ايم بي سنڌي اڊوبيءَ لاءِ

هن وقت تائين اڊوبي فوٽوشاپ، السٽريٽر وغيرہ ۾ سنڌي جو استعمال صرف مڊل ايسٽرن ايڊيشن ۾ ممڪن هو. هاڻي فوٽوشاپ ۽ ٻيا اڊوبي جا پروگرام، ونڊوز توڻي ميڪ ۾، توهان بيحد سولائي سان سنڌي لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ سوين اسٽينڊرڊ يونيڪوڊ آرائشي سنڌي فونٽ استعمال ڪري سگهو ٿا. ان لاءِ ٽُولز حاضر آهن. سنڌي ريڊي فائل ڊائونلوڊ ڪريو. اها زپ (ZIP) فارميٽ ۾ آهي، ان کي ايڪسٽريڪٽ ڪريو ۽ کوليو. ان مان ڪي بہ لفظ ڪاپي ڪري پنھنجي فائل ۾ پيسٽ ڪيو تہ جيئن سنڌي لاءِ ڪيل سيٽنگز لاڳو ٿي وڃن. ان کانپوءِ ڪاپي ڪيل لفظ ڊاهي ۽ سنڌي لکو ۽‌ ان کي اڊوبي پروگرامن وسيلي سينگاريو. ان لاءِ ڪنھن بہ واڌاري سيٽ اپ جي ضرورت ڪانهي!‏ ان جي استعمال سمجهائڻ لاءِ بہ ويڊيو ٽيوٽوريل جي سوکڙي شبير ڪنڀار ۽ سندس ٻانھن ٻيلين وٽان ملي آهي جنھن لاءِ هو جس لھڻن.