ڌڻيءَ جي مھرباني سان سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر فونٽس جي تعداد جي لحاظ کان گهڻي آسودي ٿي وئي آهي. هن وقت ورلڊ وائيڊ ويب تي 100 کان وڌيڪ سنڌي فونٽ، ڊائون لوڊنگ لاءِ موجود آھن. انهن مان جيڪي فونٽ اسان ھتي موجود ڪيا آهن، سي سڀئي ٻولين جي اکرن کي ڪوڊنگ جاري ڪندڙ بين الاقوامي اداري ”يونيڪوڊ ڪنسورشيم“ پاران جاري ڪيل جديد ڪوڊنگ سان سورنھن آنا ھم آھنگ آھن.

وقت بوقت ڊجيٽل دؤر جي گهرجن پٽاندر ڪمپيوٽر توڙي سمارٽ ڊوائسز جي آپريٽنگ سسٽمز ۾ سڌارا واڌار ٿيندا رھن ٿا ۽ وڏيون ننڍيون ڪمپنيون انهن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائڻ لاءِ پنھنجي سافٽوئيرس/ائپليڪيشنس جون اھڙيون اپڊيٽس جاري ڪنديون رھن ٿيون. ڪوڊنگ ۽ ڏيک ويک جي لحاظ کان سنڌي فونٽس کي پڻ انهن Updates آڌار جڳ سان سلهاڙڻ لاءِ منجهن گهربل سڌارا ۽ واڌار ڪري، کين اپڊيٽ (نئوبنو) ڪري ھتي رکيو ويو آھي. مونکي اھو بيان ڪندي خوشي محسوس ٿي رھي آھي تہ: اھو ڪم پڻ منھنجي پيارن دوستن (شبير ڪنڀار ۽ امر فياض ٻرڙي) سرانجام ڏنو آھي.

هي سڀئي فونٽ مائڪروسافٽ جي ونڊوز، ائپل جي ميڪ، لنِڪس جي ابنٽو، گوگل جي ائنڊرائڊ ۽ ٻين آپريٽنگ سسٽمز ۾ سولائيءَ سان انسٽال ڪري، گهرج آھر ڪتب آڻي سگهجن ٿا. وڌيڪ سولائيءَ لاءِ انهن مڙني فونٽس جو ڏيک پڻ ھتي موجود ڪيو ويو آهي. ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ”ڊائون لوڊ ڪريو“ جي لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

ايم بي سنڌي (ورزين 2.0) فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

سنڌ سلامت فونٽ سرور جو ڏيک

سنڌ سلامت فونٽ سرور

اسان جي سنڌ سلامت جا نوجوان سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل رابطن وارن سرشتن ۾ ڦھلائڻ لاءِ ڏينھن رات ڪوشان آھن. ھنن نوجوانن جتي سنڌ سلامت فورم قائم ڪري سنڌي ٻوليءَ کي تمام وڏي ڊجيٽل اوطاق ڏني اتي ھنن ڪافي پروجيڪٽن تي سٺي ناماچاري پيدا ڪئي آھي. فونٽن کي سڀني استعمال ڪندڙن لاءِ مفت جيڪو سرور ٺاھيو آھي جتي سوين فونٽ ھاڻي رکيا ويا آھن جن ۾ پياري ثناءُ الله صاريم مڱڻيجو جا خوبصورت فونٽ بہ آھن تہ اتي کوڙ دوستن جا ٺھيل فونٽ بہ موجود آھن، جن جي محنتن کي ساراھڻ اسان سڀني کي واجب آھي. آءٌ کين مبارڪباد ڏيان ٿو. اوھان سنڌ سلامت فونٽ سرور تان مفت ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا.

 

عرفان شڪارپوريءَ جي فونٽن جا ڏيک

عرفان شڪارپوريءَ جا خوبصورت فونٽ

جتي ڪافي ٽيمون انفرادي طور تي سنڌي فونٽن ۾ اضافو ڪري رھيون آھن، اتي شڪارپور جي دوست عرفان شڪارپوريءَ جي ھي ديدہ زيب فونٽ تعريف جي قابل آھن. ھي فونٽ پيڪ 81 فونٽن تي مشتمل آھي جيڪي ڪتابن جي ٽائٽل، ميگزينن ۽ رسالن جي عنوانن لاءِ شاھڪار ڊزائين تي مشتمل آھن. ھي فونٽ اسان گوگل ڊرائيو تي پياري عرفان جي اجازت سان رکي رھيا آھيون تہ جيئن اھي اوھان ڊائون لوڊ ڪري پنھنجي ضرورت آڌار ھر جڳھ تي استعمال ڪري سگهو. (ھي فونٽ ايم بي سنڌي جي بنيادي ورزين تي ٺھيل آھن انڪري ٿي سگهي ٿو تہ ان گهہ ۽ گھ ۾ يا ”جهڙ ۽ جھڙوڪ“ لکڻ ۾ فرق واضع نہ ھجي پر اوھان مختلف چاٻيون استعمال ڪري انھن کي پنھنجي آڌار صحيح طرح سان لکي سگهو ٿا. مان عرفان شڪارپوريءَ جي محنت کي ساراھيندي ھي فونٽ ھتي رکي رھيو آھيان.