سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

عثمان علي انصاري ايڊيشن آڌار جوڙيل
اليڪٽرانڪ ايڊيشن

 

 

پھريون ايڊيشن ترتيب ۽ پيشڪش:
عبدالماجد ڀرڳڙي 

ٻيو ايڊيشن: 31 مئي 2020 ع
ترتيب ۽ پيشڪش:
شبير ڪنڀار ۽ امر فياض ٻرڙو

پڌرو  ڪندڙ:
ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام

 


 

ٻہ اکر

رسالو سچل سرمست رح جو حاضر خدمت آهي. هي انٽرنيٽ ايڊيشن عثمان علي انصاري صاحب جي مرتب ڪيل نسخي جي آڌار تي آهي. سنڌ کان دور، آمريڪا ۾ رهندي مون لاءِ رسالي جا مختلف نسخا هٿ ڪرڻ، انھن کي ڀيٽڻ ۽ مناسب اڀياس کان پوءِ اهو طئي ڪرڻ تہ ڪھڙي ترتيب ۽ ترڪيب مناسب ۽ موزون آهي بيحد مشڪل ۽ وقت طلب ڪم هو. انصاري صاحب جي علمي قابليت ۾ تہ مون کي ڪو شڪ ڪو نہ هو، پر سندن ترتيب ڏنل رسالي جو ڪتابت جي غلطين کان آجو نسخو هٿ اچڻ مسئلو هو. ساڳي وقت منھنجي اها تمنا بہ هئي تہ جلد از جلد رسالي (سنڌي ڪلام) جي اليڪٽرانڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي آڻيان.

مھربان دوست گل آغا صاحب وٽ سندن چاچي آغا غلام نبي گل حسن خان جي ترتيب ڏنل سچل سائين جي زندگي ۽ ڪلام متعلق لکيل ڪتاب “سچل سر مست” جو 1933 ۾ ڇپيل ناياب نسخو هو ۽ انھن مھرباني ڪري انهيءَ جي ڪاپي بہ منھنجي عرض تي مون ڏانھن موڪلي. ان ڇاپي ۾ اعراب ڪونہ هئا، پر ٻئي هر لحاظ کان ڇاپي جي چُڪن کان پاڪ هو. ان کان علاوہ سائين جي ڪلام ۽ زندگي بابت ڪافي قيمتي مواد بہ منجهس آهي. پر جيئن تہ انصاري صاحب جي تدوين ڪيل نسخي ۾ انهي ڇاپي کي بہ مدنظر رکيو ويو هو، تنھن ڪري مون اهو وڌيڪ مناسب ڄاتو تہ انصاري صاحب جي ايڊيشن کي استعمال ڪجي. بھرحال جڏهن ۽ جتي نئين ڇاپي جي غلطين سان واسطو پيو اتي آغا صاحب جي نسخي منھنجي مدد ڪئي. وقت ۽ وسائل اجازت ڏني تہ آغا صاحب جي ناياب ڪتاب کي انٽرنيٽ تي آڻبو، انشاالله.

ڳالهہ اها بہ هئي تہ رسالي جي ڪمپيوٽر ڪتابت لاءِ جن ٻن مھربانن هي ڪم پنھنجي سر کنيو، انهيءَ ڳالهہ بہ اهو ضروري بڻايو تہ اسان ٽنهي وٽ رسالي جو ساڳو ئي نسخو هجي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن هو جو اهڙو ڇاپو چونڊجي جيڪو عام دستياب هجي. مون وٽ روشني پبليڪيشن جو ڇپايل رسالو هٿيڪو هو سو دوستن کي عرض ڪيم تہ هو بہ اهو ڇاپو وٺي ۽ ڪتابت شروع ڪن. پروف ريڊنگ جو ڪجهہ ڪم اڃان بہ رهيل آهي، جيڪو جلد از جلد پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي.