنڌي لاءِ بھترين سپورٽ ڏٺي آهي. ان ۾ فري اوپن آفس بہ آهي جنھن ذريعي سنڌي ڊاڪومينٽ، ڪتاب، پريزينٽيشن ۽ ويب پيج آساني سان ٺاهي سگهجن ٿا.