ايم بي ثمر ٻولي شناس

هيءَ پروگرامنگ سچ بہ تہ سنڌي ويب پبلشنگ جي لاءِ تمام وڏي انقلابي آهي، جيڪا پياري امر فياض ٻرڙَي ۽ سندس ٽيم جوڙي آهي. جاوا ۽ جي ڪيوريءَ (jQuery) جي پروگرامنگ ۾ پھريون ڀيرو اسان جي ٻوليءَ جا اکر وجهي اهڙو پروگرام جوڙيو ويو آهي جنهن سان ويب سائيٽ تي پاڻمرادو سنڌي ٻولي، سندس بيھڪ ۽ فانٽ اڀري اچن ٿا.
ورڊ پريس، جوملا، ڊروپل يا ڪنھن بہ پي ايڇ پي پروگرامنگ تي سنڌي ويب سائيٽ ٺاهيندڙ هن پيڪيج کي ڊائون لوڊ ڪري ڏسيل هدايتن موجب فانٽ فائيل ۽ ٽيگس رکن. پوءِ سنڌي ٻولي جتي بہ لکبي پروگرامنگ پاڻمرادو بيھڪ ۽ فانٽ کڻندي.